8.19.2019

A Introduction of Library and Information Science




محمد يوسف جويو                                                                                            
لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو تعارف
قومي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪتاب ۽ ڪتبخانن جو اهم ڪردار رهيو آهي، اڄ اسان جيڪا دنيا ۾ هيڏي وڏي ترقي ڏسي رهيا آهيون، اها انهن ڪتابن ۽ ڪتبخانن جي ئي بدولت نظر اچي رهي آهي. هن دور جديد ۾ ڪتابن ۽ ڪتبخانن جو خاص علم پڙهائي ڪري ان جي اهميت کي چار چنڊ لڳايا ويا آهن، جنهن جو نالو علم لائبريري سائنس آهي. هي اهڙو علم آهي جنهن جي وسيلي خبر پوي ٿي ته ڪتاب ۽ ڪتبخانا ڪئين وجود ۾ آيا ۽ پنهنجي ترقيءَ جي منزل طئه ڪري ڪهڙيءَ طرح اڄ هن منزل تي پهتا آهن. ويهين صدي جي آخري ڏهاڪي تائين هن علم جي  لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر آءُ هتي ڪوشش ڪري علم لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو مڪمل تعارف، لائبريريءَ جي معنيٰ، مفهوم  ۽ ان جي اهميت کي پڙهندڙن جي آڏو اجاڳر ڪندس.
ڪاغذ جي ايجاد کان اڳ ماڻهو وڻن جي ڇوڏن يا جانورن جي کلن تي لکندا هئا. لائبريري لاطيني ( Latin) ٻوليءَ جي لفظ لائبر مان نڪتل آهي  جنهن جون ٻه معنائون آهن، هڪ معنيٰ آهي ڪتاب ۽ ان جي ٻي معنيٰ  ڇوڏو آهي. جيڪو پوءِ ڪتاب جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو جنهن مان موجوده انگريزي لفظ لائبريري نڪتل آهي جنهن کي اسان ڪتبخانو پڻ چئون ٿا. قديم وقت ۾ انگريز پڻ ڪاٺ يا ڇوڏي تي لکندا هئا ۽ ان کي هو ”باڪ“ چوندا هئا، انگريزي لفظ بُڪ يعني ڪتاب ان مان نڪتل آهي.
اهو به چوڻ ۾ اچي ٿو ته لفظه ”لائبريري يوناني ٻوليءَ جي لفظه بائبلس (Bibles) مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ  پئپيرس   ( Papyrus )  آهي.هن لفظ مان وري بائبلينس  بوڪ (Biblions Book)  مان ٺهيو، جنهن سان  جيڪڏهن اسان ٿيڪ (Theke) ملايون ته ببليوٿيڪ ٺهي پوندو جنهن جي معنيٰ ٿيندي، ڪتابن جو مجموعو، لائبريري يا ڪتب خانو.“
هن سائنسي دور ۾ لائبريريءَ لاءِ اهو سمجهڻ ته هي فقطه ڪتابن رکڻ جي جاءِ آهي ته اهو ان جو پراڻو ۽ غير مروج استعمال ٿيندو، هينئر ان خيال جي ڪو به پوئواري نه ڪندو ته لائبريري فقطه ڪتابن  گڏ ڪرڻ جي جاءِ يا ڪو گدام/ اسٽور آهي. بهرحال تاريخ سان لاڳاپو قائم رکڻ خاطر ائين چئي سگهجي ٿو ته لائبريري ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد (Book and Non Book material) جو ذخيرو آهي. هن صديءَ جي سائنسي دور ۾ لائبريريءِ جي اها تاريخي حيثيت وقت جي تيز وهڪري ۽ بدلجندڙ تقاضائن سان هم ڪنار رهندي بدلجي وئي آهي، انهيءَ ڪري لفظه لائبريري ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد جي ذخيري سان گڏوگڏ انهن شين جو بهترين ۽ آسان استعمال سان ڪيل فائدن ۽ نتيجن جو نالو ليکيو وڃي ٿو.
هن موجوده وقت ۾ لائبريري جو وسطو ٻن خاص نقطن سان آهي، هڪ ته اتي موجود ذخيري جي خاطر خواهه سنڀال ڪرڻ ۽ ٻيو ته اتي موجود مواد مان پڙهندڙن کي لاڀ حصل ڪرڻ واسطي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهي ڪري ڏيڻ آهي ته جيئن پڙهندڙ جي قيمتي وقت جو صحيح استعمال ٿئي، انهيءَ ڪري هينئر لائبريري کي هڪ اطلاعاتي / رسائي ءَ جو مرڪز Information / Resource Centre)   ( چئجي ٿو.جتان زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي آسانيءَ سان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، اهڙيءَ طرح ڪتبخانن مان انسان ذات وڏو علمي فائدو حاصل ڪيو آهي، خاص ڪري سائنس ۽ ٻين علمن جي ترقياتي پاسن ما ته کيس وڏي روشني ملي آهي. انهن ڪتبخانن، تخليقي ۽ روحاني صلاحيتن سان گڏ پيشوراڻا قابليتن ۾ به وڏو اضافو آندو آهي ۽ ان جي ئي بدولت علم و هنر کي وڏو فروغ حاصل ٿيندو رهيو آهي. ڪتبخانن جا مختلف قسم ٿيندا آهن جن جو مثال هيٺين ريت  آهي.


1.قومي ڪتبخانو  (National Library)    
            هي ڪتبخانو هر ملڪ پنهنجي لاءِ  قومي  سطح تي  قائم ڪندو آهي، ته جيئن ملڪ ۾ هر ڇپجندڙ مواد (ڪتاب، اخبار  يا ٻيو  ڪو  تاريخي مواد  وغيرهه )  هن لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي.

2.عوامي ڪتبخانو(Public Library)                                 
هي گورنمينٽ جي طرفان وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ قئم ڪيا ويندا آهن جن کي ملڪ جو ثقافت سياحت کاتو/ايجيوڪيشن کاتو پهنهنجي نگرانيءَ ۾ هلائيندو اهي، هن ٻاراڻا ۽ موبائيل لائبريريز پڻ  هن لائبريريءَ جا حصا آهن.
3.تعليمي ڪتبخانو(Academic Library)                         
هي گورنمينٽ توڙي خانگي تعليمي ادارن جهڙوڪ يونيورسٽي، ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ قائم ڪيا ويندا آهن، جيڪي انهن جي مزاج مطابق ۽ انهن جي پڙهڻ جي ئي ڪورس مطابق سهولتون مهيا ڪندو آهي.
4.تحقيقي  ڪتبخانو(Research Library)                         
هي ملڪ ۾ هڪ مضبوط اداري جي حيثيت رکندا آهن ڇو ته هنن ڪتبخانن مان ئي  ماڻهو تحقيق ڪري وڏوا اسڪالر، اديب، سائنسدان ۽ سياستدان بنجندا آهن، هنئن ته هر ڪتبخانو به تحقيق جي ڪم لائق هوندا آهن پر هي ان جي نسبت ۾ وڌيڪ جامع هوندا آهن. هن جو مثال انسٽيٽيوٽ  آف سنڌالاجي جو تحقيقي ڪتبخانو آهي.
5.خاص/ اسپيشل ڪتبخانو(Special Library)                   
هي ڪنهن مخصوص ۽ خاص ادارن ۾ قائم ڪيا ويندا آهن، جيئن جيل، اسپتال، انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جي اسڪولن، بئنڪ جا ڪتبخانا ، تعليمي يا انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالائجيءَ جي ادارن جا ڪتبخانا وغيره، هنن جو ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو هوندو آهي.

اطلاعاتي سائنس: سماج کي دنيا ۾ نون رجحانن ۽ علمي ذوق جي طلب کان آگاهه ڪرڻ لاءِ لائبريري اهڙو قومي سرمايو آهي، جيڪو انفرادي، طبقاتي، قومي ۽ ارتقائي ڊوڙ ۾ ٻوٽي طور لڳايو وڃي ٿو.اڄوڪي وقت ۾ جتي عوام سان رابطي جو ذريعو ريڊيو، ٽي وي، ڊش سيٽلائيٽ، موبائيل فون، پريس ۽ انٽرنيٽ آهي ته ٻئي طرف ڪتاب جي استعمال ۽ ان جي وڌاري لاءِ لائبريري پڻ وڏي مددگار ثابت ٿي چڪي آهي.
اطلاعات (Information) جو تصور ويهن صديءَ جو جديد  رنگ روپ آهي، انفارميشن جو اهم اضافو ۽ تعلق ڪنهن ماجي ترقي ۽ واڌاري سان ٿئي ٿو انفارميشن ئي ترقي جي راهه تي تڪڙو هلڻ جي سگهه ڏئي ٿي،موقعو فراهم ڪري ٿي.علم لائبريري سائنس ۾ انفارميشن/ اطلاعات جي هڪ اهم خاصيت هي به آهي تهڪنهن به تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ خاص ميدان سان لاڳاپو رکندڙ مضمون بابت باخبر رکڻ  ۽ بلڪل جديد معلومات تڪڙي انداز ۾ مهيا ڪرڻ آهي.
اطلاعات (Information) ۽ حوالا (Reference) ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظه آهن، مکيه فرق ٻنهي ۾  صرف هي آهي ته حوالي واري خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ لفظه سڌو سنئون مواد ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي يا وري هن کي لائبريريءَ جي ذريعن استعمال ڪرڻ بابت ٻڌائيندو آهي. ان کان علاوه لائبريري ٿملو حوالي وارن ڪتابن يا سيڪشن طرف اشارو ڪري ٻڌائيندو آهي ۽ اطلاعاتي خدمت ۾ لائبريري عملو صحيح معلومات مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.اطلاعاتي خدمت جي هڪ اهم ڳالهه هي به آهي ته مطالعو ڪندڙ يا محقق ڪٿي ڪنهن ڳالهه ۾ منجهي ويو آهي  ۽ کيس معلومات جو به اندازو  آهي، مگر جنهن لائبريري ۾ هو مطالعو ڪري رهيو آهي، اها لائبريري تمام ننڍي آهي  ۽  هن جي مدد ڪرڻ کان  قاصر آهي  ڇو جو  ان  ۾  اهو  گهربل مواد  ڪونه  آهي ته اهڙي حالت  ۾ لائبريري  عملو   Inter Library Loan  جي بنياد تي ٻين ڀر وارن ڪتبخانن مان اهو گهربل ڪتاب يا مواد محقق کي پنهنجي لائبريريءَ ۾ گهرائ موجود ڪري ڏيندو آهي. ان کين علاوه اطلاعات جا بنيادي ذريعا ٻيا به آهن، جن جي ذريعي ڪتبخانو هڪ تحقيق ڪندڙ يا عام پڙهندڙ کي هر ممڪن معلومات پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن جن ۾

Periodicals, Newspapers, Guides, Serials, Pamphlets, Cuttings of newspapers, Bibliography, Indexes, Encyclopedias, Dictionaries, Maps, Atlases  etc                               اچي وڃن ٿا، ان کان سواءِ هن وقت سائنس جي حيرت انگيز ايجادن جهڙوڪ ٽي وي، ريڊيو، فلم، مائڪروفلم، ٽيپ ريڪارڊر، وڊيوز، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ وغيره پڻ معلومات پهچائڻ ۾ انقلابي تبديليون آنديو آهن.
سائنس (Science) : هي لاطيني زبان جي لفظه Seire مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي! ڄاڻڻ، علم رکڻ يا خبر رکڻ. هن اعتبار کان ڪنهن به شيءِ جي يا حقيقت جي ڄاڻ سائنس آهي. هتي سائنس لفظه علم رکڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.اهڙيءَ طرح لائبريري سائنس جو علم جيصڪو لائبريري جي جملي فني ۽ تنظيمي امورن تي بحث ڪري يا اهو علم جيڪو لائبريريءَ کي بحث هيٺ آڻي تنهن کي لائبريري سائنس چئجي ٿو. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾  سائنس جي هيئن تشريح ڪئي وئي آهي. ” حقيقت جي ڳولا ۾ ڪنهن مقرر گس سان، اڳيان وڌڻ جي وسيلن جو مطالعو ۽ ان نئين رستي جي ذريعي ڳولا ( تحقيق ) جي لاءِ عام اصولن جي مطابق پوري اعتماد سان اڳيان وڌڻ.
وبسٽرن ڊڪشنريءَ ۾ سائنس جون ٻه وضاحتون ٿيل آهن: هڪ. ” تجرباتي مطالعي جو سلسليوار علم جن جي اصولن کي مرتب ڪرڻ لاءِ تجربي جي ذريعي علم حاصل ڪيو ويو هجي.
ٻئي: ”مطالعي يا معلومات جي هڪ شاخ کي خاص طور حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي سلسليوار مرتب ڪرڻ.“
روز بروز ترقي ڪندڙ سماج لائبريريءَ جي ڪم جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري لائبريري يا علم لائبريري سائنس ٽن مکيه ڳالهين سان واسطو رکي ٿي.
·        ڪتاب اطلاعات جا ذريعا آهن
·        ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد جو صحيح ۽ ترت استعمال
·        انهن سڀني شين جي استعمال مان سماجي،تعليمي نتيجن ۽ فائدن جي حاصلات ٿئي
         انهن مٿين ڳالهين جي ڪري علم لائبريري آرٽ به آهي ته سائنس به آهي، ڇو ته سندس طريقڪار ٿيوريٽڪل ۽ پريڪٽيڪل آهي، سندس عملي پهلو هن علم جي بنيادي ڄاڻ ٽيڪنيڪ ۽ مهارت تي مشتمل آهي ۽ سندس ٿيوريٽڪل پهلو اطلاعاتي خدمتن جي سڌاري لاءِ رهبر بنجي هڪ موثر ڍانچو فراهم ڪري ٿو.
لائبريري سائنس کي دور حاضر ۾ لائبريري ۽ انفارميشن سائنس Library & Information Science
سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو حاصل مطلب مطالعي ڪندڙ جي رهنمائي ڪرڻ آهي بلڪ ڪنهن حد تائين اهو ناممڪن پڻ آهي ڇو ته هن مقصد ۾ علم جي پوري ڄاڻ، حفاظت، ترتيب ۽ تنظيم کي علم جي رسائيءَ جي لائق / قابل بنائڻ آهي، انهيءَ ڪري هن کي مڪمل علم سائنس جي هڪ شاخ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪتابن، ڪتبخانن جي تاريخ، طباعت و اشاعت ، درجا بندي، ڪئٽالاگ، تنظيم،تحقيق ۽ ايجاد جو طريقو، دستاويز، معلومات ۽ حوالي جي خدمتن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوهٰ هن ۾ ڪتابي مواد جي انتخاب جو طريقو، ان جي حفاظت، ان جي استعمال جو طريقو، ڇپائيءَ جو فن ۽ ڪتابيات مرتب ڪرڻ جا طريقا ۽ اصول هن علم ۾ شامل آهن.
مٿين سڀني  ڳالهين کي سمجهندي ۽ محسوس ڪندي هندستان ۾ لائبريري سائنس جي ابي پروفيسر ڊاڪٽر رنگاناٿن  ان تعليم/ علم جا هڪڙا پنج اصول مرتب ڪيا آهن جيڪي هيٺين ريت آهن.

1.     ڪتاب استعمال جي لاءِ             Book are for use(not for preservation)                           
2.     هر پڙهڻ واري لاءِ ان جو ڪتاب مليEvery reader his book                    
3.     هر ڪتاب کي ان جو پڙهڻ وارو مليEver book it’s reader                      
4.     پڙهندڙ جي وقت جي بچت ٿئيSave the time of reader                       
5.     ڪتب خانو هڪ ترقي پذير/وڌندڙ ادارو آهيLibrary is a growing organism
    
  اهڙيءَ  طرح ڪتب خانن ۾ ويهي پڙهڻ سان ذهني قوت وڌندي آهي، صلاحيتون زندگي پائينديون آهن، تخليقي قوتون اڀري جوان ٿي ڪري قومي ترقي ۽ تعمير ۾ ڀرپور حصو وٺنديون آهن. هتي عام ماڻهن جو ذاتي ڪردار ۾ سڌار اچي ٿو ۽ پورو سماج سنوار جي، سينگار جي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين علمن سان گڏ اسان وٽ ان جي اهميت کي محسوس ڪندي سنڌ جي مهان اداري  سنڌ يونيورسٽي،ڪراچي يونيورسٽي ۽ ملڪ جي ٻين ادارن ۾ ان جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ائين هي علم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو.      

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں