محمد يوسف جويو
سنڌ جو عظيم ڏاهو ، دانشور ، فلاسفر ۽ اديب محمد
ابراهيم جويو صاحب جي شخصيت ڪنهن کان به ڳجهي ڪانه آهي. هي هڪ کليل ڪتاب آهي، هن
جي سڄي حياتي ڪتابن لکڻ، پڙهڻ، سيکارڻ ۽ راهه ڏسڻ ئي رهي آهي. هي بزرگ هستي، لطيف
جي هن بيت جي اپٽار جيان آهي ته
هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ئي مرڪ
وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راهه ۾
هن شخصيت جي زندگي ڏک ڏاکڙا سهندي، برداشت ڪندي،
اڳتي وڌندي رهي آهي. پر هن اڄ تائين ڪنهن کان به ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ نه وري ڪنهن کي
ڪو ڏوراپو ڏنو آهي. هي ماڻهو پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ هميشه اڏول ۽ اٽل رهيو ۽ رهندو
اچي ٿو. اهو به وقت هو،
جڏهن ڪراچيءَ جي ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ سنڌ جا سياستدان ۽ مفڪرهندستان جي ورهانڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ بابت بحث ڪندا هئا. تڏهن هي نوجوان هو ۽ پنهجي جوانيءَ جا اهي خوبصورت ڏينهن سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ سوچيندي ، فڪر ڪندي ۽ پاڻپتوڙيندي انهيءَ ڪراچي شهر جي هڪ ننڍڙي ڪرائي جِي ورتل جاءِ جي هڪ ڪمري جِي ڪنڊ ۾ ويهي، هٿ بتي (لالٽين) جي روشنيءَ هيٺ ”سيو سنڌ سيو ڪانٽينيٽ “ ( سنڌ بچايو ، کنڊ بچايو ) ڪتاب لکي ، انهن ڏاهن، سياستدانن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ راهه ڏسيندي سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ هڪ جنگ جوٽي، جيڪا هو پنهنجي عمر جي هن ضعيفي حالت ۾ به اٽل ۽ اڏول رهي، اڪيلي سر ميدان ۾ اڃا به بيٺو آهي ۽ اُها جنگ لڙي رهيو آهي. ان آس ۾ ته سنڌ جو آجپو نيٺ ٿيڻو آهي.
جڏهن ڪراچيءَ جي ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ سنڌ جا سياستدان ۽ مفڪرهندستان جي ورهانڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ بابت بحث ڪندا هئا. تڏهن هي نوجوان هو ۽ پنهجي جوانيءَ جا اهي خوبصورت ڏينهن سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ سوچيندي ، فڪر ڪندي ۽ پاڻپتوڙيندي انهيءَ ڪراچي شهر جي هڪ ننڍڙي ڪرائي جِي ورتل جاءِ جي هڪ ڪمري جِي ڪنڊ ۾ ويهي، هٿ بتي (لالٽين) جي روشنيءَ هيٺ ”سيو سنڌ سيو ڪانٽينيٽ “ ( سنڌ بچايو ، کنڊ بچايو ) ڪتاب لکي ، انهن ڏاهن، سياستدانن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ راهه ڏسيندي سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ هڪ جنگ جوٽي، جيڪا هو پنهنجي عمر جي هن ضعيفي حالت ۾ به اٽل ۽ اڏول رهي، اڪيلي سر ميدان ۾ اڃا به بيٺو آهي ۽ اُها جنگ لڙي رهيو آهي. ان آس ۾ ته سنڌ جو آجپو نيٺ ٿيڻو آهي.
جويي صاحب جي ڪتبخاني جو سفر به سائين جي زندگيءَ
سان سلهاڙيل رهيو، جتي جويي صاحب جو گهر، اتي سندس رهائش جو ڪمرو ئي سندس ڪتب خانو
رهيو. ها گهر ۾ سندس رهڻ واري ڪمري جو ڏيک به عجيب ۽ پُرڪشش رهيو آهي، هر هنڌ ڪتاب
ئي ڪتاب سمهڻ واري بستري جي هڪ پاسي ڪتاب،اخبارون ۽ لکيل مواد جي پنن ۽ فائلن سان
ڀريل، مطلب ته بيڊ جو هڪ پاسو ڪتابن ۽ لکيل مواد سان سٿيو پيو آهي، باقي بيڊ جو هڪ
ٻئي سوڙهي پاسي کان جويو صاحب سمهي آرام ڪري، ته ويهي ڪتاب پڙهي به، ته لکڻ جو ڪم
به ڪري وري مٿان ڪن ڪتابن کي ايڊئٽ ڪري يا وري ڪن ڪتابن جا مهاڳ پيو لکي؛ مطلب ته
ڪو پل خالي نه آهي جنهن ۾ ڪو فڪري يا تخليقي ڪم نه ٿئي يا لکڻ، پڙهڻ نه ٿئي، ”جو
دم غافل سو دم ڪافر “هي ڇا ته شخص آهي جنهن جو هر پل، هر گهڙي، هر قول۽ فعل سان هم
آهنگي رهي ٿي، هي ماڻهو ڪو عجيب آهي، هن جي سوچ جو محور سنڌ، هن جي لکڻ جو مقصد
سنڌجو ڇوٽڪارو، هن جي ڪچهريءَ ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا ڏس ۽ هن جو ساٿ سنڌي ماڻهن جي
ترقي ۽ خوشحالي، هن سان ڪچهري نوجوانن جي همٿ ۽ اتساهه جوسبب هميشه رهندو ٿو اچي.
سندس زندگيءَ جي سڄي پونجي جيڪا آهي سا هيءَ ته هن جا لکيل ڪتاب ۽ ليک ۽ ٻيو هي
گڏڪيل ڪتاب يعني لائبريري آهي. اها ئي سندس ڪل ملڪيت آهي.
پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي سنڌ سان سلهاڙي هي شخص پنهنجي
زندگيءَ جو سفر کي اڳتي وڍائيندي پنهنجي هن ڪتبخاني کي سنڌي قوم جي امانت سمجهندي
چوي ٿو ته ” جئين مون هن ڪتابن کي پڙهي گهڻو سکيو آهي، تئين مان چاهيان ٿو ته
منهنجي سنڌي قوم جا نوجوان به هنن ڪتابن کي پڙهي گهڻو سکن ۽ پنهنجي منزل ماڻين.“
وڌيڪ چوي ٿو ته ” مان هي سڀ ڪتاب (ڪتبخانو) سنڌ ادبي بورڊ جي لائبريريءَ کي ”مفت“
ڏيان ٿو.ڇو ته سنڌي ادبي بورڊ سان منهنجي زندگي رهي آهي ۽ ٻيو ته منهنجي دل ادبي
بورڊ سان آهي ته ان جي لائبريري وڌي ويجهي؛ ۽ اتي ماڻهو پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ايندا
آهن.“ پوءِ بس سائين جي حڪم تي سندس لائبريري سنڌي ادبي بورڊ کي ملي وئي. ان
پنهنجي لائبريريءَ مان هي صرف ٽن شخصيتن جا ڪتاب پاڻ وٽ رکي ٿو، جن سان هن جو گهرو
، فڪري ۽ روحاني تعلق آهي، جن ۾ هڪ سنڌ جو رهبر سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو بريصغير جو
وڏو سياسي مفڪر ۽ ليڊر ايم اين راءِ آهي جن کان هي تمام گهڻو متاثر رهيو ۽ ٽيون
شيخ اياز جا ڪتاب هي پاڻ وٽ رکي ٿو، شيخ اياز هن جو هم اثر ۽ گهاٽو دوست رهيو.
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو جي لائبريريءَ کي ڏنل
ڪتابن جو اختصار :
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب هن لائبريريءَ جو
ڪئٽالاگ يعني ”ايڪسيشن رجسٽر“ تي داخل ڪرڻ جو ڪم ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن جي
لائبريريءَ ۾ پهچائڻ تائين ءَ جو ڪم مون ڪيو،اهو سائين جو مون تي اعتماد هو، ان ۾
مون کي سنڌي ادبي بورڊ وارن ٻه مددگارملازم هڪ ضمير حسين مهيسر ۽ ٻيو عبدالواحد
منڱريو ڏنا جيڪي مون سان گڏ لائبريريءَ جو رڪاڊ ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا هئا. اسان
لائبريريءَ جا ڪتاب رجسٽرتي لکڻ تاريخ 21.8.2010 کان شروع ڪيا سين ۽ 3.7.2011 جي ڏينهن
سڀ ڪتاب ۽ ٻيو مواد وڏن پاٺن جي کوکن ۾ بند ڪري ، سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾
پهچاياسين ( نوٽ: اسان هفتي ۾ هڪ ڏينهن ، آچر جي موڪل وارو ڏينهن ڪم ڪندا هئاسين.
سو ڪل ڏهه مهينا ٻارهن ڏينهنن جي حساب سان، ڪل 42 ڏينهنن ۾ هي ڪئٽلاگ لکي مڪمل ڪيو
سين).
*سنڌي ڪتاب 3000
* اردو ڪتاب 500
* انگريزي ڪتاب 1500
* انهن کان سواءِ ڪجهه ڪتاب عربي، فارسي۽
هنديءَ ۾ پڻ آهن
* رسالا جن ۾ سنڌ ڪواٽرلي جا سڀ شمارا
* آمريڪي ادب، سويت يونين جو ادب
* سنڌي رسالا: سهڻي، عبرت ميگزين،
برسات،وغيرهٰ شامل آهن
* ڪجهه ڪتاب فوٽواسٽيٽ ٿيل ۽ پوءِ وري انهن
کي ڪتابي صورت ڏئي جلد بندي ڪرايا ويا آهن
* هر ڪتاب جيڪو ورتو ويو يا ڪنهن دوست کان
مليو، ان هر ڪتاب تي صحي ڪيل۽ تاريخ لڳل آهي ڪن هنڌن تي درستيون ڪيل، ڪن ڪتابن جي
فهرست ٺاهيل، جملن ۽ پيرائن کي هيٺيان ليڪون ڏنل ۽ ڪن صفحن تي فوٽ نوٽ لکيل آهن
اهڙي حالت تقريبن سڀني ڪتابن سان ٿيل آهي.
* لائبريريءَ ۾ موجود مواد ڇهن ٻولين
سنڌي،اردو، انگريزي،عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ موجود آهي
*لائبريريءَ ۾ موجود مواد موضوع جي لحاظ کان
فلسفو، سياست، تعليم، ٻولي، ادب، سائنس، مذهب، تاريخ، لوڪ ادب، ۽ لطيفيات شامل آهن.
* سنڌي ادبي بورڊ سائين جويو صاحب کي مڃتا
ڏيندي ، لائبريريءَ جو نالومحمد ابراهيم جويو لائبريري رکيو آهي
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں