7.26.2019

Sindhi Short Story 'Birth of Mohean'

محمد يوسف جويو
موهين جو جنم (ڪهاڻي)
اڄ پورا ڇهه ڏينهن ٿي چڪا آهن، جو مهاراجا جي ڀاڳڀري وَنِيءَ ’ساڌنا‘ مان پُتر جنميو آهي. سنڌ ديس جي، آمري پرڳڻي ۾ وڏو جشن لڳو پيو آهي. هر پاسي کان دانُ ورهايو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف گايينِ جو کير ماڻهن کي پياريو پيو وڃي. مهاساگر سنڌوءَ تي پُکا وڌا پيا وڃن. مايون دايون اڄ خوش هيون. هيڏانهن ٻارن جون کينچَلُون ۽ هُوڪريا سڄي ماحول ۾ سندر سازن ۽ آوازن جو رنگ ڀري رهيا هئا. مها راجا اڄ ڏاڍو خوش هو، پنهنجي وني ساڌنا کي ڏسي چوڻ لڳو؛ ” اڄ سپت سنڌوءَ جو وارث جنميو آهي، اڄ آمريءَ جو وارث جنميو آهي، اڄ سڀيتا جو وِهائُو تارو اُڀريو آهي. اي! جڳ جا مالڪ تون مهان آهين، اوچو آهين.  تنهنجو ڪو مَٽُ نه آهي. ۽ اسان سڀني کي تون پَسين ٿو. اسان جي ڌرتي ماتا کي تون تاتِين ٿو. هي تنهنجو ڌرتيءَ لاءِ ڏنل تحفو، اسان قبول ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي آشريواد وٺون ٿا. شال هي ٻالڪ هن مهان ڌرتيءَ تي امن ۽ خوشحاليءَ جو ۽ هن سڄي پرٿويءَ جو انسان بنجي..... اوچو انسان.....آزاد انسان......“ هن مٿي آڪاش طرف ڏٺو ته خوشيءَ ۾ مان ڳلن تي لڙڪ لاڙي ويٺو، پوءِ هن پنهنجي پتر جي نرڙ تي چمي ڏئي ڪري ماءُ ساڌنا جي جهوليءَ  ۾ ڏنو.
محل جي ٻاهر ميدان تي آمري پرڳڻي جا ماڻهو، مايون توڙي مڙسالا، ڏِڪرا توڙي ڏِڪريون،  صبح کان وٺي ننڍڙي ٻالڪ جو درشن ڪرڻ لاءِ قطارون ٺاهيو، بس اُڀي پير بيٺا رهيا ۽ پنهنجي ننڍڙي راجا، ڌرتي ڌڻي، سنڌو سڀيتا جي مالڪ ۽ مستقبل جي راجا کي سنمانُ ڏيڻ لاءِ آتا هئا. هي وڏي صبر ۽ تحمل سان پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڪوبه ماڻهو ڪنهن کي چيڙائي نه ٿو، ڪو ڪنهن کي ڌِڪو نه ٿو ڏئي. بس بيٺا ڪچهريون ڪن، کلن، خوش ٿين ۽ آهستي آهستي وڌندا، ٻالڪ جو درشن ڪندا اڳتي کليل ميدان طرف نڪرندا ۽ هلندا پيا وڃن. ميدان جي ٻئي پاسي به ماڻهن جا هُشام پنهنجن وهِٽن سان بيٺا آهن، ڪي ڍڳن تي، ڪي اٺن تي، ڪي هاٿين ۽ ڪي گڏهن ۽ گهوڙن تي، بس وشال ميدانُ ماڻهن ۽ جاندارن سان سَٿيو پيو آهي. اصل پير رکڻ جي جاءِ ڪانهي! سڀ ماڻهو ڪنهن خاص چِنتا ۾ آهن! ۽ هر هر پنهنجي اتر اولهه جي ڪنڊ طرف کيرٿر جبل ڏانهن نهاري رهيا آهن. ڄڻ ته ڪنهن مها پرش جو انتظار هجي ۽ هُو اُن هيڏي اُوچِي پهاڙ کي ڦاڙي نڪري ايندو ۽ هن ننڍڙي ٻالڪ کي پنهنجي هنجَ ۾ کڻي ڌرتيءَ تي سيس نمائيندو ۽ پوءِ ڌرتيءَ تي سدائين سُڪار ئي سُڪار رهندو، امن ئي امن هوندو، هي سنسار سکيو ٿيندو. سنڌو به شانت سان وهندو، واپار وڌندو ۽ سڄو عالم سنڌوءَ مان سيراب ٿي خوشحالي ماڻيندو. ڌرتيءَ جو هر جِيوُ سُک ۽ شانتي ماڻيندو.... هاڻ شام لڙي چُڪي هئي ۽ سورج لڪي ڌارا جي پهاڙن طرف لُوهُون ڏئي لِڪَڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ته ان گهڙيءَ ۾ پري ڏور لڪي ڌارا طرف کان ڪجهه چَنگن، چڙن، ٽلين ۽ مال جي رَنڀُن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا! پر مٽيءَ جي اُڏار ۽ ڌُنڌَ جي ڪري رڳو آواز ئي ٻڌڻ ۾ پي آيا! ميدان تي گڏ ٿيل ماڻهن ۾ چِنتا تِهائين وڌي وئي ۽ سڀڪو ان طرف تڪڻ لڳو ته ڇا ماجرا آهي! هي آواز ڇا جا آهن!؟... اڃا ماڻهن کي ڪا ڳالهه سُجِهي ئِي ڪا نه هئي، ته مها راجا جي محل مان هڪ ٻوڌين جو ٽولو جنهن کي سورج لهڻ وقت پيدا ٿيل ڳاڙهاڻ مليل ڦِڪاڻ جهڙا ڪپڙا پاتل هئا. شاهي رَٿَ تي چڙهي ان پاسي ڏانهن روانا ٿيا جنهن طرف کان اهي مليل جليل آواز اچي رهيا هئا. ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻيو ٻوڌي جنهن کي پڻ اهڙائي ڦِڪا ڪپڙا پاتل هئا. ٻاهر اچي هڪ ٺُلهَه تي چڙهي سَنکُ وڄايو ۽ وڏو واڪو ڪندي اعلان ڪيو: ”اي ڌرتي ماتا جا لوڪو! شانت ٿيو اسان جو مها پُرش لڪي ڌارا جي تيرٿ ماڳ مان نڪري پاڻ پَڌاري چڪو آهي ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ هُو هن سون ورني ڌرتيءَ جي، آمري ماڳ ۾ رسندو. اوهان سڀ شانت رهو، ۽ پنهنجي پنهنجي جاين تي ويهي رهو. اڄ سدورو ڏينهن آهي. ڇو ته آمريءَ جو وارث جنميو آهي. ان جون اوهان سڀني کي وڌايون هجن.“ اهڙو هوڪو ڏيڻ کان پوءِ، ٻوڌي هيٺ لهي درياهه واري ٿلهي ڏانهن روانو ٿي ويو. ماڻهن پوءِ به ماٺ نه ڪئي. هُو هڪ ٻئي کان ڪجهه پڇي رهيا هئا، ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ چُري پُري رهيا هئا. ماڻهن ۾ هڪ اُٻهرائي هئي! هڪ خوشي هئي. هُو خوشيءَ جو اظهار هڪ ٻئي سان ڳالهائي، ٻڌائي ڪري رهيا هئا. 
ميدان جي ٻئي پاسي سنڌوءَ جي سئنا پنهنجن پنهنجن جوڌن، ٻلوانن ۽ اڙٻنگ اڳواڻن سان ٻِٽُ بيٺي هئي. هي ڳاڙهي رتيلي جهنڊي سان ڪوٽ رني چونڪيءَ جي مها سئنا پتي سارنگ جي اڳواڻيءَ ۾ اڇي ململ جا پٽڪا ٻڌل، تلوارن، تيرن ۽ بڻڇين سان، حڪم جي انتظار ۾ بيٺا آهن. ان جي ٻئي پاسي کان ڪوٽ بيزڻ چونڪيءَ جي مها سينا پتي سوڍل جي اڳواڻيءَ ۾ هي وري اجرڪ جا پٽڪا ٻڌل جوان جن جي هٿن ۾ لوڙهيون، ڀالا ۽ ڪهاڙيون آهن. سي به، شڪارين وانگر ڇاتيون تاڻيون بيٺا آهن. ان جي وري ٻئي پاسي کان شوآستان چونڪيءَ جا جوان گيڙو رتا ڪپڙن سان، ۽ ان سان گڏو گڏ  لاڙ ۽ ٿر چونڪيءَ جا جانٺا جُوان چُنريءَ جي رنگن جهڙو پٽڪو ٻڌل ڏنڊن ۽ ڪهاڙين سان تيار بيٺل نظر اچن پيا. ميدان جي سامهون پاڻيءَ سان تارُ سنڌو درياهه ۾ اڇن وڏن سِڙَهن سان ڊُونڊَنِ ٻيڙن جون ڊگهيون قطارون به نظر اچي رهيون آهن. ڊونڊين ۾ جُنگ جُوان ڀيريون وڄائيندا ماتا سنڌوءَ جا گيت ڳائي رهيا هئا.

جئه ماتا جئه ماتا سنڌو
سنڌو سنڌو، ماتا سنڌو
شاندار آن، ڊول سان هلندي اچين
         شانَ سان مانَ سان  وهندي اچين
            هلندي اچين پاڪ پوتر پاڻي کڻي
            او سنڌو ماتا سنڌو، جئه ماتا جئه
جڳ جڳ جيئي ست جڳ جيئي
 سنڌو او ماتا سنڌو، جئه ماتا جئه
           
اڄ سڄو سنڌو ٻهڪي رهيو آهي. اهي سڀ سنڌوءَ جي وارث کي سلامي ڏيڻ لاءِ ۽ هُن جي مهانتا کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.
مها راجا جي محل ۾ ماين ۽ ٻارن جا ڪَٽڪ آيل هئا. ڪي مايون خاص لباس ۾ ڳيچ ڳائي رهيون هيون، ته ڪي وري گُگُرَ جو واس ڏيندي ڪجهه ساٺ سئونڻ ڪري رهيون هيون ۽ ڪجهه مايون وري ويدڪ سڀيتا پڙهي رهيون هيون. ته ڪي دان ورهائي رهيون هيون. باقي وانديون مايون پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪري پاڻ کي ڀاڳِوانُ سمجهي رهيون هيون. ته ڪي وري ڀاڪر پائي پنهنجو پاڻ کي واڌايون ڏيندي ٿڪجن ئي نه پيون. مطلب ته محل جي هر پاسي  چهچٽو لڳو پيو هو. ٻالڪ جي ماتا ساڌنا ته پنهنجي پُتر تان ٻلهار پي وئي، گهور پئي ٿِي. جيڪي مايون هن سان ملي واڌايون ڏئي رهيون هيون. هن انهن کي وري موٽ ۾ قيمتي تحفا ۽ ريشم جا وڳا پئي ڏنا!، اڻکُٽُ، اڻ ميو دان پئي ڏنو. ساڌنا لاءِ اڄ مڙيوئي جڳ نئون ٿي پيو هو. هن جي دنيا سڀ رنگ سانول ٿي پئي هئي. هن ساڌو شاهه مرد تي باسون باسيون هيون، درياهه دادلي تي پُکا وڌا هئا، لڪي ڌارا جي چشمن تي وڃي ڪري اڻ ميو دانُ ورهايو هو ۽ جڳ جي جوڙيندڙ مالڪ کان پِني پنهنجو هي پُتر ورتو هو- ها! هُن کي ياد آيو: ’هن ساڌوشاهه مرد تي باس باسي هئي ته جي ٻه جاڙا پُتر جنميا ته هُنن جي ڳچيءَ ۾ هَرُ پاڃاري وجهي سنڌوءَ جا مهان ڍڳا ڪري هُنن هَٿان دانُ ورهائينديس ۽ پنهنجي ٻچن جِي، ۽ ديس واسين جِي سلامتيءَ لاءِ پاڻ لِيلائي ڪري دعائون پِندِيَس.‘ اڄ هوءَ ڏاڍي خوش هئي، ڇو ته  هن جي ڪُکِ مان پهرئين  پُتر جو جنم ٿيو آهي. ’هن جو جنم سڀاويڪ آهي. هي ٻالڪ سُهائو ۽ سدورو آهي. هي ست درياهي سنڌوءَ جو وارث آهي... وارث آهي، مالڪ آهي.‘ ساڌنا سوچي رهي هئي ۽ اڄ هن جي ممتا سنڌوءَ وانگر مست ڇوليون هڻي رهي هئي.
ماڻهن ڏٺو ته مٽيءَ جي اُڏار ۽ ڌُنڌَ مان ڪجهه ٻوڌي لوڪ ظاهر ٿيا آهن ۽ انهن جي پٺيان هڪ وڏو ڪٽڪ ماڻهن جو آهي جن ۾ گهڻا تڻا پنڌ آهن ۽ ڪجهه پوٺِي ڍڳن تي سوار آهن. انهن سڀني جي اڳيان هڪ معتبر ۽ مهان، مهاپرش آهي جيڪو هڪ وڏي ڀلوڙ ڍڳي تي سوار آهي. ڍڳو متارو آهي، سندس ڳچيءَ کان هيٺ لڙڪندڙ ڪالر، جهالر وانگر هئي جيڪا ذري گهٽ مٽيءَ سان لڳندي ٿي آئي. ڍڳي جي ڪُونٽي هڪ وڏي ڀِٽَ جي چوٽيءَ جهڙي هئي، ۽ ان جا سڱ ڪنهن مڙسالي جي ڀاڪر لاءِ کليل ٻانهن وانگر مٿي اُڀريل هئا. ڍڳي جي نڪ ۾ ناڪيليءَ جي بجاءِ سندس نڪ ۾ نٿ لڳل هئي جنهن ۾ ريشم جا ٻه رسا ٻڌل هئا. هڪڙي پاسي واري رسي کي هڪ جانٺو ۽ ٻئي پاسي ٻيو جانٺو، ٻئِي رسي کي سُڪَ سان جهليو ڪاهيندا پي آيا. ڍڳي جي مٿان ڀليون ٽُڪَ تي جُڙيل رَليون وڇايل هيون تنهن جي مٿان اهو مها پرش سوار هيو. ان ڍڳي جي ٻنهي پاسن کان ڪجهه جوڳي نانگ ڳچين ۾ هار وانگر پايو، گڏو گڏ هلندا آيا ۽ ڪنهن ڪنهن وقت هُوڪِريا ڪيو ماڻهن ۾ جوش  پيدا ڪري رهيا هئا. انهن سڀني جي ويجهي اچڻ سان ماڻهن پري هٽي ڪري پنهنجي وچ مان انهن کي گَسُ ٺاهي ڏنو، ته جيئن هو مهان ماڻهو آرام سان گذري ڪري ٿلهي تي پهچي سگهن. مهاپرش ماڻهن جي وچ مان گذري رهيو هو ته ماڻهن ان جي مهانتا کي سَنمانُ ڏيڻ لاءِ پنهنجو سيس نمائيندا رهيا ۽ ٻه هٿ ٻڌي پرنام ڪندا رهيا. مها پرش پاڻ به هٿ ٻڌي انهن لوڪن جي مهانتا جو قدر ڪندي اڳتي نڪرندو ٿي ويو. سندر سندر نارين کي هٿن جي اشارن سان آشريواد ڏيندو ٿي ويو. جڏهن هن جي اچڻ جو اهو سَنيهو مهاراجا تائين پهتو ته هُو به پنهنجي ڪُٽنبَ سميت ٻالڪ کي هنج ۾ کڻي درياهه واري ٿلهي ڏانهن هلڻ لڳو ۽ سڀ گهر جا ڀاتي ۽ ٻيون مايون دايون ۽ ٻار ان ساڻ گڏ اوڏانهن هلندا رهيا. ڇو ته مها پرش اوڏانهن درياهه واري ٿلهي تي ئي اچڻو هو.
درياهه ڪنڌيءَ تي مرد توڙي زالون، ٻار توڙي ٻڍا، جوان توڙي جوانڙيون اڳ ئي اچي چڪا هئا. مها پرش درياهه جي وهندڙ پاڪ پوتر پاڻيءَ سا گڏ اجرڪ ۽ رلين جي وڇاڻي تي ويٺو هو، هن جي آس پاس ۾ کوڙ سارا ٻوڌي ويٺا هئا. مهاراجا پنهنجو پتر کڻي اچي مهاپرش جي هنج ۾ ڏنو: ”اي مها پرش! اسان توکي پرنام ڪيون ٿا. تون سدا جڳ جڳ جِيئين شال. اي ساڻيهه جا سينگار! هن سدوري ٻالڪ جي جنم کي اڄ ڇهون ڏينهن آهي. ان حساب سان هن ننڍڙي ٻالڪ جي اڄ ڇَٺي آهي.“ راجا مها پرش جي آڏو خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو.
”اي! مها راجا سدا تنهنجو بخت ڀليرو رهي ۽ تون پنهنجي ساڻيهه ۾ ائين سدا خوشيون ماڻين. تون ڀاڳوند آهين! جو تنهنجي جهوليءَ ۾ هي سدورو ٻالڪ آيو آهي. مالڪ جي توتي ڪرپا آهي. وڌايون هجن توکي...“ جواب ۾! منهن تي مرڪ آڻي، مهاپرش راجا کي وڌايون ڏيندي چيو.
مهاپرش، ٻالڪ کي پنهنجي هنجهه ۾ وٺي ٿو. هي پهرين ٻالڪ کي ڏسي ٿو پوءِ هو پنهنجي هڪ اٿُاهه نگاهه سنڌوءَ مٿان وجهندي، پاڻيءَ ۾ اندر لهي وڃي ٿو. سنڌوءَ جي پاڪ پوتر پاڻيءَ سان ٻالڪ کي شنان ڪرائيندي ڪجهه منتر به پڙهي ٿو ۽ پوءِ ٻالڪ کي مٿي آڪاش طرف ڪري چئي ٿو؛ ”او! مهان مالڪ، تون اوچو آهين، تون ساري جڳ جو خليقيندڙ آهين. تون سنڌوءَ جو پوتر پاڻي  پياري، اسان کي جيئدان ڏين ٿو. هي سنڌوديس تنهنجي هن ڏنل تحفي درياهه جي سبب ئي آباد آهي. هيءَ اسان جي ڌرتي ماتا هن پاڪ پوتر جل جي ڪري ئي جيئي ٿي. شال هي سنڌو سدا وهندو رهي، هي جل ٿل جُڳ جُڳ جيئي، شال هي ٻالڪ سنڌوءَ جو رکوالو بڻجي ۽ ماتا جي ٿڃ سدا سائي رهي.“ هاڻ مها پرش سنڌوءَ جي جَل مان آڱر ٻوڙي ٻالڪ جي وات ۾ ٻه ڦڙا پاڻيءَ جا جيئن وجهي ٿو ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ هڪ وڏو جوش ۽ اڀار ( تلاتم ) پيدا ٿي ٿو پوي ۽ ڪناري تي بيٺل ماڻهو ڊڄي وڃن ٿا! ۽ خوف مان مٿي آڪاش طرف ڏسندي هوڪريا ڪن ٿا. ٻالڪ جي وات ۾ جيئن پاڻي پوي ٿو ته ٻار به هُونگڙِي ڏئي چپ چُمُڪائي ٿو. مهاپرش اهو ڏسي مسڪرائيندي پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر اچي ٿو، دهلن ۽ شرناين جي وڄَتِ تي سُندريون ان جي چوڌارين گول ٺاهي ناچ ڪندي ٻالڪ جو سواگت ڪن ٿيون. مهاپرش ڳائي ٿو:
”سون ورني ديس جي ڌرتي توتي سيس نمايون
مٽي ماٿي لايون، تنهنجو کايون ۽ توکي ڳايون.............مٽي ماٿي لايون“
سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل سڀ ماڻهن ڌرتي جي مٽي کڻي مٿي آڪاش طرف هوا ۾ اڏارين ٿا. ۽ سڀ گڏجي ڳائين ٿا: ”سون ورني ديس جي ڌرتي.........“
ٻالڪ جا ساٺ سَئُونڻ ڪيا ٿا وڃن ۽ اها سڄي رات چانڊوڪيءَ جي اڇي اجري رات سنڌوءَ ڪنڌيءَ جشن ٿئي ٿو. مهاپرش ڳائي ٿو. ناچڻيون نچن ٿيون رات جو پويون پهر آهي، ٻالڪ جا ساٺ سئونڻ مڪمل ڪري واپس مهاپرش وٽ کڻي اچن ٿا.
”اڄ کان پوءِ هن ٻالڪ جو نانءُ ”موهين“ آهي هي ست درياهي سنڌوءَ جي آمري پرڳڻي جو وارث آهي. هي تهذيب ۽ ماتا جي ٻولي لوليءَ جو رکوال آهي“ اهو چوندي هُن مٿي آڪاش کي جُوهه وجهي ڏٺو ۽ وڌيڪ ڳالهايو: ” مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي پنهنجي ڏيهه ۾ هڪ وسندي جوڙيندو جيڪا پرٿوي تي سرڳ هوندي، امن ۽ شانتيءَ واري هوندي، جتي شير ۽ ٻڪري گڏ جهنگُ ۽ جَرُ جهاڳيندا، واپار ڏيهَئُون ڏيهِه هلندو، نر ۽ ناري هر خوف کان آزاد هوندا، هن ديس جا ماڻهو سُڌريل ۽ سَدورا هوندا جيڪي ڏيهي پرڏيهه ۾ وڃي اتان جي رهواسين کي حڪمت، هنر ۽ سنڌو سڀيتا جا سبق سيکاريندا ۽ هڪ نئون اِتهاس جوڙيندا- اي ڌرتي ماتا تون ڀاڳوان آهين.“ مها پرش ٻالڪ جي پتا ۽ ماتا ڏانهن منهن ڪر چوي ٿو: ” اي منهنجا ڀائيڙا تون سدورو آهين، اي ٻالڪ جي ماتا ساڌانا تو مهان آهين. هي ٻالڪ موهين توهان وٽ وشال آڪاش طرفان مليل ڌرتي ماتا جي امانت آهي. هن جي پرورش توهان جي ذمي آهي. باقي هن ٻالڪ جي حفاظت ديس واسين تي آهي ڇو ته هي ديس جو وارث آهي. هي آمريءَ جو وارث آهي.“ ايتري ڳالهائڻ کان پوءِ مها پرش ٻالڪ موهين کي پنهنجي ماتا ساڌنا جي هنج ۾ ڏئي ٿو ۽ هوءَ اجرڪ جي جُهنڊ ٺاهي پنهنجي پتر کي ڇاتيءَ سان لائي ٿي ۽ ٻالڪ ماءُ جي ٿڃ مان چُشڪيون وٺي ٿو.                    


کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں