محمد يوسف جويو
محمد ابراهيم جويو ۽ وڏن جي تعليم ( تعليم بالغان )
گذريل ويهين صديءَ تي جڏهن نظر وجهبي ته اسان کي تعليم جي شعبي ۾ وڏا وڏا نالا نظر ايندا، جن جي زندگيءَ ۽ ڪم جو احاطو ڪرڻ اسان لاءِ وڏو ڏکيو ڪم ٿيندو. ها! جيڪڏهن اسان جا تعليمي ادارا جهڙوڪ يونيورسٽيز ۽ ٻيا پنهنجن شاگردن کان انهن شخصيتن جي زندگي، ۽ انهن جي علمي ڪم تي پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ڊگريون ڏئي ڪري تحقيق ڪرائين ته شايد پوءِ ڪجهه سالن ۾ اُهي تعليمدان، ۽ انهن جو علمي ڪم ڪجهه نروار ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي تعليمي شعبي ۾، انهن وڏن نالن ۾ هڪ نالو محمد ابراهيم جويي صاحب جو به آهي. محمد ابراهيم جويو هڪ تعيلمدان هجڻ سان گڏ هڪ مدبر اديب ۽ دانشور آهي. هن ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘ جهڙو ڪتاب لکي، ان وقت سنڌ وطن جي سياستڪارن جي رهبري ڪئي. ۽ انهن کي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ گسَ ۽ ڏسَ طئي ڪري ڏنا. ان کان پوءِ ٻيا ڪئي ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا. جن جا فلسفو، تاريخ، ادب، ٻولي ۽ تعليم وغيره جهڙا اهم موضوع آهن. سائين محمد ابراهيم جويو پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد هو. تنهن ڪري هُو پاڻ سمجهندو هو ته تعليم ئي آهي جيڪا قومن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي ضامن آهي. تعليم قومن کي شعور ۽ عقل ڏئي ٿي. قومي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياري دنيا ۾ پنهنجي وطن واسين جو ڳاٽ اوچو رکي ٿي. تنهن ڪري هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم تي گهڻو لکيو ۽ ترجما ڪيا آهن. جن ۾ ” ’ايملي عرف تعليم‘، ’علم تدريسي مظلومن لاءِ‘، ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘، ’اسان جي ٻولي ۽ اسان جي تعليم‘ “ وغيره هن اسڪولن ۾ پاڙهجندڙ درسي ڪتابن ۾ ڪل 43 ڪتاب، ايڊٽ ڪيا جن ۾ سائينءَ جا ڪجهه ڪتاب مڪمل لکيل به شامل آهن. انهن لکيل ڪتابن مان ڪجهه ساڳيا ڪتاب اڄ تائين به اسڪولن ۾ پاڙهيا پيا وڃن. جڏهن گورنمينٽ 1972ع ۾ ايجيوڪيشن پاليسي آندي ۽ ان ۾ وڏن جي تعليم يعني تعليم بالغان جو پروگرام شامل ڪيو ويو، تڏهن انهن جي لاءِ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي جوڙڻ جي ضرورت پئي. ته ان وقت سائين محمد ابراهيم جويو بالغن جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا. ۽ انهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي مُک ميمبر طور ڪم ڪيو. وڏن جي تعليم لاءِ اُن وقت جا لکيل ڪتاب اڄ تائين ” تعليم بالغان “ جا بنياد رهيا آهن. هت انهن ڪتابن جو ببليوگرافيڪل جائزو ورتو ويو آهي، جيڪي هن بالغان جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب طور پاڻ لکيا آهن. جن ۾پاڻ هڪ ليکڪ جي حيثيت کان سواءِ ايڊيٽر، نظرثاني ڪندڙ ۽ صلاحڪار وغيره طور اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي ڪتاب گورنمينٽ آف سنڌ جي پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن ڇاپيا آهن.
- تعليم بالغان لاءِ لکيل ڪتاب
1. اچو ته وڌيڪ پڙهون (بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب) 1973ع
اچو ته وڌيڪ پڙهون: بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي. هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ تصور ڏنل آهن، جن تي آرٽسٽ جو نالو لکيل نه آهي. جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل ۽ صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد ماڻهو روايتي لباس ۾، ڪتاب پڙهي رهيا آهن. ڪتاب ۾ سڀ سبق بيان واري انداز ۽ ڪهاڻي جا انداز ۾ لکيل آهن جنهن جي پڙهڻ سان دلچسپي وڌي ٿي. گڏو گڏ ڪجهه نظم پڻ شامل آهن جن جا شاعر ”خليفو گل محمد گل هالائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي آهن. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. هر سبق جي آخر ۾ پڙهندڙ جي لاءِ، خود آزمائش جِي هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾ سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ مڪمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپيو، ۽ ڇاپيندڙ دي ٽائيمس پريس ڪراچي آهي. جڏهن ته هي ڪتاب 53 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڇپيل تعداد 350000 آهي.
2. اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:
اچو ته لکون: بالغن جو هي پهريون ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي. هي ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ زيرن زبرن يعني ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيون آهن . هن ڪتاب ۾ رسيد، خط ۽ درخواست لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي ”الف بي جا آواز“ جي پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ لکڻ جي مشق جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون ايڊيشن آهي، جڏهن ته هي ڪتاب 49 صفحن تي مشتمل آهي.
3. ڪتاب (1) : بالغن لاءِ
ڪتاب (1 ) : هي بالغن جي پڙهائڻ لاءِ پهريون، پرائيمري ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف سٺي آهي. ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصوير يا اسڪيچ پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن ته هڪ عورت وري سلائي ڪري رهي آهي. ان کان علاوهٰ هن ڪتاب ۾ الف بي جي پٽي، هڪ پيج تي ”الف بي جا آواز“ جي پٽي ، هڪ پيج تي ”اکرن جون گڏيل صورتون“ ۽ آخري پيج تي سَوَ تائين انگن جو چارٽ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ پڙهڻ جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون ايڊيشن آهي، جڏهن ته هي ڪتاب 41 صفحن تي مشتمل آهي.
4. ڪتاب (2): بالغن لاءِ
ڪتاب -2 : هي بالغن جي پڙهائڻ لاءِ پهريون، پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن. ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن ته هڪ عورت وري سلائي ڪري رهي آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ پڙهڻ جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي ٻيو ايڊيشن 1987ع ۾ ڇپيو آهي، جڏهن ته هي ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي.
5. ڪتاب (2)
ڪتاب (2 ): هي بالغن جي پڙهائڻ لاءِ پهريون، پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ” قومي ڪميشن براءِ خواندگي و تعليم عامه “ حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد، مان ڇاپيو ويو جڏهن ته نيشنل بڪ فائوڊيشن ڪراچي هن جو ڇپائيندڙ هو . هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن. ۽ انهن کان پوءِ سبقن جي آخر ۾ خود آزمائش جي لاءِ مشقون ڏنل آهن ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪابه تصويرڏنل ڪانهي ، ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ پڙهڻ جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون ايڊيشن 1985ع ۾ ڇپيو آهي، جڏهن ته هي ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي. ۽ ڇپجڻ جو تعداد هڪ لک تعداد آهي.
6. اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:
اچو ته لکون: بالغن جو هي پهريون ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي. هي ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري، هت زيرن زبرن يعني ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن (مونو ڪلر) جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيا آهن . هن ڪتاب ۾ رسيد، خط ۽ درخواست لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي ”الف بي جا آواز“ جي پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ لکڻ جي مشق جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي ٻيون ايڊيشن آهي، جيڪو 1973ع ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته هي ڪتاب 49 صفحن تي مشتمل آهي. ڇپيل ڪتابن جو ڪل تعداد 350000 آهي.
7. عملي حساب- بالغن لاءِ (سنڌي)
8. عملي رياضي..بالغن لاءِ (اردو)
عملي حساب: بالغن لاءِ ، پهرئين ڪلاس جي معيار جو هي ڪتاب بالغن لاءِ آهي ، جيڪو اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد اقبال ملڪ ۽ محمد صضير شيخ جڏهن ته صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر بيگم شمس عباسي، محمد ابراهيم جويو، علي محمد مهر، محمد اقبال ملڪ، محمد صغير شيخ، مسز ليلاهر چنداڻي، محمد بچل ميمڻ ۽ مس ڪوثر خان شامل آهن ان کان علاوهٰ نظر ثاني ڪندڙن ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ عبدالغفار صديقي شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ تصور ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي آرٽسٽ ساجد جي صحي ٿيل آهي. هي ڪتاب تصويرن جي ذريعي پڙهندڙن لاءِ، جوڙ، ڪٽ، گهڻائي ٿورائي، اڌ سڄو، يا روز مره جي ڪمن ڪارين ۾ اسعمال ٿيندڙ حساب ڪتاب جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين، جي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جي طريقي تي جوڙيل آهي. هي ڪتاب 7x9 نچن وارو پورو پـنو ڪتاب 40 صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته هن جِي قيمت ڪانه آهي، هن جو هي پهريون ڇاپو ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو آهي
9. جوت: پهريون ڪتاب (خواندگي نصاب 2007 مطابق) 2010 آزمائشي ڇاپو
هي ڪتاب ”جوت“، پهريون ڪتاب بالھن جي تعليم لاءِ آهي ، جيڪو ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم ۽ تعليم ۽ خوندگي کاتو حڪومت سنڌ طرفان 2010ع ۾ پهريون ڇاپو آزمائشي طور ڇپي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد شاهه، مهرالنساءِ لاڙڪ، فهميده چنه، سيد امداد حسيني، سيد شير شاه ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي؛ جڏهن ته نگران اعليٰ عبدالوهاب عباسي ۽ ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويو، سيد امداد حسيني ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي شامل آهن. انهن کان علاوهٰ ڇپائيءَ جا نگران سڪندر ملاح ۽ عزيزبانو چنه آهن، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هدايت الله جوڻيجو ڪئي آهي. هي سڄو ڪتاب جي سهڻي ڇپائيءَ سان رنگين ۽ باتصويرن سان ڇپيل آهي. ڪتاب ۾ شامل سبقن ۾ ڪجهه نوان ته ڪجهه وري پراڻن ڪتابن تان ورتل آهن. ڪتاب جي سڀني سبقن ۾ ايرابن يعني زير، زبر، پيش ۽ ڳالهائڻ جي نشانين يعني عجب جي نشاني، سواليه نشاني، دم، اڌ دم وغيره جو صحي استعمال آيل آهي. هي ڪتاب 100 صفحن جو، جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه آهي. ڪتاب جو ڏيک واري رنگين جلد تي ڪجهه عورتن کي هڪ استاد عورت پڙهائي رهي آهي. ڪتاب يونيسڪو جي مدد سان سنڌ جي تعليم ۽ خوندگي کاتو حڪومت سنڌ گڏيل طور ڇپايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هي ڪتاب سائين محمد ابراهيم جويي جو آخري ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ايڊيٽ ڪيائون.
10. سنڌي زبان جي بنيادي لغت
هي هڪ نه پر سڄيون ساريون ٽي مختلف هيتن جون لغتون آهن. تنهن ڪري هنن کي لغتون ڪري سڏجي ته بهتر ٿيندو. هي هٿ اکرن سان لکيل آهن، جيڪي ليٿو پريس تي ڇپيون ويون آهن. ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي. ٻاهريو ڏيک وارو جلد هڪ طرف سنڌيءَ ۾ ۽ ٻئي طرف وري انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي. هنن مان فائدو حاصل ڪرڻ يا هن جي استعمال جو طريقو پڻ اندر مهاڳ ۾ ڏسيل آهي. سادا لفظ، مزڪر ۽ مونث، جمع واحد ۽ گرامر جو آسان استعمال پڻ ڏسيو ويو آهي. پهرين پر سڀني ڪتابن جي ساڳئي ئِي پيش لفظ ۾ جناب غلام رباني آگرو لکي ٿو ته ” تاريخ 8 جون 1972ع تي، حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪتابي سال ملهائڻ لاءِ مکيه علمي ادارن جي سربراهن ۽ نمائدن جي اسلام آباد ۾ هڪ ميٽنگ ڪوٺائي. جنهن ۾ مون ( غلام رباني آگرو) کي سڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جي نمائندي جي حيثيت ۾، انهيءَ ميٽنگ ۾ سڏيو ويو. مذڪور ميٽنگ ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل ٽن ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي ضرورت ۽ اهميت تي گفتگو ٿي.“ رباني صاحب اڳتي لکي ٿو ته ” پروفيسر سيد غلامصطفيٰ شاهه صاحب ۽ مون کي هدايت ڪئي وئي ته جيئن ته اِهي ڪتاب نئينءَ تعليمي پاليسيءَ هيٺ بالغن جي تعليم لاءِ گهربل آهن، انڪري جيترو جلد ٿي سگهي انهن کي جلدي تيار ڪرائي حڪومت کي موڪليا وڃن.“ رباني صاحب اُنهيءَ پنهنجي پيش لفظ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ان کان پوءِ جلدي ئي سنڌ جي تعليمدانن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي وئي. انهيءَ ميٽنگ ۾ مذڪور ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي مسئلن ۽ ڪم جي طريقه ڪار بابت ويچار ڪيو ويو ۽ مذڪور ٽنهي فهرستن جي تياريءَ جو ڪم ماهرن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي سپرد ڪيو ويو، جنهن جو ڪنوينر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ميمبرن ۾ محمد ابراهيم جويوصاحب، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ سيد محمد صالح شاهه بخاري صاحب مقررڪيا ويا ۽ محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب کي انهن ٽنهي فهرستن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اُنهن عالمن جي محنت ۽ تحقيق جي نتيجي طور سنڌي زبان جون زير نظر بنيادي لفظن جون ٽي لغتون مرتب ٿيون آهن.“
بنيادي لغت جا لفظ 800
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر 75
سڀ قومي لفظ 175
ڪل لفظ 1050
بنيادي لغت جا لفظ 800
وڌايل لفظ 450
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر 75
سڀ قومي لفظ 175
ڪل لفظ 1500
بنيادي لغت جا لفظ 800
وڌايل لفظ 450
ڪاروباري لفظ 750
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر 75
سڀ قومي لفظ 175
هِنَ مٿين ٽن لغتن جا ڪتاب وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران جوڙايا ويا ۽ پنهنجي ئي اداري پاران 1973ع ۾ ڇاپيا ويا آهن. جن جي مواد جو وَچُور مٿي ڏنو ويو آهي. هن لغتن جي جوڙڻ يا سهيڙيندڙن ۾ غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ محمد صالح شاهه بخاري، جڏهن ته هنن کي ايڊٽ ڪندڙ يا سموهيندڙ سيد حسام الدين راشدي جن آهن. اڳتي هلي هيءَ لغت وڏي جامع لغت سان ملي عام ٿي وئي.
حوالا:
1- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ) اچو ته وڌيڪ پڙهون: بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب . حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو پهريون. صفحه53 قيمت .؟ رپيا
2- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ) اچو ته لکون: لکڻ جو پهريون ڪتاب . حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو پهريون. صفحه49 قيمت .؟ رپيا
3- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ) ڪتاب (1): پڙهڻ جو پرائيمري ڪتاب . حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو پهريون. صفحه 41 قيمت .؟ رپيا
4- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ) ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريون ڪتاب . حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1987 ع. ڇاپو ٻيو. صفحه 54 قيمت .؟ رپيا
5- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ) ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريوڻ ڪتاب. ڪراچي: نيشنل بڪ فائونڊيشن. 1985ع. ڇاپو پهريون. صفحه 52 قيمت ؟ رپيا
6- ملڪ، محمد اقبال.......(لکندڙ) عملي حساب: بالغن لاءِ. ڄامشورو: اداره نصاب ۽ توسيع تعليم سنڌ. سال ؟ ڇاپو پهريون. صفحه 40 ، قيمت ؟ رپيا
7- شاهه، سحر امداد (ڊاڪٽر).......(لکندڙ) جوت : پهريوڻ ڪتاب. ڪراچي: ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم، تعليم ۽ خواندگي کاتو، سنڌ. ڇاپو پهريون. صفحه 100 قيمت ؟ رپيا
8- جويو، محمد يوسف.( 2016) محمد ابراهيم جويو:نصابي ڪتابن جوڙڻ ۾ هڪ اهم ڪردار.ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. ٽه ماهي مهراڻ. جلد 66، نمبر 1-2 ، ص 25، 37- 39. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
9- غلام رباني آگرو.( 1973) پيش لفظ. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
10- سنڌي زبان جي بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
11- سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
12- سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں