الائي ڪهڙي سمي ۽ الائي ڪهڙي نندوري قوم جي اسان جي قوم کي نظر لڳي وئي
جو ورهاڱي کان پوءِ ته سنڌ ڏکن جو ڏول بنجي پئي آهي جو پئي ٿي ٽلڪي هاڻ ته
وقت جي رسي سوڙهي ٿيندي پئي وڃي ۽ سنڌي قوم وڃي ٿي سسندي ۽ ختم ٿيندي !
سنڌي ٻوليءَ جي پٺيان ته ڏائڻون لڳيون پيون آهن، جو انهيءَ منهنجي مٺري
ٻوليءَ کي وڌڻ ويجهڻ ئي نٿيون ڏين، بلڪ ان جي مارڻ لاءِ، ختم ڪرڻ لاءِ بنهه
چئن ئي طرفن کان ڪات ڪهاڙا کنيون اسان جي ٻوليءَ جي پٺيان پٺيان پيون
اچن. ان گهٽ ٻوسٽ ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ به پنهنجي قوم جي جياپي ، ترقي ۽
تعليم لاءِ ڪي جُنگ جوان آهن جيڪي ، پنهنجي منهن ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت،
پنهنجي ڏات، صلاحيت ۽ اعتماد تي ڪم ڪن ٿا.
هو ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندي، وڃي هڻي هنڌ ڪن ٿا. اهڙن جُنگ جوانن مان، سنڌ جي آمري تهذيب ۽ لڪي ڌارا ( لڪي شاهه صدر) جي ڳوٺ ”نوداڻي“ لڳ ”آباد“ ۾ جنم وٺندڙ علي حسن ملاح به هڪ آهي. جنهن پنهنجي استاد جي پيشي کي” مانُ“ ڏنو آهي. آمري تهذيب ۽ لڪي ڌارا جي ڳوٺن جِي اها لُڙي به ڇڄي پئي آهي ڇو ته هن جي آس پاس وارا سڀ ڳوٺ هاڻ ختم ٿي چڪا آهن جن ڳوٺن ۾ ٻجورا، مياڻي،پنهورن جو ڳوٺ، ٿيٻاٺ ۽ نوداڻي اچي وڃن ٿا. هاڻي اسان جو ڳوٺ ”آباد“ به وڃي نالي ماتر بچيو آهي، جتي سنڌ جو وڏو عالم، اديب، استاد، نقاد ۽ دانشور محترم محمد ابراهيم جويو جنم ورتو. ان آباد ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي ملاحن جي ”نوداڻي“ ڳوٺ جي هڪ پورهيت حاجي خان ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ٻاراڻي تعليم ڳوٺ ”آباد“ جي پرائيمري اسڪول ۾ ورتي ۽ ان کان پوءِ هن غربت جي سبب پنهنجي تعليم کي گهر ويٺي پرائيويٽ طريقي سان جاري رکي، ۽ گڏوگڏ محنت مزدوري پڻ ڪندو رهيو نيٺ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ پهرين بي. اي جي بنياد تي ڊپلوما ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڪمپيوٽر پروگرامنگ م ايم. اي. سِي ڪئي. ان کان اڳ هڪ ٻي ، ايم. اي ماسڪميونيڪيشن ۾ پڻ ڪيل اٿس.
علي حسن ملاح پاڻ هڪ استاد سان گڏ اديب.شاعر، ڪالم نگار ۽ ٻولي شناس به آهي، هن جا ڪئي مضمون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوهٰ هن جي شاعريءَ کي مختلف نوجوان فنڪار ڳائي چڪا آهن. هي ماڻهو تعليم جي اهميت کان ڀليءَڀت واقف آهي ۽ ان کان به وڌيڪ ٻوليءَ جي تعليم جي اهميت سڀ کان مٿي سمجهندي، جديد ٽيڪنالائجي جي معرفت پنهنجي ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو بنائڻ لاءِ هن سنڌي ٻولي سکڻ جو سافٽ وئير جوڙيو ، جنهن ذريعي هن سنڌي پرائيمريءَ جو ڪتاب جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشوري جي طرفان منظور ٿيل آهي . کي ان سافٽ وئير جي ذريعي پڙهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ڊجيٽلائيز ڪيو آهي. هي سافٽ وئير ڪمپيوٽر تي فري اوپن سورس طور رکيل آهي. هن جديد طريقي کي اِي لرننگ طريقو چئبو آهي . هاڻ جيڪو به ماڻهو هن سافٽ وئير جي ذريعي پڙهڻ چاهي يا سنڌي ٻولي سکڻ چاهي ته ان لاءِ هي فري آن لائن پيو آهي . هي سافٽ وئير خاص طور سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين ۽ ٻين قومن لاءِ جيڪي سنڌي پڙهڻ ۽ سکڻ چاهين انهن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. هي سافٽ وئير انهن سنڌين جي سوال جو جواب پڻ آهي جيڪي چون ٿا ته اسان سنڌ کان ٻاهر رهون ٿا ، هت سنڌي اسڪول ڪونه آهن ۽ نه وري ڪي سنڌي ڪتاب آهن ته پنهنجي ٻارن کي سنڌي ڪئين پڙهايون؟ مان سمجهان ٿو ته هي سوال هاڻ بي معنيٰ ٿي چڪو آهي. بلڪ هاڻ اسان کي صرف ڪمپيوٽر کولڻ جي ضرورت آهي، اسان وٽ سائين علي حسن ملاح جي ان سافٽ وئير جي ذريعي اسڪول به آهي ته ڪتاب به آهي ته وري سنڌي ٻوليءَ کي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ وارو استاد پڻ موجود آهي، مطلب ته سڄو مسئلو حل ٿيو پيو آهي . اها محنت ۽ جفاڪشي سائين علي حسن ملاح ۽ ان جي اداري انڊسليڪان، ڄامشورو جي بدولت سنڌ ۽ دنيا جي سنڌين لاءِ هڪ انمول تحفو آهي.
جئين سائنس ۾ جدت آئي آهي تئين ئي پڙهڻ ۽ سکڻ جا به نوان ، جديد طريقا پيدا ڪيا ويا آهن. سڀ کان پهرين اسان ڪاٺ جي پٽيءَ تي پڙهندا هئاسين ۽ سليٽ تي لکندا هئا سين، ان کان پوءِ ڪتاب ۽ ڪاپيءَ تي پڙهڻ ۽ لکڻ سکياسين پر هاڻ جئين ته جديد ٽيڪنالائجي ۽ ڪمپيوٽر سيٽلايئٽ جو دوءر آهي تئين ئي سکڻ ۽ پڙهڻ جا طريقا بدلجي ويا آهن. انٽرنيٽ جي ذريعي ماڻهن سکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو آهي ، دنيا جون لائبريريون آن لائن ريسورس سينٽر بنجي چڪيون آهن، اِي لائبريريون، اِي بڪ ، اِي لرننگ ۽ هاڻ موبائيل لرننگ اهي سڀ پڙهڻ ۽ سکڻ جا ذريعا آهن. هي سڀ طريقا اسان جي تعليم جي حاصل ڪرڻ ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ سکڻ جا تڪڙا طريقا آهن.
پهرين ڪجهه وقت اڳ سائين علي حسن ملاح صاحب اهو سنڌي سافٽ وئيرڪمپيوٽر انٽرنيٽ جي ذريعي فري آن لائن ڪيو ۽ هاڻ وري هن ، ان کي اپ ڊيٽ ڪري اسان ۽ اسان جي ٻارن جي هٿ ۾ استعمال ٿيندڙ انڊورائيڊ موبائل (ٽچ اسڪرين موبائيل) تي آن لائن ڪيو آهي ، جيڪو گوگل پلي جي لنڪ لائن تي فري اوپن سورس طور پيو آهي. هن سافٽ ويئر ۾ علي حسن صاحب جي پنهنجي آواز ۾ ا، ب، ٻ، .... جي مڪمل پٽي، ٻوليءَ وارا مڪمل ڏهه آوازن جي ڪڪ پٽي، لفظن ۽ جملن جي هجي ۽ روان سان پڙهائڻ شامل آهي. انکان به وڌيڪ رنگ ڏيکاري انهن جا نالا سيکارڻ، مختلف جانورن، پکين ۽ ٻين سائنسي مشينين جون شڪليون ۽ انهن جا آواز، انگ، جاميٽريءَ جون شڪليون۽ انهن جا نالا، مطلب ته هي مربوط نصاب پٽاندر هي مڪمل اِي-بڪ آهي. هن اِي-بڪ جي هڪ ٻي دلچسپ شيءِ اها آهي ته هن جي آخر م هڪ پزل گيم پڻ ڏنل آهي جيڪا ٻار جي دلچسپيءَ کي اڃا به وڌائي ٿي. موبائيل جي ذريعي سکڻ جي هن عمل کي موبائيل لرننگ چئجي ٿو. يعني ته ڪمپيوٽر اِي لرننگ کان به وڌيڪ سهولت سان ۽ هر هنڌ، جتي به توهان ۽ توهان جي موبائيل اتي اوهان جي موبائل لرننگ جي ذريعي سکڻ ۽ پڙهڻ جو عمل جاري ۽ ساري آهي. هاڻي سنڌي پڙهڻ ۽ سکڻ جو وسيلو، آسان ۽ تڪڙو ذريعو سائين علي حسن ملاح اسان کي ميسر ڪري ڏنو آهي، هاڻ اسان ان مان ڪيترو فائدو وٺون ٿا ۽ علي حسن ملاح ۽ ان جي اداري کي ڪيتري موٽ ڏيون ٿا، اهو اسان ۽ دنيا جي سنڌين ۽ سنڌي قومي ادارن تي ڇڏيون ٿا.

کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں