9.12.2019

Book review


  



محمد يوسف جويو

                         جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو/امر لغاري:  ( ڪتاب جو مطالعو)

            ڪائنات جي سونهن رڳو انسان سان ڪا نه آهي. پر ان جي سونهن ۽ خوبصورتي پکين سان، گلن سان، وڻن ٽڻن سان، جيت جڻين سان ۽ جانورن سان پڻ ڳنڍيل آهي. بلڪ ڪائنات جي سونهن تڏهن ئي مڪمل ٿئي ٿي جڏهن اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ فطرتي آزاديءَ سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي گھمي ڦري سگھن ۽ پنهنجو نسل وڌائي سگھن. ڪائنات جي هن وايو منڊل ۾ عجيب منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سمنڊ درياهه، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٻيلا، بيابان، جھنگ ۽ جبل وري انهن ۾ رهندڙ قدرت جي عجيب وغريب مخلوق جنهن جو تعلق سڌي طرح يا اڻسڌي طرح جُڳن کان انسان سان رهندو اچي _ اهڙو فطرتي ماحول اسان جي مٺڙي سنڌ کي پڻ ميسر آهي. هتان جو درياسنڌو جنهن جي ٻنهي ڪنارن کان وڏا وڏا ٻيلا هوندا هئا (جيڪي هن وقت اسان جي محافظ ادارن طرفان وڍائي پٽ ڪيا ويا آهن) جنهن جي وچ مان سنڌو درياهه ڇوٽ وهندو هو. ڪتاب لکن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو جي ذريعي واپار ڪيو ويندو هو. پر افسوس جو اڄ اهو سڪي ٺوٺ ٿي  ويو آهي. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ درياهه جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ نتيجي ۾ سمنڊ مٿي پائيندو پيو اچي. ”جت سنڌو ۾ سمنڊ وهي ٿو“ ڪتاب ۾ ڪل يارنهن (11) مضمون24 ڦوٽو جيڪي مختلف ماڳن، جانورن ۽ پکين جا آهن. ان کان علاوهٰ نقشه جنهن ۾ هڪ سنڌو جو ۽ ٻيو هاڻوڪي مَکِي ۽ چوٽياريڊيم جنهن ۾ ڀرپاسي وارا ماڳ واضح طور ڏسيل آهن. مشاهداتي مطالعي تي ٻڌل ڪتاب امر لغاري جو ئِي آهي. ڪتاب جو نالو جنهن مضمون مان کنيو ويو آهي. اهو مضمون سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هنڌ سنڌو جو پاڻي هيٺ سمنڊ ۾ نه ڪِرڻ جي ڪري سمنڊ سنڌوءَ ۾ وهي رهيو آهي. ڪو وقت هو جو سنڌومَستُ ٿي وهندو هو، ٻوڏ ڪندو هو، ڪُن هڻندو هو ۽ اُن جي تِکِي سِير ۾ غورابا (ننڍا جھاز) هلندا هئا، انهن جي ذريعي واپار ٿيندو هو. لطيف جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳي سڄا اهڙن بيتن سان ڀريا پيا آهن لطيف چئي ٿو.
لُڙَ، لهريون، لَسَ ،ليٽ، جتي اُت نه آب جو،
  الله    اُتِ مَ   اوليين ،  ٻيڙا    مٿي   ٻيت،
    جوکو ٿئي مَ  جھاز کي ، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
     لڳي ڪا مَ لپيٽ ،   هن  غاريبي  غُرابَ  کي،

دريائي ڇوڙ جو ذڪر ڪندي امر لغاري چاچي عرس ملاح جي چواڻي لکي ٿو ته “ .... ۽ اڄ توهان ڏسو سمنڊ ڪيترو نه ڇُڙواڳُ  ٿي اڳتي وڌي آيو آهي.  جي دريا ۾ پاڻي هجي ها ته اڄ به سمنڊ ڏڪندو ڪنبندو پوئتي هليو وڃي ها ، درياهه جي دهشت اڳيان سمنڊ ڪجهه به نه آهي، سائين!“ اهو آ، اسان جي سنڌوءَ جو حال پوءِ ڇو نه سمنڊ سال به سال ٻنهي پاسي زمين پاڻيءَ هيٺ آڻي! درياءَ تي بئراج ۽ ڊيمن ٺهڻ سان هيٺ پڇڙي واري خطي ۾ پاڻي جي نه پچڻ جي صورت ۾ ’ٻا ٻيهو، آٿڙڪي، ٺوڙهي ۽ سڄڻ واري‘ دريائي ڇوڙن (ڊيلٽا) ۾ سمنڊ ، ”اندر“ وهي رهيو آهي.

  نه ڪا بوءِ بازار ۾ ، نه ڪا ڇلُر ڇَٽ،
جئي ڏُنڀرين جِي، اَڳي هُئي اُگھٽ،
  سي پِڙُ پسيو پَٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.

’ٽائيڊل لنڪ‘ جيڪو گذريل سامونڊي طوفان ۾ تباهه ٿي چڪو آهي، ۽ ات هاڻي سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. ان ڪناري جي پکين جو ذڪر ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته ٻَگھ ۽ سانهون، ڳاڙهيون سِرڻيون، بدڪ، ڪانيرو ۽ ڳاڙهي چنهب واري لاکي ڄاڃين پکين جا وَلرَ آهن. هت پيڻ پکي ٻن قسمن جا رهن ٿا، اُهي سڀ مڇي ۽ پاڻيءَ جي ٻين جانورن تي گذر ڪن ٿا. ٽائيڊل لنڪ  سان گڏ “مهرو ڍنڍ ۽ چولري ڍنڍ“ جيڪي ٻئي هاڻي سمنڊ سان ملي هڪ ٿي ويون آهن. اڳتي لکي ٿو ته هن علائقي کي پکين لاءِ پناهه گاهه  (Birds Sanctuary) قرار ڏنو وڃي ٿو“ هي اپيل فطرت سان پيار ڪندڙ ۽ حساس دل رکندڙ امر لغاري جي آهي. جنهن ماحوليات تي هي سنڌيءَ ۾ منفرد ڪتاب لکي اسان سڀني کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ڇاڇر ۾ ڇيرون“ مضمون بدين ضلع جي ان خطي جو نوحو بڻجي چڪو آهي.
سانگھڙ ضلع ۾ جيئن ته ڍنڍن جو چڱو خاصو تعداد موجود هئڻ ڪري مڇيءَ سان گڏ پاڻيءَ جي ٻي مخلوق جهڙوڪ واڳون ۽ سيسر واڳون پڻ هت جا رهواسي هئا، جيڪي هاڻ ريڊ انڊين جيان ختم ٿي چڪا آهن. هن مضمون ۾ رڳو ضلع نواب شاهه جي ديهه اڪرو-2 ۾ رڳو 46 ڍنڍن جو ذڪر ٿيل آهي، جن مان چند باقي وڃي بچيون آهن، باقي ٻيون سڀ ختم ٿي چڪيون آهن. سانگهڙ جي مکي جي ڍنڍ جوذڪر ڪندي پيهوڙي پکيءَ جو احوال اوري ٿو. هي پکي پاڻيءَ تي ترندڙ سائي گاهه جي مٿان پيهِي ٺاهي پوءِ ان پڌر تي آنا لاهي رکندو آهي ۽ اِهو ئِي اُن جو آکيرو ۽ ٻچن ڏيڻ جو هند آهي. چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي ڪري هي تاريخي ڍنڍ پڻ متاثر ٿي آهي. سائبيريا کان سانگراڙيءَ تائين جي مضمون ۾ پرديسي مهمان پکين ۽ ٻين مقامي پکين جا نالا کڻي اسان کي ڄاڻ ڏئي ٿو مثال طور ’چيڪلا، ڳيهڻو ، آڙي،  ٿوراندو،  ٻُهاڙ (ٻه قسم) ڦرائو(هي پکي سيٽيون هڻندڙ آهي) رونهارو، نيرڳ، هنج ، لاکي ڄاڃين،  پيڻ، کنڀو، هنجر، اڇڙو ۽ چيهه وغيره جنهن جو  هتان جا شڪاري شوقينَ شڪار ڪن ٿا،  جنهن جي ڪري هتي پکين جو اچڻ گھٽ ٿي ويو آهي.
            سانگھڙ شهر کان 11 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پڪسري نالي هڪ هنڌُ آهي. جنهن کي پڪسري ريگيوليٽر پڻ سڏيو ويندو آهي. هتان ٽي واهه نڪرن ٿا جيڪي بان واهه.کپرو واهه .۽ ڍوري واهه جي نالي سان مشهور آهن. هتان جو خوبصورت منظر ڏسڻ وٽان آهي. هتي ڪنهن وقت ۾ وڻن جا هُشام هوندا هئا. جيڪي هاڻ وڍي ڀڙڀانگ ڪيا ويا آهن. قدرتي سونهن کي داغدار ڪيو ويو آهي: ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو ته پڪسري تي جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي آهي ته اُها آهي ”وڻن جي وڍ جي وڃڻ جِي!“، اِهي وڻ جن ۾ سِرينهه، ٽالهيون، گدامڙي، ليسوڙا، پپر، نمون، آسري لوا، بَهڻ ۽ ڪنڊا جيڪي نه رڳو هن پڪسري جي سونهن هئا پر مکي ٻيلي جو حصو پڻ هئا. وڻ ماحولياتي زندگي آهي. ۽ جيڪڏهن توهان اندازو ڪريو  وڻ وڍ جي وڃي ته ڇا اها زندگي باقي رهندي! يا هن ڌرتيءَ جي سونهن باقي رهندي؟
چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي ڪري فائدو ته ٺهيو پر هن خطي جو جيڪو ٻيو نقصان ٿيو آهي. تهنهن جو اندازو، ”ڏوگريون ۽ ڪهڪارو“  ٻن تاريخي ڍنڍن جي سُڪِي وڃڻ مان لڳائي سگھجي ٿو. جنهن جي دامن ۾ انيڪ قسمن جا پکي ۽ ٻِي آبِي جيوت رهندا هئا. جيڪي هاڻ مشڪل سان ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
            اڇڙي ٿر جي معصوم جانور “سنڌي هرڻ“  تي مضمون لکي سچ پچ ته امر لغاريءَ انسانيت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته هي جانور اسان جي ڌرتيءَ  تان لاڏاڻو ڪري وڃي رهيو آهي يعني هن جانور گُگدام جا قصا هاڻ رڳو اسان جي ڪتابن ۾ ئي پڙهنداسين.  ڳالهه ٿر جي هلي ۽ ان ۾ اٺ جو ذڪر نه هجي ائين ٿي نه ٿو سگھي ڇاڪاڻ ته اٺ ٿر جو ڏاهو ۽ فيل مست جانور آهي. ٿر جي ميلن ۾ اٺ جي ڊوڙ مشهور آهي. ٿر ۾ اٺ خاص قسم جا پاليا ويندا آهن جن ۾ پارڪري ، ڍاٽي، جيسلمري ۽ عام ٿري اٺ اچِي وڃن ٿا. اٺ جي کاڌي بابت ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي امر لغاري اسان کي ٻڌائي ٿو ته اٺ ڄار(ڪالر) ڪنڊي، لاڻو ، ڪرڙ، کپ ۽ ڦوڳ  وڏي شوق سان کائي ٿو. اهڙيءَ طرح ٿر ۽ مهُراڻي جي اهم وڻ “ڪنڊيءَ“ جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪو پڻ تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي.
            اسان جي دين اسلام ۾ حق ٻن قسمن جا آهن، هڪڙو حقوق الله يعني پالڻهار جا حق. جيڪو ماڻهو نماز پڙهي ۽ ٻيون مختلف عبادتون ڪري مالڪ کي ريجھائيندو آهي. ۽ ٻيو حق حقوق العباد آهي يعني انسان جا انسان تي ۽ انسان تي قدرت جي ٻي ”بي زبان مخلوق جا حق “ آهن جيڪي اڄ جي انسان وساري ڇڏيا آهن _ ڪتاب “جتي سنڌو ۾سمنڊ وهي ٿو “ پڙهڻ سان اهو سڀ ڪجھ معلوم ٿي ويندو ته اسان الله تعالى جي مخلوق جا حق ادا ڪرڻ جي بجاءِ ڪيئن انهن جو زيان ڪري رهيا آهيون ۽ جنهن جو نتيجو نيٺ اسان کي ئي ڀوڳڻو آهي.

نوٽ: هي مضمون 25.04.2004ع جي شام جو هن ڪتاب جي مطاعلاتي ويهڪ ۾ پڙهيو ويو.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں