منهنجو پيءُ هميشه گهڻو ڪري سڄي عمر کيس
ابراهيم ڪري سڏيندو رهيو ۽ ياد ناهي ته مان به کين ننڍپڻ کان اڄ ڏينهن تائين چاچا
ابراهيم ڪري سڏيندو آهيان. شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب جي اڌ صدي جي دوستي
۽ رفاقت فڪري ۽ ذاتي به رهي آهي، جو سندس وڏي ڌيءَ چاچا ابراهيم جي نُنهن آهي ۽ اهڙي
سيڻيءَ واري رشتي کان ڪافي اڳ ۾ 1964ع ڌاري شيخ اياز جي اولاد مان واحد ٻار آنءُ
آهيان، جيڪو تعليم جي لاءِ چاچا ابراهيم جي گهر ٻارن سان سال ڏيڍ حيدرآباد ۾ رهيو
آهيان ۽ 1965ع واري جنگ ۾ بابا جي نظربنديءَ ڪري وري واپس وڃي سگهيوس. اهڙو ڪجهه ذڪر
اردو جي مشهور ليکڪ مظهر جميل سيد، چاچا ابراهيم جي آتم ڪٿا ”ايڪ صدي ڪي آواز“ ۾ ڪيو
آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، جيئن سنڌ جي دانشورن جي راء
آھي ته ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز جي دوستي جو محور ۽ محُرڪ فقط ئي فقط سنڌ رهيو آهي
۽ سنڌ جي حوالي سان سموري سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ ان جو شعور رهيو آهي، سنڌ جي
خوشحالي، آجپي ۽ هڪ نئين سنڌ جي تعمير شروع ڪئي آهي. اياز صاحب خود پاڻ جويو صاحب
لاءِ لکن ٿا، ”منهنجي دوستي ۾ ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي ۽
جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها ۽ اُهي آهن حشو، سوڀو ۽
ابراهيم جويو، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن روميءَ جي شمس
تبريز سان رهي هئي، اهي ئي ٽي ماڻهو آهن جيڪي مون کان منهنجي ليکي چوکي وٺڻ جا
حقدار آهن“ ۽ خاص ابراهيم جويو لاءِ، ”منهنجي ۽ هن جي دوستي رومي ۽ شمس تبريز واري
هئي جنهن رومي جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي وئي هئي.“ (ڪتاب ڪراچيءَ
جا ڏينهن ۽ راتيون ص 47-48، 174) وڌيڪ اياز صاحب جي مڪمل تعريف هنن لفظن ۾ آهي،”
جويو، ڪيرت ۽ ڪرانتيڪاريءَ جو ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي. تو ته هن جي اُڻت ڏٺي آهي، پر جڏهن
سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته ان جو سارو لباس، هن جي آڏائي ۾ اُڻيل نه
آهي، هي اُهو آدي جگادي الوت ماڻهو آهي جونو ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي گم ٿي
ويندو آهي“. شيخ اياز ڪجهه ڪتاب ابراهيم جوئي جي نالي منسوب ڪيا آهن ۽ فقط هڪ شڪوه
نظم جويا او جويا جي عنوان سان لکيو، جيڪو شاعر ليکڪ ۽ سياسي رهنما رشيد راڄڙ جي ڪتاب
۾ شايع ٿيل آهي ۽ ٻيو ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه آهي. سچ ته شيخ اياز کان سواءِ ٻيو ڪنھن
به ابراهيم جوئي جو ذڪر ايترو نه ڪيو آهي ۽ نه وري انهن ٻنهي جو ذڪر هڪ ٻئي کان ڌار
ڪو مڪمل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو پر افسوس سان الائي ڇو ابراهيم جوئي صاحب جو سو سالا جنم
ملهائيندڙ ڪميٽي جيڪا ناميارن ليکڪن ۽ دانشورن تي مشتمل آهي تنهن ۾ شيخ اياز جي
اولاد مان ڪنهن به فرد کي ميمبر نه رکيو ويو آهي، جيڪو اهڙي رشتي جي ڀرپور
نمائندگي ۽ پوئيواري ڪري سگهي.
جيڪي فراقون سو وصالون نه ٿئي،
اچي اوطاقن مون، پرين پري ڪيو. (شاهه)
”تنهنجيءَ ماءُ به ڏاڍا ڏک ڏٺا.“ اوچتو
چاچا ابراهيم آغا خان اسپتال ڪراچي (2010) جي بيڊ تان اهي لفظ چئي مون کي ڇرڪائي وڌو
۽ مان اچرج ۾ پئجي ويس. اهڙا لفظ هن هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي الائي ڪيئن منهنجي
ماءُ کي ساريندي سندس ڏکڙا ياد ڪيا، جڏهن هڪ دفعو هوءَ بيواهه ٿي هئي ۽ ٻيو دفعو
گهر وسايو هئائين، سندس ڏکوئيندڙ آواز باءِ پاس ٿيل آپريشن سان چيريل وڍيل سيني
مان ٿي ڄڻ نڪتو وڌيڪ چيائين ته ”… مون ڪڏھن به اياز کي اهو ڪونه چيو ھو ته تون ٻه ٻه
گھر ٿو ھلائين ۽ تھنجو تخليقي ڪم متاثر ٿو ٿئي ۽ نه ڪوتنهنجي ماءُ جو به ڏوھ هو. اياز
جي مرڻ تي ڏک وچان چيو هوندائين مون لاءِ جو (جيڪو اخبارن ۾ آيو هو، سھي يا غلط)
اسان، مان ۽ رباني اياز جا ويجها هئاسين.“ اهو چئي وري چاچا ابراهيم چيو، ”اڙي
هاءِ هاءِ.“
بھترين
جواب دیںحذف کریں