لائبريري سائنس جو نصاب
ڪنهن به شيءِ، هنر يا علم کي سکڻ
لاءِ، ان کان اڳ ۾ ان جي لاءِ هڪ رٿابندي، ترتيب، منصوبابندي يا ڪي قاعدا
قانون جوڙيا يا ٺاهيا ويندا آهن، ته جئين اهو ڪم هڪ خاص ترتيب ۽ معيار سان جڙي
مڪمل ٿئي ۽ اهو نتيجو پڻ ڏئي، ڇاڪاڻ ته جي
ڪو ڪم ڪجي، ته ان جو مطلب آهي ته ان مان انسان ذات کي ڪو فائدو ملي تڏهن چئبو ته
هي ڪم ڪنهن معيار جو آهي! پر جيڪڏهن اهو
ڪم ڪوبه فائدو نه ٿو ڏئي ته سمجهبو ته ان ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ جيڪو ارادو، رٿابندي،
ترتيب يا قاعدا قانون جوڙيا ويا هئا سي غلط آهن يا بنهه غير معياري آهن، جنهن جي
ڪري ڪم جي ڪا به رزلٽ يا نتيجو نه مليو آهي. هاڻ
ان جو مطلب ٿيو ته ڪنهن به شيءِ کي ٺاهڻ لاءِ يا ڪو به هنر سکڻ لاءِ يا علم
حاصل ڪرڻ کان اڳ جيڪا رٿابندي،ترتيب،پاليسي، قاعدا قانون يا اصول جوڙيا وڃن سي هڪ
اعليٰ معيار جا هجڻ کپن ۽ ان کي علمي ٻوليءَ
۾ نصاب يا ان جي رٿابندي چئبو آهي.
لائبريريون تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جو
اهڃاڻ هونديون آهن. انهن مان اسان کي هزارين سالن جي محفوظ پيل تاريخ ملي ٿي، هاڻ
ته هن نئين دور ۾ لائبريري هڪ انفارميشن ريسورس سينٽر Information
Resource Center جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. جنهن جي ذريعي
پڙهندڙن کي نئين ۽ تازي معلومات دنيا جي
ڪنهن به ڪنڊ، ملڪ يا علائقي مان تمام ٿوري وقت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي. لائبريريءَ کي
نظم و ضبط سان، ڪن قاعدن قانونن تحت هلائڻ ۽ وري
پڙهندڙن کي صحيح، درست ۽ تڪڙي
معلومات ميسر ڪري ڏيڻ به هڪ
علم ۽ اعليٰ فن جو طريقو آهي. جنهن کي علم
لائبريري ۽ انفارميشن سائنس چئجي ٿو. اڳ ۾ هي علم صرف
يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندو هو، هاڻ هن علم جي اهميت کي محسوس ڪندي هيٺين سطح جي
ڪلاسن (اسڪولن ۽ ڪاليجن) ۾ پڻ هڪ ”اليڪٽو سبجيڪٽ Elective Subject “ طور گذريل ڪجهه عرصي کان
پڙهايو پيو وڃي.
نصاب(Curriculum) :
نصاب جنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪريڪيوليم چئجي ٿو ڪريڪيوليم کي ڊڪشنري آف ايجيوڪيشن
۾ هيٺيئن ريت واضح ڪيو ويو آهي:
-A
systematic group of course or sequences of subject required for Graduation or
certification in major field of study i.e Social Studies curriculum or Language
Curriculum♦
-A general overall
plan of the content or specific materials of instruction that the school should
offer the student by way of qualifying him for graduation or certification or
for entrance in to a professional or a vocational field.♦
♦Good, Carter V.
(Editor): Dictionary of Education. Carter V.Good, Editor; New York, McGraw-Hill Book Company, III rd Edition.1973, P.157
نصاب جو لفظ تمام وسيع معنيٰ رکي ٿو، ان جي مفهوم ۾ سماج جو ڪل وهنوار،
درسگاهه جو اندروني ۽ ٻاهريون ماحول، قومي ثقافت ۽ تمدن ، تاريخ ۽ دنيا جي ارتقا وغيره جا سڀ
احوال اچي وڃي ٿو.
دنيا ۾ نصاب ملڪ جي قومي تعليمي
پاليسيءَ جي مطابق جوڙيو ويندو آهي، ڪنهن به ملڪ جي قومي تعليمي پاليسي ان جي سماج
جي جديد گهرجن ۽ قومي نظرين جي مطابق هوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ مختلف حڪومتي دورن
۾ تعليمي پاليسيون اينديون رهيون آهن انهن جو ڪو خاص وقت يا عرصو مقرر نه
آهي؛ انهن پاليسين جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
1.
پاڪستان ۾ پهرين تعليمي
ڪانفرنس 27 نومبر 1947ع ۾ قائد آعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ٿي هئي، ان
ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪيا ويا تن کي
تعليمي پاليسيءَ جو درجو مليل آهي.
2. 1959ع قومي تعليمي پاليسي
3. 1970ع قومي تعليمي پاليسي
4. 1972ع قومي تعليمي پاليسي
5. 1979ع قومي تعليمي پاليسي
6. 1992ع قومي تعليمي پاليسي
7. 1988ع قومي تعليمي پاليسي
8. 9 سيپٽمبر 2009ع قومي
تعليمي پاليسي، هيءَ موجود ه حڪومت جي وفاق جي، تعليم جي وزير محترم مير هزار خان
بجارڻي پڌري ڪئي آهي.
(نوٽ: مٿين
پاليسين جو تفصيل انٽرنيٽ تان ورتو ويو آهي )
انهن تعليمي پاليسين کان علاوهٰ
مختلف وقتن ۾ مختلف تعليمي پلان پڻ اچي چڪا آهن، پر انهن پاليسين ۽ پلانن جي مطابق
به تعليمي ڪم ٿي نه سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته جلدي جلدي حڪومتن جو تبديل ٿيڻ ان جو وڏو
سبب آهي.
علم لائبريري سائنس جو نصاب:
اعليٰ ثانوي ڪلاسن ۾ پڙهايو ويندڙ لائبريري سائنس جو مضمون آپشنل آهي ۽ ان جو پڻ
ڪريڪيوليم تيار ٿيل/ منظور ٿيل آهي ۽ اهو
هر سال ريوائيزڊ ڪيو ويندو آهي پر هت گهڻي
وقت کان اهو ڪريڪيوليم ريوائيزڊ نه ڪيو ويو آهي جنهن جو پڻ تفصيل هن ريت آهي:
·
پنجاب ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي
طرفان پهريون ڀيرو لائبريري سائنس جي مضمون جي
نصاب کي جوڙڻ لاءِ نيشنل ڪريڪيوليم سب ڪاميٽي (National
Curriculum Sub Committee) جوڙي وئي، جنهنجو ڪنوينر
ڊاڪٽر محمد علي قاضي▪ هيو ان سان گڏ ٻيا ست ميمبر پڻ کنيا ويا هئا. ڪريڪيوليم سب
ڪاميٽيءَ پنهنجو فرض پورو ڪندي لائبريري سائنس جو پهريون ڀيرو ڪريڪيوليم ( نصاب )
جوڙي ڪري پڌرو ڪيو ويو. جيڪو ”ڪريڪيوليم ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ سينٽر لاهور، مئي 1977ع
۾ نيشنل ڪور ڪاميٽيءَ طرفان شايع ڪيو ويو
هو.
·
هن ڀيري لائبريري سائنس جو
نصاب 1988ع ۾ پڌرو ٿيو، جيڪو اڳوڻي نصاب کان نئون ، ان وقت جي ۽ لائبريرينشپ جي گهرجن جي مطابق جوڙيل هو. هي
يارهن سالن کان پوءِ پڌرو ڪيو ويو هو، ان نصاب مطابق ئي صوبن جي
ٽيڪسٽ بڪ بورڊن ڪتاب تيار ڪرايا ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچيءَ
( پبلشر ) طرفان، لائبريري سائنس ڪلاس
يارهين ۽ ٻارهين لاءِ، 2001ع ۾ ڇپي پڌرا ڪيا ويا. ان مطابق ”لائبريري سائنس“ جي
تعليم صوبن جي اعليٰ ثانوي ڪلاسن ۾ شروع ڪئي وئي.◘
·
هاڻي 2009ع ۾
ٽيون ڀيرو 21 سالن کان پوءِ لائبريري سائنس جو نصاب نئين ۽ جديد تقاضائن
مطابق، ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجي ۽ انهن جي جديد گهرجن مطابق ريوائيزڊ ڪيو پيو وڃي، جيڪو
اميد آهي ته گذريل نصاب کان بهتر هوندو.
▪
He is eminent Scholar, Teacher and Librarian as well as the founder and first
Chairmen of the Deportment of Library Science, University
of Sindh , Jam shoro and also Convener
of the national Curriculum Sub Committee in Library Science for Class XI-XII, Lahore : May 1977
◘ National Bureau of Curriculum
and Text Book, Government of Pakistan ,
Ministry of Education, Islamabad ,
1988
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں