محمد يوسف جويو
سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي شهر ٽنڊو محمد خان جي ريوا چند گهٽي (مير پاڙو) ۾ رهندڙ سيٺ سرڳواسي ايسرداس گانگاڻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اسان جو ساهه سُريتو سائين گر ڏنو گانگاڻي تاريخ 24 سيپٽمبر 1945ع تي ڄاوا ۽ پنهنجي چاچي لونگ مل گانگاڻي جي سرپرستيءَ ۾ سندس ئي گهر ننڍا ٿي وڏا ٿيا. پاڻ سجاول شهر جي پرائيمري اسڪول مان شروعاتي تعليم ورتائون. ميٽرڪ جو امتحان سجاول جي هاءِ اسڪول مان 1962ع ۾ پاس ڪيو، هي اسڪول سجاول جي سماج سڌارڪ جناب محمد يوسف چانڊيو جو جوڙايل آهي، سائين ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ سال موڙ ٻڌي گهوٽ بڻجي شادي ڪئي. 1978ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، جي شعبي لائبريري سائنس مان ماسٽر آف لائبريري سائنس جي ڊگري وٺي ڪري ان ئي شعبي ۾ ليڪچرار ٿي ويو ۽ ايسوسيئٽ پروفيسر جي عهدي تائين پهچندي 2005ع ۾ رٽائر ٿيو آهي. نوڪريءَ دوران پاڻ پڙهندو ۽ لکندو رهيو اهڙيءَ طرح پاڻ پڙهندي سنڌيءَ ۾ ايم اي، قانون ۾ ايل ايل بي ۽ ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون. ان کان علاوهٰ پاڻ کوڙ سارا تحقيقي مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن۽ ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا آهن جن جو مختصر احوال هيٺين ريت ڏجي ٿو
1. گانگاڻي،گرڏنو:شيخ اياز شخصيت ۽ فن.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1998ع200ص
2. گانگاڻي،گرڏنو:انساني تهذيب ۽ ڪتب خانا.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1996ع 138ص
3. گانگاڻي،گرڏنو(مترجم):لائبريرين شپ جا سماجي بنياد.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگارپبليڪيش2000ع 136ص
4. گانگاڻي،گرڏنو:انٽرنيٽ.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،1999ع 200ص
5. گانگاڻي،گرڏنو: ڪمپيوٽر سائنس.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيش. 1999ع 208ص
6. گانگاڻي،گرڏنو:آئينه ڪتب خانا.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-----ع
7. گانگاڻي،گرڏنو:ڌرم ۽ مذهب.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-------ع
8. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس ۽ ان جا اصول.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،----ع
9. گانگاڻي،گرڏنو: ڪتب خانن جي اهميت.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،---------ع
10. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٽيون).حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،-------ع
سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ ڪئي شعبا پاڙهيا وڃن ٿا جن مان لائبريري سائنس شعبو به هڪ آهي، هي هاڻي ترقي ڪري لائبريري انفارميشن سائنس اينڊ آرڪاوئيز اسٽڊي ڊپارٽ بنجي ويو آهي. مادر علميءَ جي سوشل سائنس فيڪلٽيءَ جي ٻين شعبن هي هڪ نهايت مختلف ۽ پروفيشنل ڊگري ڏيندڙ ادارو آهي. سائين گرڏنو گانگاڻي بحيثيت استاد جي ڏاڍو محنتي ، جفاڪش ۽ ساهه سريڪو شخص رهيو آهي. سدائين پنهنجي شاگردن کي همٿائيندو، اتساهه ڏياريندو رهندو، ۽ پاڻ جيئن 1995ع ۾ پاڪستان لائبريري ايسوسيئشن سنڌبرانچ جي اگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ۽ پنهنجي سرگرميءَ کي تيز ڪندي پنهنجي شاگردن توڙي هم-شعبي جي ٻين ساٿين کي پي ايل اي سنڌ برانچ جو ميمبر ڪيائين. واندو ويهڻ هن کي اصل ڪين ايندو هو بس ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ جنبيو پيو هوندو آهي. ۽ نتيجي ۾ هيترا سارا ڪتاب لکي پنهنجي شعبي جو مان مٿاهون ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ به اضافو ڪيائين ته اسان شاگردن جو به ڀلو ٿي پيو ڇو ته سنڌيءَ ۾ لائبريري سائنس جي موضوع تي تمام ٿورڙن ماڻهن لکيو آهي تن کي به شابس هجي جن ۾ ؛ محترم سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ، محترم شاهه محمد بلوچ ۽ محترم دوست محمد ڀٽي سرِ فهرست آهن. سائين گر ڏنو گانگاڻي جي شخصيت تي مختلف عالمن جا رايا ڪجهه هن ريت آهن.محترم سرڪش سنڌي چوي ٿو؛ ”گرڏنو گنگاڻي به ڄامشوري ۾ رهندي، ڄام شوري جي هوائن جئين سدائين تحرڪ ۾ رهيو آهي. سندس روح ۾ هميشه لڇ پڇ رهي آهي. پاڻ جيڪي، جنهن محنت ۽ اکين کي اوجاڳا ڏيڻ سان حاصل ڪيو اٿس سو امانت با سلامت ساڳيءَ محنت سان اسان جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندي، پنهنجو انساني اخلاقي ۽ علمي فرض بنا ڪنهن غفلت يا بي پرواهيءَ جي ادا ڪندو رهي ٿو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته ”تپندڙ ڏينهن جي اُس ۽ اُڃُ ۾ ٿڌي ڇانوري ۽ پاڻيءَ جهڙو معتبر ۽ محترم هيءُ استاد، لائبريري سائنس ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر جي حيثيت سان نه رڳو نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت سان شاهوڪار ڪندو رهي ٿو پر مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وسعتن جيئن وسيع دل، دماغ رکندڙ هيءُ شخص پنهنجي علم کي قلم جي زبان ڏيئي، اسان کي / اسن جي لائبريرين کي مختلف علمي تحفا به ڏيندو رهي ٿو.“محترم سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ لکي ٿو؛ ” مسٽر گرڏنو، جو شاگري جي زماني کان ئي محنت ۽ مشقت ڏانهن لاڙو هو. هن پڙهڻ دوران پهرين سال ۾ ٽيون ۽ ٻئين سال ۾ پهريون نمبر کڻي 1978ع ۾ ڊپاٽمينت ۾ استاد جي حيثيت سان شامل ٿيو. ان کان پوءِ هن لابريري ۽ انفارميشن سائنس جي مضمون ۾ ترجمي ۽ تحقيق ۾ پاڻ گهڻو موکيو اٿائين. وقت جي تقاضائن جو به خوبي خيال رکيو اٿائين.“سائين گرڏنو صاحب پنهنجي باري ۾ ۽ پنهجي لکيل مواد جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ ”لائبريري سائنس هڪ پيشورانه علم هجڻ سان گڏوگڏ هڪ با قا عدهٰ سائنس جي حيثيت به رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان هن جهڙي اهم شعبي ۾ اسان جي شاگردن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي ڪتاب مهيا ٿيل نه آهن.“سائين جا شاگرد سڄي سنڌ جي مختلف ڪاليجن، پبلڪ لائبريرين ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ وڏن وڏن گريڊن ۾ ڪم ڪري رهايا آهن، پر جڏهن ته هي سچو ۽ کرو انسان وقت ۽ سماج سان ڀيچي ٿي نه بيهي سگهيو آهي. هن جي سادي، سٻاجهي ۽ ٻاجهاري طبيعت ئي اصل ڪمزوري بنجي وئي اهوئي سبب آهي جو هن عظيم استاد سان زماني وڏيون ٺڳيون ڪيون، دوکا ڏنا ته اتي پنهنجا به پراوا بنجي ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو، هاڻي پاڻ تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي پنهنجي زندگي گمنام طور گذاري رهيو آهي.
(نوٽ: هي مضمون سائينءَ جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هو)
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں