1.22.2020

Book review / قيد ڪشالا زندگي ڪتاب تي تبصرو

محمد يوسف جويو
                                   قيد ڪشالا زندگي ڪتاب تي تبصرو

No photo description available.                                            آتم ڪٿائون يا آتم ڪهاڻيون ته کوڙ ماڻهن جون لکيل آهن. جن جي پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي ان وقت جي حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي. سياڻا سچ چون ٿا ته آتم ڪٿا هڪ دور جي سچي تاريخ هوندي آهي. جيڪا ماڻهو پنهنجي شخصي حوالي سان پاڻ لکندو آهي. اهڙيءَ طرح جي هيءَ به هڪ آتم ڪٿا آهي. هڪ دور جي تاريخ آهي، جيڪا اسان جي ماضيءَ تي ٻڌل آهي. سائين الهورايو بهڻ جي لکيل ڪتاب قيد ڪشالا زندگيءَ جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪ ڀاڱي ۾ هن جي ٻالڪپڻيءَ جي ياد آهي. جيڪا هن پنهنجي وطن تي قابض انگريز حڪمرانن طرفان قائم ڪيل لوڙها جيل ۾ پنهنجي جيجل ماءُ ۽ پيءُ ۽ ٻين عزيزن يا مجاهد ماڻهن سان گڏ گذاريا هئا. اها ياد، اهي ڏک ۽ درد، پيڙا ۽ ڪرهت ڀريل غلاماڻي زندگيءَ بابت ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ لکيو آهي. اهو پهريون حصو انتهائي دردناڪ ۽ حيرت ڪنده داستان تي ٻڌل آهي. هت هن پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن ٻين ٻارن جي ۽ ٻين انسانن جي هڪ غلاماڻي پر مجاهدانا زندگيءَ جي اُپٽار ڪئي آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ وري هن پهرين اپريل 1952ع يعني پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لوڙها جيل جي ختم ٿيڻ سان هن پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد جي شروعات ۽ ڪشالا ڪاٽڻ بابت يادون ۽ حال احوال اوريا آهن. اهڙيءَ طرح هي اسان جو بزرگ ان وقت جي حالتن جي ڄاڻ اسان کي ڏئي ٿو.
                                            سائين الهورايو بهڻ سڄي سانگهڙ ضلعي ۽ هن سڄي تَرَ جو استاد آهي. هن وٽ ڪو به مت ڀيد، ڪنهن به قسم جي رنگ نسل جو ڪوبه تضاد نه آهي. هي پنهنجي مزاج ۾ هڪ مڪمل انسان دوست ۽ محبت ڪندڙ شخص آهي. هن ته ڌرتيءَ جي وڻن، ٻوٽن، پکين ۽ جانورن سان به پيار ڪيو آهي. هي پکين جهڙي معصوم ۽ آزاد دل رکندڙ ۽ وڻن جهڙي ڇانوَ ڏيندڙ ۽ گلن جي خوشبوءِ ڏيندڙ ماڻهو آهي. مان جڏهن به هن بزرگ سان مليو آهيان ته مون کي روحاني سڪون ۽ پيار مليو آهي. سائين محمد ابراهيم جويو چوندو هو ته ” سماج ۾ سٺن ماڻهن جي گهڻائي آهي ۽ ڪجهه ٿورڙا ماڻهو آهن جيڪي خراب  آهن. سٺن ماڻهن جي گهڻائي پاڻ ۾ متحد نه آهي، هو ڇِڙِ وِڇِڙِ آهن. تڏهن اهي ٿورڙا ماڻهو جيڪي نسورو ئي ٺڳ آهن سي پاڻ ۾ متحد آهن. سو انهيءَ ڪري هن دنيا ۾ شر ۽ فساد ڦهليل آهي. “ اهو بلڪل درست آهي ته جڏهن اسان جي وطن سنڌ ۾ اهي يوپي سي پي، دهلي، لاهوري يا لکنوي ٺڳ پهتا، تڏهن هي اسان جو سائين به انهن ٺڳن کان محفوظ نه رهي سگهيو. آخر هڪ لکنوي ٺڳ هن صوفي منش کي به ٺڳي ويو. پنهنجي وطن ۾ هوندي به، اسان جا ويچارا وطن واسي، اڃا به انهن ٺڳن کان ٺڳجندا ٿا رهن.ملڪ ٺهڻ کان پوءِ هڪ اهڙو ئي لکنوي ٺڳ جهول شهر ۾ آيو، جنهن اچڻ سان سائين الهورايي صاحب جن جي گهر جي پلاٽ ( جيڪو لوڙها جيل دوران خالي ۽ ويران پيل هو) تي قبضو ڪري، پوءِ اهو ٻن ٽن پارٽين کي هڪ ئي وقت ساڳيو پلاٽ وِڪرو ڪري ڏنو ۽ آخر ۾ اهو ساڳيو پلاٽ سائين وارن کي پڻ ڪجهه پئسن عيوض واپس ڪيو.اهڙي ٺڳيءَ بابت سائين لکي ٿو ” لکنوءَ جو ٺڳ آخري ٺڳي ڪري چڪو، جنهن جي خبر مون کي چاليهارو کن سال گذرڻ کان پوءِ هاڻي پئي آهي.“ اهڙيءَ طرح سان هڪ وڌيڪ ٻئي ٺڳ جي به ڳالهه ڪري ٿو، هي ٺڳ جيڪو مذهب جي نالي تي سکن جو قتل عام ڪرائي ٿو.  پاڻ لکي ٿو ته ”نوابشاهه جو ڪليڪٽر مسعود کدرپوش نواب شاهه جا ڏاميچ ماڻهو گهرائي ڪري، سکن کي قتل ڪرايو. ڇو ته ( ورهاڱي جي لڏپلاڻ سبب ) سندس عزيزن کي پنجاب ۾ سکن ماري ڇڏيو هو.“  هي لوڙها جيل مان آزاديءَ بابت لکي ٿو ته ” ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي ٺهڻ کان، پورا پنج سال پوءِ سنڌ ۾ لوڙها جيل ختم ڪرڻ ۽ قيدين کي آزاد ڪرڻ لاءِ 31 مارچ جي رات ٻارهين وڳي آزاديءَ جو گهنڊ وڳو ۽ پهريرن اپريل 1952ع جو سج اسان سڀني لاءِ آزاديءَ جو ڏينهن هو. هي اپريل جو پهريون ڏينهن اسان لاءِ اپريل ڦول نه هو پر حقيقت ۾ به اسان حرن جي جسماني آزاديءَ جو ڏينهن هو.“ اهڙيءَ طرح هي بزرگ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ خاطر جيڪي هو ڪشالا ڪاٽي ٿو، انهن جو ذڪر به خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو. ۽ ان سان گڏو گڏ هن پنهنجي نوڪريءَ دوران ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سانگهڙ ۽ اتان جي ساٿين کي ياد ڪندي ”بيورو جي بادشاهي“ يعني بيورو آف ڪريڪيوليم ڄامشوري جي آفيسر شاهيءَ جو به ذڪر ڪجهه کٽي ۽ مٺي انداز ۾ ڪيو آهي.
                                   قيد ڪشالا زندگي هي ڪتاب پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل (ڏيک) سان نارا ريسرچ پبليڪيشن آرگنائيزيشن سانگهڙ طرفان ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي پٺيون پاسو يعني بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي حوالي سان تعارفي ٽڪرو سنڌ جي نامياري ليکڪ خورشيد قائمخانيءَ جو لکيل آهي. سائين الهورايي بهڻ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي جيجل امڙ جي نانءُ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪتاب جي شروعات سائين پنهنجي هڪ دعائيه نظم سان ڪئي آهي. ۽ ڪتاب جي آخري صفحي تي ڌرتي دوست سنگت تنظيم جو مونوگرام ڇاپيل آهي. ڌرتي دوست سنگت سائين جي پنهنجي هڪ سماجي تنظيم آهي، جنهن جي پليٽ فارم تان هُو ماحول دوست ۽ انسان دوست جهڙا سماجي ڪم ڪندو رهيو آهي. ڪتاب جي صفحي يارهين کان صفحي ٻاونجاهه تائين محمد عمر چنڊ، استاد نظاماڻي، امر لغاري ۽ پاڻ ليکڪ جا مختلف عنوانن سان رايا ڏنل آهن. انهن کان علاوهٰ سورهن صفحا مختلف فوٽن تي مشتعمل آهن. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جي تاريخ جو هڪ باب آهي. هيءَ مزاحمت هڪ ننڍو ٻار ڪري ٿو ۽ سماج اندر وڙهندي وڙهندي ۽ وڌندي هڪ استاد، هڪ سونهون ۽ هڪ باڪردار ۽ باعمل انسان ٿي اُڀري ٿو. سائين هڪ اديب، شاعر، سماج سڌارڪ ۽ هڪ روشن خيال استاد آهي، جيڪو پنهنجي فڪر، ذڪر، عقيدي ۽ سماجي سائنس تي هڪ چِٽو ۽ مضبوط موقف رکي ٿو. سندس ٻه ڪتاب هڪ ”ايڏو درد عميق“ شاعريءَ جو  ۽ ٻيو ڪتاب ” رنگا رنگ ملائشيا“ سفر نامو ڇپيل آهن. انهن کان پوءِ سندس شخصيت تي هڪ ڪتاب ”ماڻهو مٽيءَ هاڻو“ به ڇپيل آهي. وڌيڪ سندس مختلف موضوعن تي جهڙوڪر تعليم، صحت، ۽ ماحوليات وغيره تي ڪئي مضمون ڇپيل آهن. 

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں