8.07.2019

My poetry


محمد يوسف جويو
10.6.2015
(1) لڪيءَ جي پهاڙن ۾ (نظم)
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
جبل جي پاڙن ۾
ڦٽي نڪرندڙ پاڻي
هيٺ ڌارا ڪري وهي ٿو
جو ڦٽ ڦرڙين لاءِ اڪسير آ
ماڻهن جي تقديرآ
ڇوٽڪاري جي ڪا تدبير آ
هت ”شِو مندر“*1
هت ”تيرٿ بندر“*2
هت سهڻو ” شاهه صدر“*3
هي ڌرتي پاڪ پوتر
هت جبل ۾
 ڪي راز آهن،
ڇپيل ڪي ساز آهن
هن جبل چوٽيءَ تي
ڪي مڙس مٿير هئا
جن چوٽون کاڌيون
 ۽ سينو ساهي
ڌرتيءَ کي موٽ ڏني
غارن مان نڪري
وڏا وار ڪيا
۽ وارن مٿان وار ڪيا
جو اڻ موٽ هئا
پر!
تاريخ ۾ ڪي خار به ٿيا
پنهنجن مٿان مار  ٿيا
پر هي به مڙس مٿير هئا
۽ رکِي هئي جنگ جاري
هنن وڙهندي ڇپندي
ڇپندي وڙهندي
جبلن جي مٿان ڪي داستان لکيا
۽ پنهنجا ڪي آستان ڇڏيا
”بزڻ جا غار“*4
۽ ڪي ڪوٽ قلعا*5 ڇڏيا
ميدان ۽ سنڌو ڪنارا ڇڏيا
لڪيءَ جي لڪن ۾
 اڻ مٽ نشان ڇڏيا
جبل جي پاڙن ۾
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
----------------------------
*1  جبل ۾ وهندڙ چشمي يا ڌارڻ ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ ننڍو شِو مندر ٺهيل آهي، جيڪو هاڻ اجڙيل آهي.
*2  لڪي ڳوٺ جيڪو ان وقت هڪ ننڍو شهر هوندو هئو سو ان کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي وهندڙ سنڌو دريا تي هڪ پتڻ ٻيڙين جو بندر هو، جيڪو ماڻهن کي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچائڻ جو ڪم ڏيندو هئو.
*3  لڪياري سيدن جو وڏو بزرگ هستي شاهه صدر جي درگاهه آهي. جنهن  جي پٺيان هي سيد لڪياري سڏجن ٿا.
*4  لڪي  کان ڏکڻ طرف چار يا پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جبل جي بلڪل پاڙن ۾ ڪجهه غار آهن جن ۾ هڪ کي بزڻ جو غار ڪري سڏجي ٿو.تاريخ ۾ آهي ته هتان سنڌ دشمن ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين ڦورو لٽيرن جي قافلن تي ڇاپا مار جنگ جي وسيلي، انهن جي ٺٽي کا سيوهڻ اچڻ وڃڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي حملا ڪندا هئا ۽ پوءِ وري انهن غارن ۾ سنڌي گوريلا لِڪِي وڃي پناهه وٺندا هئا. نوٽ  هاڻي اتي ڇاوڻي ٺهي رهي آهي.
*5  چيو وڃي ٿو ته هت لڪي شهر وٽ ڪو ڪنهن وقت چوڪيءَ خاطر هڪ ننڍو قلعو جوڙيل هوندو هو، رني ڪوٽ پڻ ان جو سلسلو ئي آهي.

(2)  محمد يوسف جويو
10-6-2015
ڌاريو آواز.....(نظم)
رني ڪوٽ جي ڪور تي
ڪو بگهڙ اوناڙ ڪري ٿو
۽ اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾
ڀڙڪو ڏئي چٻرو چرڙاٽ ڪري ٿو
تڏهن وري
چوڏينهن جِي چانڊوڪيءَ ۾
ڪو چڪور اڀ ڏي اڏري ٿو
هيٺ واڙ ۾
ستل ناريءَ سان
ٻار ڇرڪ ڀري روئي ٿو
۽ڪتن جي باهوڙ تي
پوڙهي لٺ کڻي هڪل ڏني!
ڪهڙو آهين؟
ٺا ٺا ٺا ٺا .......
سچو ڪوٽ ٻري ٿو
۽ تاريخ جو پڙاڏو وري موٽ کائي
رڙ ڪري چوي ٿو
نه ويو آهين...
ڪهاڙيءَ جو چمڪاٽ
گولين جو مينهن
۽ پوءِ
ڌاريو آواز
ٺا ٺا ٺا ........
  

(3)  محمد يوسف جويو
16-5-2015
او قاتل
او قتل
تو مارين ڇو ٿو
تون چاهين ڇا ٿو
هي ڪير
هو ڪير
اهي سڀ انسان آهن
تون به ته انسان آهين
او قاتل... تون مارين ڇوٿو
هن کي گولي
هن کي گولي
هي سڀ مقتل جا راهي
تون به مقتل جو راهي
او قاتل...تون مارين ڇو ٿو
مري انسان
ماري انسان
تون ڪهڙو آن انسان
مارين پيو هر انسان
او قاتل...
تون چاهين ڇا ٿو
تون مارين ڇو ٿو

8.05.2019

Adult Education and Muhammad Ibrahim Joyo



محمد يوسف جويو


             محمد ابراهيم جويو ۽ وڏن جي تعليم ( تعليم بالغان ) 

      گذريل ويهين صديءَ تي جڏهن نظر وجهبي ته اسان کي تعليم جي شعبي ۾ وڏا وڏا نالا نظر ايندا، جن جي زندگيءَ ۽ ڪم جو احاطو ڪرڻ اسان لاءِ وڏو ڏکيو ڪم ٿيندو. ها! جيڪڏهن اسان جا تعليمي ادارا جهڙوڪ يونيورسٽيز ۽ ٻيا پنهنجن شاگردن کان انهن شخصيتن جي زندگي، ۽ انهن جي علمي ڪم تي پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ڊگريون ڏئي ڪري تحقيق ڪرائين ته شايد پوءِ ڪجهه سالن ۾ اُهي تعليمدان، ۽ انهن جو علمي ڪم ڪجهه نروار ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي تعليمي شعبي ۾، انهن وڏن نالن ۾ هڪ نالو محمد ابراهيم جويي صاحب جو به آهي. محمد ابراهيم جويو هڪ تعيلمدان هجڻ سان گڏ هڪ مدبر اديب ۽ دانشور آهي. هن ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘ جهڙو ڪتاب لکي، ان وقت سنڌ وطن جي سياستڪارن جي رهبري ڪئي. ۽ انهن کي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ گسَ ۽ ڏسَ طئي ڪري ڏنا. ان کان پوءِ ٻيا ڪئي ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا. جن جا فلسفو، تاريخ، ادب، ٻولي ۽ تعليم وغيره جهڙا اهم موضوع آهن. سائين محمد ابراهيم جويو پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد هو. تنهن ڪري هُو پاڻ سمجهندو هو ته تعليم ئي آهي جيڪا قومن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي ضامن آهي. تعليم قومن کي شعور ۽ عقل ڏئي ٿي. قومي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياري دنيا ۾ پنهنجي وطن واسين جو ڳاٽ اوچو رکي ٿي. تنهن ڪري هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم تي گهڻو لکيو ۽ ترجما ڪيا آهن. جن ۾  ” ’ايملي عرف تعليم‘، ’علم تدريسي مظلومن لاءِ‘، ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘، ’اسان جي ٻولي ۽ اسان جي تعليم‘ “ وغيره هن اسڪولن ۾ پاڙهجندڙ درسي ڪتابن ۾ ڪل 43 ڪتاب، ايڊٽ ڪيا جن ۾ سائينءَ جا ڪجهه ڪتاب  مڪمل لکيل به شامل آهن. انهن لکيل ڪتابن مان ڪجهه ساڳيا ڪتاب اڄ تائين به اسڪولن ۾ پاڙهيا پيا وڃن. جڏهن گورنمينٽ 1972ع ۾ ايجيوڪيشن پاليسي آندي ۽ ان ۾ وڏن جي تعليم يعني تعليم بالغان جو پروگرام شامل ڪيو ويو، تڏهن انهن جي لاءِ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي جوڙڻ جي ضرورت پئي. ته ان وقت سائين محمد ابراهيم جويو بالغن جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا. ۽ انهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي مُک ميمبر طور ڪم ڪيو. وڏن جي تعليم لاءِ اُن وقت جا لکيل ڪتاب اڄ تائين ” تعليم بالغان “ جا بنياد رهيا آهن. هت انهن ڪتابن جو ببليوگرافيڪل جائزو ورتو ويو آهي، جيڪي هن بالغان جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب طور پاڻ لکيا آهن. جن ۾پاڻ هڪ ليکڪ جي حيثيت کان سواءِ ايڊيٽر، نظرثاني ڪندڙ ۽ صلاحڪار وغيره طور اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي ڪتاب گورنمينٽ آف سنڌ جي پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن ڇاپيا آهن.


تعليم  بالغان لاءِ  لکيل  ڪتاب
  
1.       اچو ته وڌيڪ پڙهون (بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب) 1973ع
اچو ته وڌيڪ پڙهون: بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي.  هر سبق جي  عنوان سان ملندڙ  تصويرون ۽ تصور  ڏنل آهن، جن تي آرٽسٽ جو نالو لکيل نه آهي.  جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي.  زيرن زبرن  مطلب  ته ايرابن  جو مڪمل ۽ صحيح  استعمال  ڪيو  ويو آهي. ڪتاب  جي سرورق چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد ماڻهو روايتي لباس ۾، ڪتاب پڙهي رهيا آهن. ڪتاب ۾ سڀ سبق بيان واري انداز ۽ ڪهاڻي جا انداز ۾ لکيل آهن جنهن جي  پڙهڻ سان دلچسپي وڌي  ٿي. گڏو گڏ ڪجهه نظم پڻ شامل آهن جن جا شاعر ”خليفو گل محمد گل هالائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي آهن. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي. هر سبق جي آخر ۾ پڙهندڙ جي لاءِ،  خود آزمائش جِي  هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾   سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب ۽ مڪمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون  ايڊيشن  1973ع ۾ ڇپيو، ۽ ڇاپيندڙ دي ٽائيمس پريس ڪراچي آهي. جڏهن ته هي ڪتاب   53 صفحن تي مشتمل آهي  ۽ ڇپيل تعداد 350000 آهي.

2.       اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:   
اچو ته لکون: بالغن  جو هي پهريون ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي.  نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل  سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ زيرن زبرن يعني ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيون آهن . هن  ڪتاب  ۾ رسيد، خط ۽ درخواست  لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ  انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي  ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  لکڻ جي مشق جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون  ايڊيشن  آهي، جڏهن ته هي ڪتاب  49 صفحن تي مشتمل آهي.

3.       ڪتاب (1) : بالغن لاءِ    
ڪتاب (1 ) : هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پرائيمري ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصوير يا اسڪيچ  پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي.  هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن  ته هڪ  عورت وري  سلائي ڪري رهي آهي. ان کان علاوهٰ هن  ڪتاب  ۾  الف بي  جي پٽي، هڪ پيج تي ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ، هڪ پيج تي ”اکرن جون گڏيل صورتون“  ۽ آخري پيج تي سَوَ تائين انگن جو چارٽ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون  ايڊيشن  آهي، جڏهن ته هي ڪتاب  41 صفحن تي مشتمل آهي.

4.        ڪتاب (2): بالغن لاءِ   
ڪتاب -2 : هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن.  ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن  ته هڪ  عورت وري  سلائي ڪري رهي آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ  به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي  ٻيو  ايڊيشن  1987ع ۾ ڇپيو آهي، جڏهن ته هي ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي.

5.        ڪتاب (2)    
ڪتاب (2 ): هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب  ” قومي ڪميشن براءِ خواندگي و تعليم عامه “  حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان  سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد، مان ڇاپيو ويو جڏهن ته  نيشنل بڪ فائوڊيشن ڪراچي  هن جو ڇپائيندڙ هو . هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن. ۽ انهن کان پوءِ سبقن جي آخر ۾ خود آزمائش جي لاءِ مشقون ڏنل آهن  ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪابه  تصويرڏنل  ڪانهي ،  ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ  نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي  پهريون  ايڊيشن  1985ع  ۾ ڇپيو آهي،  جڏهن ته  هي ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي. ۽ ڇپجڻ جو تعداد هڪ لک تعداد آهي.

6.      اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:   
اچو ته لکون: بالغن  جو هي پهريون ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل  سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري، هت زيرن زبرن يعني ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن (مونو ڪلر) جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد  پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيا آهن . هن  ڪتاب  ۾ رسيد، خط ۽ درخواست  لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ  انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي  ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  لکڻ جي مشق جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي ٻيون  ايڊيشن  آهي، جيڪو 1973ع ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته هي ڪتاب  49 صفحن تي مشتمل آهي. ڇپيل ڪتابن جو ڪل تعداد 350000 آهي.

7.       عملي حساب- بالغن لاءِ (سنڌي)
8.      عملي رياضي..بالغن لاءِ (اردو)
عملي حساب: بالغن لاءِ ،  پهرئين ڪلاس جي معيار جو  هي  ڪتاب بالغن لاءِ  آهي ،  جيڪو  اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو  طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾  محمد اقبال ملڪ ۽ محمد صضير شيخ  جڏهن ته صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر بيگم شمس عباسي، محمد ابراهيم جويو، علي محمد مهر، محمد اقبال ملڪ، محمد صغير شيخ، مسز ليلاهر چنداڻي، محمد بچل ميمڻ ۽ مس ڪوثر خان شامل آهن ان کان علاوهٰ  نظر ثاني ڪندڙن  ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ عبدالغفار صديقي  شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي هر سبق جي  عنوان سان ملندڙ  تصويرون ۽ تصور  ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي آرٽسٽ ساجد جي صحي ٿيل آهي.  هي  ڪتاب تصويرن جي ذريعي پڙهندڙن لاءِ، جوڙ، ڪٽ، گهڻائي ٿورائي، اڌ سڄو، يا روز مره جي ڪمن ڪارين ۾ اسعمال ٿيندڙ حساب ڪتاب جا  تصور واضح طور سمجهائڻ  جي سرگرمين،  جي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ  جي طريقي تي  جوڙيل آهي. هي ڪتاب  7x9  نچن وارو  پورو  پـنو  ڪتاب  40   صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته هن جِي  قيمت ڪانه آهي، هن  جو هي  پهريون  ڇاپو   ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو آهي

9.       جوت: پهريون ڪتاب (خواندگي نصاب 2007 مطابق) 2010 آزمائشي ڇاپو
هي ڪتاب ”جوت“، پهريون ڪتاب بالھن جي تعليم لاءِ آهي ، جيڪو ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم ۽ تعليم ۽ خوندگي کاتو حڪومت سنڌ طرفان 2010ع ۾ پهريون ڇاپو آزمائشي طور ڇپي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد شاهه، مهرالنساءِ لاڙڪ، فهميده چنه، سيد امداد حسيني، سيد شير شاه ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي؛ جڏهن ته نگران اعليٰ عبدالوهاب عباسي ۽ ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويو، سيد امداد حسيني ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي شامل آهن. انهن کان علاوهٰ ڇپائيءَ جا نگران سڪندر ملاح ۽ عزيزبانو چنه آهن، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هدايت الله جوڻيجو ڪئي آهي. هي سڄو ڪتاب جي سهڻي ڇپائيءَ سان رنگين ۽ باتصويرن سان ڇپيل آهي. ڪتاب ۾ شامل سبقن ۾ ڪجهه نوان ته ڪجهه وري پراڻن ڪتابن تان ورتل آهن. ڪتاب جي سڀني سبقن ۾ ايرابن يعني زير، زبر، پيش ۽ ڳالهائڻ جي نشانين يعني عجب جي نشاني، سواليه نشاني، دم، اڌ دم وغيره جو صحي استعمال آيل آهي. هي ڪتاب 100 صفحن جو، جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه آهي. ڪتاب جو ڏيک واري رنگين جلد تي ڪجهه عورتن کي هڪ استاد عورت پڙهائي رهي آهي. ڪتاب يونيسڪو جي مدد سان سنڌ جي تعليم ۽ خوندگي کاتو حڪومت سنڌ گڏيل طور ڇپايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هي ڪتاب سائين محمد ابراهيم جويي جو آخري ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ايڊيٽ ڪيائون.

10.  سنڌي زبان جي بنيادي لغت
هي هڪ نه پر سڄيون ساريون ٽي مختلف هيتن جون لغتون آهن. تنهن ڪري هنن کي لغتون ڪري سڏجي ته بهتر ٿيندو. هي هٿ اکرن سان لکيل آهن، جيڪي ليٿو پريس تي ڇپيون ويون آهن. ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي. ٻاهريو ڏيک وارو جلد هڪ طرف سنڌيءَ ۾ ۽ ٻئي طرف وري انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي. هنن مان فائدو حاصل ڪرڻ يا هن جي استعمال جو طريقو پڻ اندر مهاڳ ۾ ڏسيل آهي. سادا لفظ، مزڪر ۽ مونث، جمع واحد ۽ گرامر جو آسان استعمال پڻ ڏسيو ويو آهي. پهرين پر سڀني ڪتابن جي ساڳئي ئِي پيش لفظ ۾ جناب غلام رباني آگرو لکي ٿو ته ” تاريخ 8 جون 1972ع تي، حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪتابي سال ملهائڻ لاءِ مکيه علمي ادارن جي سربراهن ۽ نمائدن جي اسلام آباد ۾ هڪ ميٽنگ ڪوٺائي. جنهن ۾ مون ( غلام رباني آگرو) کي سڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جي نمائندي جي حيثيت ۾، انهيءَ ميٽنگ ۾ سڏيو ويو. مذڪور ميٽنگ ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل ٽن ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي ضرورت ۽ اهميت تي گفتگو ٿي.“ رباني صاحب اڳتي لکي ٿو ته ” پروفيسر سيد غلامصطفيٰ شاهه صاحب ۽ مون کي هدايت ڪئي وئي ته جيئن ته اِهي ڪتاب نئينءَ تعليمي پاليسيءَ هيٺ بالغن جي تعليم لاءِ گهربل آهن، انڪري جيترو جلد ٿي سگهي انهن کي جلدي تيار ڪرائي حڪومت کي موڪليا وڃن.“ رباني صاحب اُنهيءَ پنهنجي پيش لفظ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ان کان پوءِ جلدي ئي سنڌ جي تعليمدانن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي وئي. انهيءَ ميٽنگ ۾ مذڪور ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي مسئلن ۽ ڪم جي طريقه ڪار بابت ويچار ڪيو ويو ۽ مذڪور ٽنهي فهرستن جي تياريءَ جو ڪم ماهرن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي سپرد ڪيو ويو، جنهن جو ڪنوينر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ميمبرن ۾ محمد ابراهيم جويوصاحب، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ سيد محمد صالح شاهه بخاري صاحب مقررڪيا ويا ۽ محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب کي انهن ٽنهي فهرستن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اُنهن عالمن جي محنت ۽ تحقيق جي نتيجي طور سنڌي زبان جون زير نظر بنيادي لفظن جون ٽي لغتون مرتب ٿيون آهن.“

                                           I.            سنڌي زبان جي بنيادي لغت
بنيادي لغت جا لفظ                                               800
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                                     75
سڀ قومي لفظ                                                    175
ڪل لفظ                                      1050
       
                                        II.            سنڌ زبان جي وڌايل بنيادي لغت
بنيادي لغت جا لفظ                                               800
وڌايل لفظ                                                          450
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                                     75
سڀ قومي لفظ                                                    175
ڪل لفظ                                      1500

                                     III. سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت
بنيادي لغت جا لفظ                                               800
وڌايل لفظ                                                          450
ڪاروباري لفظ                                                    750
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                                    75
سڀ قومي لفظ                                                    175
                                   ڪل لفظ                                      2250
هِنَ مٿين ٽن لغتن جا ڪتاب وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران جوڙايا ويا ۽ پنهنجي ئي اداري  پاران 1973ع ۾ ڇاپيا ويا آهن. جن جي مواد جو وَچُور مٿي ڏنو ويو آهي. هن لغتن جي جوڙڻ يا سهيڙيندڙن ۾ غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ محمد صالح شاهه بخاري، جڏهن ته هنن کي ايڊٽ ڪندڙ يا سموهيندڙ سيد حسام الدين راشدي جن آهن. اڳتي هلي هيءَ لغت وڏي جامع لغت سان ملي عام ٿي وئي.

حوالا:
1-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   اچو ته وڌيڪ پڙهون:  بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو  ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو  پهريون. صفحه53  قيمت .؟    رپيا
2-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   اچو ته لکون: لکڻ جو پهريون   ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو  پهريون. صفحه49  قيمت .؟    رپيا
3-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   ڪتاب (1): پڙهڻ جو پرائيمري   ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو  پهريون. صفحه  41   قيمت .؟    رپيا
4-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريون   ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1987 ع. ڇاپو  ٻيو. صفحه  54   قيمت .؟    رپيا
5-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)  ڪتاب  (2):  پڙهڻ جو پهريوڻ ڪتاب. ڪراچي: نيشنل بڪ فائونڊيشن. 1985ع. ڇاپو پهريون. صفحه 52  قيمت ؟ رپيا
6-       ملڪ، محمد اقبال.......(لکندڙ)  عملي حساب: بالغن لاءِ. ڄامشورو: اداره نصاب ۽ توسيع تعليم سنڌ. سال ؟ ڇاپو پهريون. صفحه  40 ، قيمت ؟ رپيا
7-       شاهه، سحر امداد (ڊاڪٽر).......(لکندڙ)  جوت :   پهريوڻ ڪتاب. ڪراچي: ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم، تعليم ۽ خواندگي کاتو، سنڌ. ڇاپو پهريون. صفحه 100   قيمت ؟ رپيا
8-       جويو، محمد يوسف.( 2016) محمد ابراهيم جويو:نصابي ڪتابن جوڙڻ ۾ هڪ اهم ڪردار.ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. ٽه ماهي مهراڻ. جلد 66، نمبر 1-2 ، ص 25، 37- 39. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
9-       غلام رباني آگرو.( 1973) پيش لفظ. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
10-    سنڌي زبان جي بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
11-    سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
12-    سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ


8.01.2019

language problems and solution's


                                                             
ٻوليءَ جا مسئلا ۽ ان جا حل

ٻوليءَ جو زنده هجڻ معنيٰ قوم جو زنده هجڻ آهي. ٻولي ئي آهي جيڪا قوم کي سانڃاهه، علم ، تهذيب ۽ تمدن ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻولي هڪ رابطي جو اهم وسيلو آهي ۽ قومون پنهنجي انهيءَ رابطي کي اقتصادي ترقي، برابري، رواداري ۽ تهذيبي ترقيءَ لاءِ ڪم آڻينديون آهن. پوءِ اهي قومون دنيا ۾ هڪ اعليٰ مقام حاصل ڪري وٺنديون آهن. اسان جي سنڌي ٻولي تهذيبي ٻولي آهي، هن ٻوليءَ ۾ آسماني وسعت آهي. جوهر نئين ايجاد، هر نئون علم، هر نئين ٻولي جا نوان لفظ، محاورا، نالا ۽ خاص لغوي لفظ پاڻ ۾ هضم ڪري انهن کي پنهنجو بڻائي ٿي ڇڏي يا قبول ڪري ٿي ڇڏي. پر هن وقت سائنس ٽيڪنالائجيءَ واري ماحول ۾ اسان جي مٺڙي ٻوليءَ لاءِ ڪئي وڏا مسئلا آهن جن مان هيٺيان چار وڏا اهم مسئلا  آهن.
1)       تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ لازمي طور پاڙهي وڃي
2)       ڌاري آباد ڪري ۽ ان جا  ٻوليءَ تي منفي اثر
3)       جديد سائنس ٽيڪنالائجيءَ جو ٻوليءَ تي مثبت اثر
4)       اسان خود سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن

1.       تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ لازمي طور پاڙهي وڃي
دنيا جو هر پڙهيل، سمجهيل، نئين سائنسي سوچ رکندڙ يا قومي شعور رکندڙ ڏاهي شخص جو اهو رايو آهي يا چوڻ آهي ته بنيادي تعليم هميشه مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ته جيئن ٻار پنهنجي ٻولي جي آسان فهميءَ ۾ تعليم پرائي ۽ آس پاس جي شين، حالتن کي سمجهي سگهي ۽ انهن تي پنهنجي راءِ ڏئي ۽ جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچيس ته ان بابت سوال جواب ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ۽ پنهنجا مونجهارا پاڻ حل ڪري سگهي. پر جي ٻولي بدل هوندي جيئن گهر ۾ هڪڙي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ته وري اسڪول ۾ نه سمجهندڙ ٻي ٻولي پڙهائي وڃي ٿي ته پوءِ ان سان ٻار جي ذهن ۾ ڪئي مونجهارا پيدا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اها ٻولي ئي نه ٿو سمجهي سگهي ته پوءِ ان ٻوليءَ جي ذريعي هو مسئلن ۽ معاملن کي ڪيئن سمجهي ڪري، حل ڪندو. مطلب ته ٻار مُنڌل مُنڌل ۽ غير يقينيءَ واري حالت ۾ رهندو. اهڙي تعليمي ماحول ۾ ٻار تخليقي صلاحيتن کان خالي رهندو. تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجي ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي تعليم ڏني وڃي، ته جيئن هو پنهنجي مادري ٻوليءَ جي وسيلي پنهنجي سٺين لوڪ روايتن، قومي اخلاقيات ۽ ڪلچرکي سمجهي ڪري هو پاڻ تهذيبي ۽ تخليقي هڪ قومي ڪردار بنجي سگهي.
2.       ڌاري آباد ڪري ۽ ان جا  ٻوليءَ تي منفي اثر
اهو تاريخي طور ثابت آهي ته جڏهن به ڪي قومون لڏپلاڻ ڪري ٻين خطن يا علائقن ۾ زوريءَ يا حادثتي طور وڃي آباد ٿينديون آهن ته انهن ۾ ڪجهه ڪِنيُون عادتون پيدا ٿينديون آهن، جيئن مثال طور: هو ظالم ٿي پونديون آهن. انهن ۾ مفاد پرست گروهه يا ٽولا پيدا ٿي پوندا آهن يا هُو مذهب ۾ لِڪِي مذهبي انتها پسند گروهه يا ٽولا پيدا ڪري وٺنديون آهن وغيره وغيره ۽ پوءِ اهي ڌاريون قومون پاڻ کي اعليٰ، مُهذب، بهادر ۽ پاڻ کي حق بجانب سمجهندي پنهنجون غلط سلط هٿ ٺوڪيون مذهبي روايتون انهن  خطن/علائقن/ملڪن جي اصل قومن تي مڙهينديون آهن. پوءِ اهي ضد تي اچي پنهنجي انهن غلط سلط هٿ ٺوڪي روايتن تي زوري مڙهي ڪري ان تي هلائڻ  جي لاءِ دهشت کا ڪم وٺندي قتل وغارت ڪنديون آهن، اهڙيءَ طرح هو پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪنديون آهن. جهڙيءَ طرح پوري دنيا سميت اسانجي ڪراچيءَ ۾ پڻ ٿي رهيو آهي. ٽيون ڪم جيڪو ڌاري آبادي ڪندي آهي  سو اِهو آهي ته هي طاقتور مقامي مفاد پرست ٽولن سان ملي ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي تعليم جي ذريعي مٿاهين حيثيت ڏياريندي آهي ۽ اصل ڌرتيءَ جي مالڪن جي ٻولي کي غير اهم، غير مذهبي ۽ اڻپوري ٻولي جي حيثيت ڏياري ڪري ان کي بنيادي تعليمي توڙي ٻين ادارن مان نيڪالي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح ڌاري ٻولي تعليمي ادارن ۾ گهڙِي ايندي آهي ۽ ڌرتي جي اصل ٻوليءَ کي نيڪالي ڏئي ڪري، پنهنجي حڪمراني قائم ڪندي آهي ۽ ان اصل قومي ٻولي کي ختم ڪري، ڄڻ  قوم کي به ختم ڪيو ويندو آهي. جهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ ريڊانڊين سان ٿيو ۽ هاڻ هت اسان سنڌين سان به ساڳيو تجربو ڪيو پيو وڃي. پر ان جي باوجود سنڌي ٻولي پنهنجي تاريخي پختگي، لغوي وسعت ۽ تهذيبي ورثي جي طاقت سان انهن ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري رهي آهي. هاڻ سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ لازمي طور پڙهائڻ لاءِ ڪوشش ڪن،  پوءِ اهي تعليمي ادارا سرڪاري هجن توڙي خانگي هجن،  پر انهن جو بنياد هن خطي جي ٻولي ”سنڌي ٻولي“  هجي.
3.       جديد سائنس ٽيڪنالائجي جو ٻوليءَ تي مثبت اثر
جيئن ته سنڌ دنيا سان ڳنڍيل آهي ته پوءِ دنيا ۾ جيڪي به علم، سائنس ۽ ٽيڪنالائجي ۾ تبديليون اچي رهيون آهن، تن جو اسان تي ۽ اسانجي ٻوليءَ تي سڌي طرح يا اڻسڌيءَ طرح اثر پوي ٿو. هن وقت ڪمپيوٽر سائنس جي اهڙي ايجاد آهي جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي، هر ڪم تي پنهنجا سڌا اثر ڇڏيا آهن بلڪِ هن وقت ڪمپيوٽر کا سواءِ ڪامياب زندگي، ڪامياب سماج ۽ ڪامياب نظام جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح ان جديد سائنس جو به  اسان جي ٻوليءَ تي سڌيءَ طرح اثر لازمي پوي ٿو. تنهن ڪري لازمي آ ته سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجيءَ جي ٻولي بڻائڻ کان سواءِ اسان جو ٻولي ترقي ڪري نه سگهندي، بلڪِ ٻين ٻولين سان مدِ مقابل ٿي بيهي سگهڻ لاءِ اِهو لازمي آهي ته هن ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائجي. حلانڪ هن وقت ان حوالي سان اسان وٽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجي ۾ چڱوخاشو ڪم ٿيو آهي ۽ هن وقت گوگل ترجمي ۾ پڻ سنڌي ٻولي اچي چڪي آهي جيڪا خوش آئيندهٰ ڳالهه آهي، ان لاءِ انهن سنڌي ماڻهن کي مبارڪون هجن جن ان مد ۾ ڪوششون ڪيون ۽ اميد ته ايندڙ وقت ۾ به اهي ڪوششون جاري رهنديون. هن وقت سنڌي  اِي-بڪ ۽ سنڌ ڊجيٽل لائبريري پڻ آن لائن ٿي چڪيون آهن، جنهن جي ذريعي اسان کي هزارين سنڌي ڪتابن تائين رسائي ڪري ممڪن بنجي سگهي آهي. اهي سڀ ڪم اسان پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ لازمي سمجهون ٿا،  هاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو منظور ٿيل سنڌي ٻاراڻو ڪتاب موبائيل ٽچ اسڪرين يا انڊورائيڊ موبائيل تي آندو ويو آهي. هن سافٽ وئير جي ذريعي سنڌي ٻاراڻو ڪتاب مڪمل طور انٽر ايڪٽ طريقي موجب پڙهائڻ لاءِ نهايت موزون آهي،  هن پڙهائڻ جي طريقي کي اِي-لرنِنگ چئبو آهي، هاڻ ته دنيا ۾ اِي-لرننگ جي ذريعي تعليمي ادارن ۾ پڙهايو پيو وڃي، اهڙي پڙهائڻ جي طريقن جي ذريعي اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي پڙهايون ته يقينن اسان جي ٻولي ۾  وڌيڪ وسعت ايندي جيڪا بنيادي تعليم ۾ هڪ انقلابي تبديلي آهي.    
4.       اسان خود سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، پنهنجي ٻوليءَ جي وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهيون
هن ڳالهه جو تعلق اسان سان خود آهي، جيڪي اسان پاڻ پنهنجي ٻولي ڳالهايون ٿا تن کي پنهنجي ٻوليءَ جو احساس هئڻ گهرجي، تنهن ڪري انهن کي هيٺين اهم ڪمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
·         سڀ کان پهرين پاڻ جيڪا ٻولي ڳالهايون تنهن کي صفا چٽيءَ طرح سان ڳالهايون مطلب ته لفظ، جملا ۽ انهن جا اُچار يا آواز صاف، سٺا ۽ چٽا هجن.
·         بازار مان ڪا به خريد فروخت ڪرڻ وقت دڪاندار سان، اسان پنهنجي ٻولي صاف ۽ چٽيءَ طرح سان لازمي طور ڳالهايون.
·         تقرير يا تحرير ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت ڏيون ۽ پنهنجن حوالن ۾ سنڌي شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ فلاسفرن کي اهميت ڏئي ڪري انهن جي لکيل ليکن کي اهميت ڏيون
·         ڪنهن به تقرير يا تحرير تي جيڪڏهن تنقيد ڪريون ته ان لاءِ سٺن لفظن ۽ شائستگي وارن جملن جو استعمال ڪريون، ۽ لازمي طور آ ته تنقيد اصلاحي هجي، جنهن مان ٻيو ماڻهو سکي يا پرائي. 
·         ڳالهائڻ وقت ۽ خاص ڪري لکڻ وقت گرامر جي نشانين مثال طور سوال ڪرڻ جو طريقو، حيرت واري ڳالهه ٻڌائڻ جو انداز، يا ڳالهائڻ وقت ساهي کڻڻ ۽ وري ڳالهه کي شروع ڪرڻ جو انداز وغيره کي چڱي نموني سان ادا ڪيو وڃي ته جيئن سامهون ٻڌندڙ يا ٻولي سکندڙ چڱيءَ طرح ٻڌي، سمجهي ۽ سکي سگهن.
·         ڳالهائڻ يا لکڻ وقت خاص طور لفظن، جملن جي ادائگيءَ ۾ زير، زبر، پيش، مند، جزم، شد وغيره جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
·         سنڌي ميڊيا پوءِ اها اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا  پرنٽ ميڊيا هجي، انهن کي گهرجي ته پنهنجن ادارن ۾ صاف سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ درست سنڌي لکندڙ ملازم رکن ته جيئن اخبارن ۾ درست سنڌي لکجي ۽ ٽي وي وغيره تي درست سنڌي ڳالهائجي.
اهي مٿيون اهم ڳلهيون اسان جي پنهنجي ڌيان ۾ رکيون ته يقنن اسان پنهنجي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي سگهون ٿا ۽ اسڪولن ۾ تعليم جو معيار پڻ بهتر ٿي سگهي ٿو. هونءَ به ٻولي ڳالهائيندڙ جي وس هوندي آهي، جي ان کي صحيح، سولي نموني ۽ سٺن لفظن، جملن ۽ استعارن سان ڳالهائبو ته ان ۾ مٺاس، نماڻائپ ۽ سٻاجهائپ هوندي ته ٻڌندڙ کي پئي وڻندي ۽ هو ان ٻوليءَ سان محبت پيو ڪندو