1.25.2020

Altaf Malkani in reflection of Sindhi Literature

محمد يوسف جويو- ڄامشورو


            کاهوڙ ڪِيءَ کيرَ رِي . . . .
الطاف ملڪاڻي: سنڌي ادب جي  آئيني ۾

Image may contain: one or more people and close-upالطاف ملڪاڻيءَ جو ننڍو ڀاءُ فاروق عادل ملڪاڻي مون سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ گڏ پڙهيو آهي. هي اسڪول ورهاڱي کان اڳ نول راءِ هيرانند ايڪڊميءَ طور هلندو هو ۽ ورهاڱو ٿيڻ کان پوءِ هي اسڪول سنڌ صوبي جِي گورنمينٽ جي ماتحتيءَ ۾ هلندو رهيو آهي. فاروق عادل ملڪاڻي هڪ محنتي، سچو، وفادار، سهپ ڀريو، روادار ۽ محبتي ماڻهو آهي. هي ان وقت ٻاراڻي تنظيم لطيف سنگت جو متحرڪ ميمبر هو، ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ هُو ان جو مرڪزي پريس سڪريٽري پڻ ٿيو.  تڏهن الطاف ملڪاڻي  ٻاراڻي تنظيم لطيف سنگت جو ضلع نگران هو. منهنجو فاروق عادل جي ڪري وحدت ڪالونيءَ ۾ جِت سندس گهر هيو، ساڻس ملڻ لاءِ وڃڻ ٿيندو هو. ۽ اتي ئي سندس ڀاءُ الطاف ملڪاڻيءَ سان به ملاقات ٿيندي هئي ته ڪچهري به ٿيندي هئي. اهڙيءَ طرح سان اُهي ملاقاتون دوستيءَ ۾ بدلجي  ويون. دوستي وري اهڙي جُڙي، جهڙي منڊيءَ ته ٽِڪَ، مطلب ته مان هنن ٻنهي ڀائرن جي دوستيءَ ۾ اڄ تائين جڙيل ئي رهيو آهيان. اها محبت، اها وفا، اها سهپ، اها سچائي ۽ اها سادگي مون هنن ٻنهي ڀائرن کان سکي آهي. سچ ته مون لاءِ الطاف ۽ فاروق جِي دوستي هڪ نعمت جي برابر آهي. الطاف سادو، سچو پر هڪ وفادار ۽ پيارو ماڻهو آهي جيڪو هڪ مفڪر، اديب ۽ ليکڪ آهي.. سندس لکڻين ۾ فڪر لطيف ۽ نئين نسل لاءِ اتساهه ڀريل هوندو آهي. هن سان جنهن جو به واسطو جڙيو، ان هن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ سکيو آهي. هي پاڻ کي پوئتي رکي ٻين کي اڳتي آڻڻ وارو آهي. هن جي ئي گُڻن مان فاروق سکيو آهي. جڏهن مون سوچيو ته الطاف سان منهنجي دوستي يا واقفيت ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي ته اِهو سڀ ياد اچي ويو ته هن سان منهنجو واسطو ته سندس ڀاءُ فاروق عادل ملڪاڻيءَ جي معرفت ئي جڙيو هو. هي زمانو ضياءِ جي ڇتي مارشلا جو آهي، پوءِ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي، سنڌ قومي اتحاد جڙيو هو، تڏهن قومي تحريڪ مضبوط هئي. ٻاراڻيون تنظيمون پڻ سرگرم هيون ۽ ٻاراڻيون دوستيون به مضبوط هيون، تعليمي ادارن جي نوجوانن ۾ هڪ شعور هو هڪ اتساهه هو، اخلاق ۽ قومي غيرت هئي، پوءِ آخر اهڙو واءَ وريو جو سڀ کان پهرين شاگرد يونين ختم ڪرڻ کان پوءِ ٻاراڻيون تنظيمون ختم ڪيون ويون، ڇاڪاڻ اهي ٻاراڻيون تنظيمون قومي تحريڪ جون نرسريون هيون. ان کان پوءِ وري يونيورسٽين مان شاگردن جون  تنظيمون ختم ڪيون ويون ۽ هاڻ ته يونيورسٽين ۾ بگهڙ، راڪاس ۽ ٻيا خونخوار زناور گهمن ڦرن پيا. جڏهن ته اسان جي ٻارن جا اسڪول اڳ ۾ ئي بدنام ڪري، انهن جا معيار ڪيرائي ڪري ان جي جاءِ تي هڪ وڏي سازش سان خانگي (پرائيويٽ) اسڪول کولي ڪري، اسان جي سنڌي ٻولي جي پڙهڻ ۽ سکڻ جا در بند ڪيا ويا آهن. ڇاڪاڻ ته بنيادي تعليم مادري  ٻوليءَ ۾ ڏبي آهي ۽ انهن پرائيمري اسڪولن ۾ مادري ٻولي پاڙهي ويندي هئي. ٻولي ئي قوم جي سڃاڻپ آهي. هاڻ خانگي (پرائيويٽ) اسڪولن ۾ اردو ۽ انگريزي ٻولي پاڙهي وڃي ٿي، جڏهن ته مادري ٻوليءَ کي انهن اسڪولن مان نيڪالي مليل آهي. ٻولي ويچاري وطن ۾ هوندي به جلاوطن آهي.
شاعر، ڪهاڻيڪار، ترجميڪار ۽ نثر نگار الطاف ملڪاڻيءَ جو تعلق هڪ صوفي، علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. هي انتهائي سٻاجهي طبيعت رکندڙ شخص پنهنجي مزاج ۾ پڻ ماٺيڻو، ٿڌي طبيعت ۽ خيالن ۾ صوفي منش آهي. هن جو اصل نالو علي گوهر ملڪاڻي آهي جڏهن ته سندس ادبي نالو الطاف ملڪاڻي آهي. هن 19 اپريل 1967ع تي غلام هادي ملڪاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. هي هن وقت زرعي کاتي ۾ ملازم آهي. هن لکڻ جي شروعات 84- 1983ع کان ٻاراڻي شاعريءَ سان ڪئي ۽ 1985ع کان هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1994ع ”ساڀيائن کان رٺل سپنا“ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪهاڻين جي لکڻ سان گڏ هن 2001ع کان  مختلف موضوعن تي ڪتابن جا ترجما ڪرڻ شروع ڪيا ۽ گڏوگڏ مختلف اخبارن ۾  ڪالم پڻ لکندو رهيوآهي. اهڙيءَ طرح هن جا مختلف موضوعن تي چاليهه کن ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايل آهن، سندس طبعزاد ڪتابن ۾ پهريون ڪتاب ”ساڀيائن کان رٺل سپنا“ ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٻيا ڪتاب نج فڪري ۽ معلوماتي ڪتاب آهن جن ۾ ”تصوف، عشق ۽ سائين جي ايم سيد- 2011ع“ هي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي شخصيت تي لکيل آهي. ”لطيفي مينيفيسٽو: هي ڪتاب  شخصي تعمير، قومي بقا ۽ عالمي ڀائيچاري جو انسان دوست فڪر- 2005“ هي ڪتاب تصوف جي عالمي نظريئي جي فڪر تي لکيل آهي. ”دُرِ ناياب- 2013ع“ هي ڪتاب درگاهه ملڪاڻي شريف جي اڳوڻي گادي نشين علامه مخدوم احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻيءَ جي سوانح حيات تي لکيل آهي. الطاف ملڪاڻي لطيف سائين جي هن بيت جي هُوبهُو عڪاسيءَ تي پورو لهي ٿو.
جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهڙِي،
ٻيو ٻارِيندو ڪير، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ رِي.
ها! هن باهڙي ٻاري آ، اها شعور جي لاٽ آ ۽ عشق جي جوت آ جيڪا ڌرتيءَ کان مٿي گگن ڏانهن وڃي ٿي. الطاف مختلف ٻارن جي رسالن ”سنڌباد ڪتابي سلسلو، ارچڪ مرچڪ، ماهوار لاٽ، گلستان ۽ دوستي“ جو ايڊيٽر رهيو آهي. ٻاراڻي ادب ۾ ماهوار لاٽ خاص طور مشهور ٻارن جو رسالو هو، جيڪو الطاف ملڪاڻيءَ حيدرآباد مان پاڻ جاري ڪيو هو. هي ”سنڌ رنگ، هزار داستان ڊائجسٽ، ڪرزمان ڊائجسٽ ۽ عبرت مئگزين“ جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ان کان علاوهٰ هن ٻه ڪتاب ”پلئه پايو سچ ۽ سوري سزاوار“ مرتب ڪيا. هي ٻئي ڪتاب شاه لطيف جي شاعري، فڪر ۽ زندگيءَ بابت سوالن جوابن تي مشتمل هئا. ۽ ٻيا ڪئي ڪتاب مرتب ڪيا آهن. هي سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران سنڌ مان نڪرندڙ مئگزين سنگت ورلڊ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.  سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ۾ گرو رجنيش اوشو جا مختلف ڪتاب، رابندر ناٿ ٽئگور جو (طوفان ناول)، ڀڳوانداس جو تلسي داس، ليدياڪور شنووا جو فلسفو ڇا آهي ۽ چين جو مدبر، ڏاهو ۽ انقلابي چو اين لائي جي آتم ڪهاڻيءَ وغيره جا ترجما شامل آهن. ان کان به وڌيڪ هن جي نگرانيءَ ۾ ۽ مدد سان مختلف ڪتاب ڇپجي پڌرا ڪيا ويا  آهن. اهو لکڻ پڙهڻ جو سلسلو ختم نه ٿيو آهي پر سندس اڄ به مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڪهاڻيون، مضمون، ترجما ۽ تجزيا ڇپجندا رهن ٿا.  

الطاف ملڪاڻي ٻاراڻي ادب جو ليکڪ

ٻاراڻو ڪتابي سلسلو  ”ماهوار لاٽ“:  الطاف ملڪاڻيءَ 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو ماهوار لاٽ رسالي جو بنياد رکيو، هي سڄاڻ ٻارڙن جو علمي، ادبي ۽ معلوماتي رسالو هو. هن جهڙوڪر هڪ اداري جو بنياد رکيو هو، هن جي ساٿين ۾ الطاف ملڪاڻيءَ کان سواءِ آسي زميني، مولابخش ڀونگر ڪاڪا، نصير ميمڻ، ذوالفقار ڀٽي، طارق قريشي، مسعود قريشي جاويد سحر،مير جمالي ۽ خرم کوکر شامل هئا. ان ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو جيڪر مان ائين چوان ته الطاف ملڪاڻي، آسي زميني ۽ مولابخش ڀونگر ڪاڪا کي ڇڏي ڪري باقي سڀني ليکڪن جو هي استاد رهيو آهي. ان کان پوءِ ٻيا به ڪي دوست اچي هن سان شامل ٿيا هئا. ان وقت هن رسالي سڄي سنڌ ۾ گهڻي ۾ گهڻي مشهوري حاصل ڪري ورتي هئي. ماهوار لاٽ جا ڪُل يارهن پرچا ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. هن رسالي جي ڪري ٻارن جي پڙهڻ جي عادت وڌڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وطن ۽ ٻوليءَ سان پيار پڻ وڌيو. ٻارن ۾ شعور، خود اعتماديءَ ۾ اضافو ٿيو. ٻاراڻي ادب ۾ هي رسالو هڪ خاص جاءِ والاري چڪو هو، پر افسوس آ جو هاڻ اهڙا ادبي ۽ معلوماتي ڪتاب يا رسالا بازار ۾ ڳوليا به نه ٿا لڀن. يادگيريءَ خاطر لاٽ جي ڪجهه پرچن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
1. ماهوار لاٽ : سنڌ جي سڄاڻ ٻارڙن جو علمي ادبي رسالو
  جون- جولاءِ- آگسٽ 1993ع
هن رسالي ۾ لطيفي لات، ڪهاڻيون، تاريخ، معلوماتي ادب، جاسوسي ادب، مزاحي ادب ۽ ٻاران جي ڦوٽن جو آلبم وغيره ڇپيل آهن. هن رسالي جو ٽائيٽل مونو ڪلر ۾ آهي جنهن تي خوبصورت معصوم ٻارن جون تصويرو شايع ٿيل آهن. چيف ايڊيٽر: الطاف ملڪاڻي، مئنيجنگ ايڊيٽر جاويد سحر قريشي، ايڊيٽر ذوالفقار ڀٽي ۽ سهڪار سٿ خرم عباس کوکر ۽ محمد يوسف جويو جڏهن ته هن سڄي پرچي جي ڪمپوز ڪندڙ نصير ڪاتيار ۽ علي شير قريشي آهن.
2. ماهوار لاٽ : سنڌ جي سڄاڻ ٻارڙن جو علمي ادبي رسالو
  جلد پهريون شمارو ٻيو. سيپٽمبر 1993ع
هن رسالي ۾ لطيفي لات، ڪهاڻيون، تاريخ، معلوماتي ادب، جاسوسي ادب ۾ ذوالفقار ڀٽيءَ جو ناول ”خلائي جنگ“، مزاحي ادب ۽ ٻاران جي ڦوٽن جو آلبم وغيره ڇپيل آهن. هن ۾ وڌيڪ پي ٽي وي ۽ ٻارن جو اداڪار احمد الله ٽوني (مرحوم) جو انٽرويو پڻ شايع ڪيل آهي. هن رسالي جو ٽائيٽل مونو ڪلر ۾ آهي جنهن تي خوبصورت ٻن ٻارن نالي فرحان انجم ميمڻ ۽ شرين قاسم ميمڻ جون تصويرو شايع ٿيل آهن. چيف ايڊيٽر: الطاف ملڪاڻي، مئنيجنگ ايڊيٽر جاويد سحر قريشي، ايڊيٽر ذوالفقار ڀٽي ۽ سهڪار سٿ خرم عباس کوکر ۽ محمد يوسف جويو جڏهن ته هن سڄي پرچي جي ڪمپوز ڪندڙ نصير ڪاتيار ۽ علي شير قريشي آهن.
3. ماهوار لاٽ : سنڌ جي سڄاڻ ٻارڙن جو علمي ادبي رسالو
   جلد پهريون، شمارو ڇهون - نومبر 1993ع
هن رسالي ۾ لطيفي لات، ڪهاڻيون، تاريخ، معلوماتي ادب، جاسوسي ادب، مزاحي ادب ۽ ٻاران جي ڦوٽن جو آلبم وغيره ڇپيل آهن. هن ۾ محترم رياضت ٻرڙي ۽ محترم محمد عثمان ميمڻ جون ٻارن لاءِ لکڻيون به شامل آهن. رسالي جو ٽائيٽل مونو ڪلر ۾ آهي جنهن تي خوبضورت ٻارن جون تصويرو شايع ٿيل آهن. چيف ايڊيٽر: الطاف ملڪاڻي، مئنيجنگ ايڊيٽر جاويد سحر قريشي، ايڊيٽر ذوالفقار ڀٽي ۽ سهڪار سٿ خرم عباس کوکر ۽ محمد يوسف جويو جڏهن ته هن سڄي پرچي جي ڪمپوز ڪندڙ رياض حسين سومرو ۽ منوهر لعل گيانچنداڻي آهن.
4. ماهوار لاٽ : سنڌ جي سڄاڻ ٻارڙن جو علمي ادبي رسالو
هي مهراڻ پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 11 ۽ لاٽ نمبر 6 آهي. هي ماهوار لاٽ جو خاص نمبر آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي شهيدن ۽ سائنسي ترقي پسند سوچ رکندڙ شهيد نذير عباسي جي نانءُ ڪيو ويو آهي. باقي رسالي ۾ ساڳيا سلسلا جهڙو ڪر لطيفي لات، ڪهاڻيون، تاريخ، معلوماتي ادب، جاسوسي ادب، مزاحي ادب ۽ ٻاران جي ڦوٽن جو آلبم وغيره ڇپيل آهن. رسالي جي لکندڙن ۾ نصير سارنگ، طارق قريشي ۽ ٻيا شامل  آهن. وڌيڪ هن ۾ ان وقت جي ٻاراڻي تنظيم لطيف سنگت جي مرڪزي جنرل سڪريٽري محمد علي بهڻ، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر گزار وساڻ، ريڊيو ۽ اسٽيج جي بهترين ڪمپيئر انيس سلطانه ٻرڙو جا انٽرويو شامل ڪيل آهن. ان کان علاوهٰ قومي تحريڪ جي اڳواڻ محترم عبدالواحد آريسر جي ننڍپڻ جو يادون به هن رسالي جون سينگار آهن. رسالي جي  چار رنگن واري ٽائيٽل تي شهيد طارق ميمڻ جي تصوير ڏنل آهي. هن معصوم ٻار کي ان وقت پناهگير دهشتگردن هٿان بي درديءَ سان ڪُٺو ويو هو. رسالي لاٽ جو سرپرست: الطاف ملڪاڻي، ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جاويد سحر قريشي، ذوالفقار ڀٽي ۽ عمران لغاري شامل آهن، جڏهن ته سرڪيوليشن انچارج افتخار سومرو آهي.

الطاف ملڪاڻي: ليکڪ ۽ مترجم

الطاف ملڪاڻي هڪ ليکڪ ۽ مترجم جي حيثيت ۾ سندس ڪجهه طبعزاد ڪتابن تي هن ريت راءِ جو اظهار ڪجي ٿو.
¨      ساڀيائن کان رٺل سپنا ( ڪهاڻيون)
هي ڪتاب ڪهاڻين جو آهي. هن، جڏهن شاعر جي حيثيت مان ڦري ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون تڏهن هن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ساڀيائن کان رٺل سپنا“ جُڙي پوي ٿو. هن جون ڪهاڻيون سماجي مسئلن ۽ قومي مسئلن تي لکيل آهن. الطاف ان فيلڊ ۾ به پاڻ مڃرايو آهي جو اڄ تائين به سندس ڪهاڻيون ڇپجنديون اچن ٿيون.
¨      لطيفي مينيفيسٽو ۽ سلسليوار پيغامِ لطيف
هي مٿيان ٻئي ڪتابچڙا  آهن. جيڪي سائين الطاف ملڪاڻيءَ جي تخيل، فڪر ۽ محنت جو نتيجو آهن لطيفي مينيفيسٽو هي شاهه لطيف جي آفاقي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ عالمِ انسانيت، برابري، رواداري ۽ خدمت خلق جا احساس جاڳائڻ لاءِ هي ننڍڙو پر مڪمل فڪر انگيز موضوعن تي لکي ڪري هو اسان کي هڪ تحريڪ ”لطيفي تحريڪ“ جي شڪل ۾ گڏ ڪري، هلائڻ چاهي ٿو. هن تحريڪ جا پنج بنياد  آهن. جن کي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. اُهي هي آهن: خود شناسائي- خدا شناسائي - وطن دوستي -  انسان دوستي ۽ خدمتِ خلق اهي هن تحريڪ جا مول متا آهن. الطاف پاڻ صوفي ۽ انسان دوست آهي. ۽ هو به اسان کي ان راهه تي هلڻ لاءِ سڏي رهيو آهي.!  مٿيون ٻيو نمبر ڪتاب سلسليوار پيغامِ لطيف پڻ لطيفي تحريڪ جو هڪ سلسليوار مئگزين  آهي. هن ۾ به هي اسان کي امن ۽ انسان سان پيار ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. شاهه لطيف ڀٽائي اسان جو صوفي، فلسفي،  قومي شاعر ۽ فڪري رهنماءُ  پڻ آهي.هن جي شاعريءَ ۾ محبت جو ۽ عالمِ انسانيت جو درس ڏنل آهي. هي خدا شناسائي ۽ وطن دوستيءَ ۾ ڪاميابي ڏسي ٿو. هي شاهه لطيف جو پيغام جيڪڏهن اسان هيئين سان هنڊايون ته هوند اسان جو وطن سنڌ گهڻين براين ۽ بيمارين کان آزاد ٿي خوشحال ۽ برڪت ڀريو ٿي پوي. هي ڪتاب اسان کي مڪمل انسان ٿيڻ جو درس ڏين ٿا ۽ عالمِ انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو ڏس پڻ ڏين ٿا.
¨      تصوف، عشق ۽ سائين جي ايم سيد
سنڌ جو وڏو مدبر، ڏاهو، فلاسافر، اديب، سياستدان، مفڪر ۽ صوفي لاڪوفي انسان سائين جي ايم سيد جي تصوف ۽ عشق جي فلاسافيءَ جو خلاصو هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي ٻين صوفين جي خيالن تي به مختصر راءِ جو اظهار ڪيو آهي. الطاف ملڪاڻيءَ جا خيال اسان کي ٻڌائين ٿا ته صوفي سماج جي روايتن يا سسٽم جو باغي هوندو آهي ۽ هُو محبت ۽ عشق جي ذريعي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو عالمِ انسانيت لاءِ برابري، رواداري، عقيدي جي متڀيد کان آجي پنهنجي دنيا بنهه آزاد دنيا جيڪا  محبت جي هجي، امن جي هجي، هڪ خلقڻهار جي ۽ انسان جي هجي، اهڙا هُو سبق ڏيندو رهندو آهي.

الطاف ملڪاڻيءَ جي ڪجهه ترجمو ڪيل ڪتابن تي هڪ نظر
سنڌي ٻوليءَ ۾ترجمن جي ايتري ئي اهميت آهي، جيتري ترقي يافته قومن جي ٻولين ۾ ترجمي جي اهميت آهي. ترجمي سان اسان کي ٻين ٻولين جي ادب، ٻولي، تعليم، سائنس، ٽيڪنالائجي ۽ فڪري طرح ڪيتري ترقي ٿي آهي ان جي ڄاڻ ۽ ان جي اهميت جي خبر پوي ٿي. ترجمي سان پنهنجي ٻولي به شاهوڪار بنجي ٿي، ماڻهن کي نون خيالن، نون فڪرن ۽ تبديلين جي خبر پوي ٿي. ان ڪري اسان جي وڏڙن پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ترجمي کي خاص ۽ اهم سمجهيو آهي. سائين محمدابراهيم جويي صاحب ته ان سلسلي ۾ سڀ کان اڳ ڪوششون ورتيون، هن ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو 1954ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جي سڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ترجميڪاريءَ لاءِ هڪ الڳ ادارو سنڌ ٽرانسليشن بيورو جي رٿا پڻ ڏني هئي. ڇو ته سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ  اهو بنهه گهڻو ضروري هو ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪري قوم کي هڪ سٺو معياري ۽ بنهه نئين نِڪور سائنسي ڄاڻ ۽ ادب کان واقف ڪجي، ۽ فڪري سگهارو ڪجي. الطاف ملڪاڻي صاحب به ترجمن جي اهڙي اهميت ڄاڻندي ۽ سمجهندي بهترين ترجما ڪيا آهن. انهن مان ڪجهه ترجمو ڪيل ڪتابن تي هڪ مختصر راءِ ڏجي ٿي. 
¨      طوفان / رابندر ناٿ ٽئگور
ترجمو ڪيل ڪتابن مان طوفان (ناول) ننڍي کنڊ جو جڳ مشهور ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگور جو لکيل آهي. هي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ليکڪ، بنگلاديش ۽ هاڻ هندستان جي وڏي شهر ڪلڪتي جو رهواسي هو. چون ٿا ته انگريزن جڏهن ننڍي کنڊ تي حڪمراني جو جهنڊو ڦڙڪايو، تڏهن هنن هتان جي ٽن وڏن شهرن کي وڏي شوق سان ۽ پلاننگ سان جوڙيو يا ٺاهيو هو جن ۾ هي ٽي شهر ڪلڪتو، ممبئي ۽ ڪراچي آهن. انهن ٽنهي شهرن جي هڪ جهڙائي اها به آهي ته اهي ٽئي شهر سمنڊ جي ڪناري تي آهن ته انهن ٽنهين شهرن کي ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيڻ جو دَرُ به چون ٿا. سو ٽئگور صاحب به ان شهر جو آهي جنهن کي جديد انداز ۾ انگريزن جوڙيو هو. هي شانتي نڪيتين جو بنياد رکندڙ استاد، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار، ڊراما ليکڪ، آرٽسٽ هجڻ سان گڏ پنهنجي قوم جو وڏو سُونهون ۽ دانشور ٿي گذريو آهي. هي ”طوفان“ ناول آهي جيڪو اردوءَ مان اسان جي پياري الطاف ملڪاڻي ترجمو ڪيو آهي. هي ترجمي تان ترجمو ٿيل آهي، جڏهن ته اهو چيو ويندو آهي ته اصل ٻوليءَ تان ئي ترجمو ڪجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو آهي. پر هي ترجمو پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ترجمو ڪهڙي به ٻوليءَ تان ڪجي پر ليکڪ کي لکڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڏانءُ يا فن اچي، ٻوليءَ جو ڄاڻُو هئڻ گهرجي ۽ پوءِ جيڪو ڪتاب ترجمو ڪري تنهن جي مقصد، اهميت ۽ ضرورت جي هن کي خبر هجي ته منهنجي نظر ۾ اِهو ترجمو معياري ٿي سگهي ٿو. هي ناول سماجي مسئلي تي لکيل  آهي، الطاف جي اهائي ڪماليت آهي جو هن ترجمي جي ٻوليءَ جو استعمال انتهائي سادو ۽ خوبصورت ڪيو آهي. ۽ واقعن کي چِٽيءَ ۽ واضح طور لکيو آهي، ڄڻ هي ناول اصل سنڌي ٻوليءَ ۾ ئِي لکيو ويو هجي.
¨      مجاز کان حقيقت تائين / گرو رجنيش
هي ڪتاب گرو رجنيش اوشو جي ليڪچرز تي مشتمل آهي. گرو رجنيش هڪ هندستاني سک فلاسافر آهي. هي تمام گهڻو پڙهيو لکيو ماڻهو آهي. هن جي مختلف موضوعن تي سٺي گفتگو ٿيل آهي. جيڪا بلڪل علمي، سائنسي ۽ مُدلل نموني سان ڪيل آهي. الطاف ملڪاڻيءَ جي ترجمن ۾ اوشو جا ترجما مڙئي ڪجهه سَرسُ آهن، اهو ان ڪري جو الطاف ملڪاڻي به هڪ سٺو پڙهيو لکيو ماڻهو آهي. ۽ هي فڪر ۽ ذڪر کي خوب ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن هن کي ڪٿان به ڪا سٺي ڳالهه يا ڪو سٺو ڪتاب ملي ٿو ته هُو ان کي جهٽ گهڙيءَ ۾ پڙهي، هيئين سان هنڊائي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان اهو مواد يا ڪتاب ڪجهه دير لاءِ ملي پوي ٿو، ته هي ان جو ترجمو ڪري يا ان تي ڪو مضمون لکي ڪري، اهو ،علوماتي مواد يا فڪر اسان ۽ ٻين تائين پهچائي ڇڏي ٿو. هي ڪتاب به هڪ فڪري ڪتاب آهي. جنهن ۾ عشق، محبت، ماڻهو، مجاز، جنس، جبر، آزادي ۽ سماجي اخلاق کي هنن ليڪچرز ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي. هي ڪتاب سڄو سماجي سائنسي ڄاڻ ڏئي ٿو. ۽ هن جو ترجمو نهايت آسان ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهي.
¨      نيرن گلن جي برسات/ گرو رجنيش
هي ٻيو ڪتاب به گرورجنيش جي هڪ پُر مغز ليڪچرز تي آڌاريل آهي. هن ڪتاب ۾ جن اهم موضوعن تي اوشو ڳالهايو آهي. اُهي اسان جي سماج جي هر فرد بلڪِ اڄ جي نوجوانن جا موضوعو آهن. جهڙوڪر؛ برداشت، محبت، ڪاوڙ، اَنا، علم، خودشناسي، اعتماد يا ڀروسو، زندگي، موت ۽ خودڪشي وغيره هن ڪتاب جا موضوع آهن. سچ پچ ته اهڙن ڪتابن جي اڄ اسان جي نوجوانن کي ضرورت آهي. اهي اهڙا ڪتاب پڙهن ۽ پُرجهن ته جيئن اسان جو سماج بهتر کا بهتر ٿي سگهي. هن ڪتاب منجهان مان اوشو جا ڪجهه لفظ اوهان آڏو پيش ڪندس: ” شاگرد هجڻ جو مطلب آهي حاصل ڪرڻ وارو، سکڻ لاءِ سجاڳ ۽ تيار ٿيڻ. سکڻ جو مطلب هي آهي ته مان اهو ڄاڻان ٿو ته مان اڻ ڄاڻ آهيان.“ ٻئي هنڌ هو چوي ٿو ته ” حساسيت شعور ۽ ڄاڻ سان گڏ واڌ ويجهه پائي ٿي. ان تي قابو پائڻ سبب توهان ڪُند ذهن ۽ مرده ٿي وڃو ٿا.“
¨      فلسفو ڇا آهي؟ / ليديا ڪورشنووا
هي ڪتاب فلسفي جي سائنسي ڄاڻ تي مشتمل آهي. هن جي پڙهڻ سان اسان کي فلسفي سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي وڃي ٿي. هن کان اڳ سنڌ جي وڏي دانشور سائين محمد ابراهيم جويي صاحب اهڙي ئي قسم جو ڪتاب نالي ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ ترجمو ڪيو هو، جنهن جا ڪئي شمارا پڌرا ٿي چڪا آهن. جيڪو پڻ اسان کي اهڙو ڏاهپ ڀريو سائنسي علم يا فلسفو سمجهائي ٿو، ته ان جو اسان جي حياتيءَ ۾ ڪهڙو ڪارج آهي، يا اسان عقليت سان عزت ڀري زندگي ڪيئن گذاري ٿا سگهون. مون کي الطاف ملڪاڻيءَ جو هي ترجمو ڪيل ڪتاب به ان جو هڪ تسلسل محسوس ٿئي ٿو. هن جا موضوع به ساڳيا آهن. جيڪي سائين جويي صاحب جي ڪتاب جا آهن. يعني علمي ۽ سائنسي ڄاڻ ڏيڻ ۽ سو هي ڪتاب به اهڙيءَ نوعيت جو آهي. ۽ بهترين ترجمو ٿيل آهي، سولي سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي. الطاف ملڪاڻيءَ جي هيءَ ڪوشش لافاني آهي.
¨      تلسي داس / ڀڳوان داس
تلسي داس هندستان جو شاعر ۽ فلسفي هو، هن جا خيال اُونها ۽ سماجي حالتن جي نمائدگي ڪندڙ آهن. هي شاعر خيالن ۽ عملن صوفي انسان دوست رهيو آهي. الطاف ملڪاڻي هن جي شاعريءَ جي تشريح سميت ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب کي پڙهڻ سان اسان کي سماج اندر انسان جي اهميت ۽ ان جو ڪارج سمجهه ۾ ايندو. سچ ته الطاف ملڪاڻي جي ترجمن جي ڪتابن جي چونڊ هڪ اعليٰ ذهن، سوچ ۽ فڪر جي ادراڪ جو ثبوت آهي. پاڻ بهتر ترجما ڪري اسان کي هڪ ڏاڍ، جبر ۽ دنياداريءَ جي ڦندن کان آزاديءَ جي راهه ۽ سُڪون جي راهه تي هلڻ لاءِ گس ڏسي ٿو. اسان کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.

الطاف ملڪاڻيءَ جي لکڻ جو انداز آسان فهم آهي ۽ پنهنجي لکڻين ۾ سادي سولي سنڌي ٻولي ڪتب آڻيندو آهي ته جيئن پڙهڻ ۾ دلچسپي رهي ۽ تسلسل قائم رهي سگهي. مٿي مون سندس ڪجهه ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جو مختصر جائزو پڻ ورتو آهي. حقيقت ۾ هن ٻاراڻي ادب کان وٺي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ پاڻ ان ۾ مڃايو آهي. هي ادب جي دنيا جو هڪ جاکوڙي ڪردار آهي. هن جي لکيل ڪتابن کي نوجوان گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ کيس قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. 




1.22.2020

Book review / قيد ڪشالا زندگي ڪتاب تي تبصرو

محمد يوسف جويو
                                   قيد ڪشالا زندگي ڪتاب تي تبصرو

No photo description available.                                            آتم ڪٿائون يا آتم ڪهاڻيون ته کوڙ ماڻهن جون لکيل آهن. جن جي پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي ان وقت جي حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي. سياڻا سچ چون ٿا ته آتم ڪٿا هڪ دور جي سچي تاريخ هوندي آهي. جيڪا ماڻهو پنهنجي شخصي حوالي سان پاڻ لکندو آهي. اهڙيءَ طرح جي هيءَ به هڪ آتم ڪٿا آهي. هڪ دور جي تاريخ آهي، جيڪا اسان جي ماضيءَ تي ٻڌل آهي. سائين الهورايو بهڻ جي لکيل ڪتاب قيد ڪشالا زندگيءَ جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪ ڀاڱي ۾ هن جي ٻالڪپڻيءَ جي ياد آهي. جيڪا هن پنهنجي وطن تي قابض انگريز حڪمرانن طرفان قائم ڪيل لوڙها جيل ۾ پنهنجي جيجل ماءُ ۽ پيءُ ۽ ٻين عزيزن يا مجاهد ماڻهن سان گڏ گذاريا هئا. اها ياد، اهي ڏک ۽ درد، پيڙا ۽ ڪرهت ڀريل غلاماڻي زندگيءَ بابت ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ لکيو آهي. اهو پهريون حصو انتهائي دردناڪ ۽ حيرت ڪنده داستان تي ٻڌل آهي. هت هن پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن ٻين ٻارن جي ۽ ٻين انسانن جي هڪ غلاماڻي پر مجاهدانا زندگيءَ جي اُپٽار ڪئي آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ وري هن پهرين اپريل 1952ع يعني پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لوڙها جيل جي ختم ٿيڻ سان هن پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد جي شروعات ۽ ڪشالا ڪاٽڻ بابت يادون ۽ حال احوال اوريا آهن. اهڙيءَ طرح هي اسان جو بزرگ ان وقت جي حالتن جي ڄاڻ اسان کي ڏئي ٿو.
                                            سائين الهورايو بهڻ سڄي سانگهڙ ضلعي ۽ هن سڄي تَرَ جو استاد آهي. هن وٽ ڪو به مت ڀيد، ڪنهن به قسم جي رنگ نسل جو ڪوبه تضاد نه آهي. هي پنهنجي مزاج ۾ هڪ مڪمل انسان دوست ۽ محبت ڪندڙ شخص آهي. هن ته ڌرتيءَ جي وڻن، ٻوٽن، پکين ۽ جانورن سان به پيار ڪيو آهي. هي پکين جهڙي معصوم ۽ آزاد دل رکندڙ ۽ وڻن جهڙي ڇانوَ ڏيندڙ ۽ گلن جي خوشبوءِ ڏيندڙ ماڻهو آهي. مان جڏهن به هن بزرگ سان مليو آهيان ته مون کي روحاني سڪون ۽ پيار مليو آهي. سائين محمد ابراهيم جويو چوندو هو ته ” سماج ۾ سٺن ماڻهن جي گهڻائي آهي ۽ ڪجهه ٿورڙا ماڻهو آهن جيڪي خراب  آهن. سٺن ماڻهن جي گهڻائي پاڻ ۾ متحد نه آهي، هو ڇِڙِ وِڇِڙِ آهن. تڏهن اهي ٿورڙا ماڻهو جيڪي نسورو ئي ٺڳ آهن سي پاڻ ۾ متحد آهن. سو انهيءَ ڪري هن دنيا ۾ شر ۽ فساد ڦهليل آهي. “ اهو بلڪل درست آهي ته جڏهن اسان جي وطن سنڌ ۾ اهي يوپي سي پي، دهلي، لاهوري يا لکنوي ٺڳ پهتا، تڏهن هي اسان جو سائين به انهن ٺڳن کان محفوظ نه رهي سگهيو. آخر هڪ لکنوي ٺڳ هن صوفي منش کي به ٺڳي ويو. پنهنجي وطن ۾ هوندي به، اسان جا ويچارا وطن واسي، اڃا به انهن ٺڳن کان ٺڳجندا ٿا رهن.ملڪ ٺهڻ کان پوءِ هڪ اهڙو ئي لکنوي ٺڳ جهول شهر ۾ آيو، جنهن اچڻ سان سائين الهورايي صاحب جن جي گهر جي پلاٽ ( جيڪو لوڙها جيل دوران خالي ۽ ويران پيل هو) تي قبضو ڪري، پوءِ اهو ٻن ٽن پارٽين کي هڪ ئي وقت ساڳيو پلاٽ وِڪرو ڪري ڏنو ۽ آخر ۾ اهو ساڳيو پلاٽ سائين وارن کي پڻ ڪجهه پئسن عيوض واپس ڪيو.اهڙي ٺڳيءَ بابت سائين لکي ٿو ” لکنوءَ جو ٺڳ آخري ٺڳي ڪري چڪو، جنهن جي خبر مون کي چاليهارو کن سال گذرڻ کان پوءِ هاڻي پئي آهي.“ اهڙيءَ طرح سان هڪ وڌيڪ ٻئي ٺڳ جي به ڳالهه ڪري ٿو، هي ٺڳ جيڪو مذهب جي نالي تي سکن جو قتل عام ڪرائي ٿو.  پاڻ لکي ٿو ته ”نوابشاهه جو ڪليڪٽر مسعود کدرپوش نواب شاهه جا ڏاميچ ماڻهو گهرائي ڪري، سکن کي قتل ڪرايو. ڇو ته ( ورهاڱي جي لڏپلاڻ سبب ) سندس عزيزن کي پنجاب ۾ سکن ماري ڇڏيو هو.“  هي لوڙها جيل مان آزاديءَ بابت لکي ٿو ته ” ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي ٺهڻ کان، پورا پنج سال پوءِ سنڌ ۾ لوڙها جيل ختم ڪرڻ ۽ قيدين کي آزاد ڪرڻ لاءِ 31 مارچ جي رات ٻارهين وڳي آزاديءَ جو گهنڊ وڳو ۽ پهريرن اپريل 1952ع جو سج اسان سڀني لاءِ آزاديءَ جو ڏينهن هو. هي اپريل جو پهريون ڏينهن اسان لاءِ اپريل ڦول نه هو پر حقيقت ۾ به اسان حرن جي جسماني آزاديءَ جو ڏينهن هو.“ اهڙيءَ طرح هي بزرگ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ خاطر جيڪي هو ڪشالا ڪاٽي ٿو، انهن جو ذڪر به خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو. ۽ ان سان گڏو گڏ هن پنهنجي نوڪريءَ دوران ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سانگهڙ ۽ اتان جي ساٿين کي ياد ڪندي ”بيورو جي بادشاهي“ يعني بيورو آف ڪريڪيوليم ڄامشوري جي آفيسر شاهيءَ جو به ذڪر ڪجهه کٽي ۽ مٺي انداز ۾ ڪيو آهي.
                                   قيد ڪشالا زندگي هي ڪتاب پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل (ڏيک) سان نارا ريسرچ پبليڪيشن آرگنائيزيشن سانگهڙ طرفان ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي پٺيون پاسو يعني بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي حوالي سان تعارفي ٽڪرو سنڌ جي نامياري ليکڪ خورشيد قائمخانيءَ جو لکيل آهي. سائين الهورايي بهڻ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي جيجل امڙ جي نانءُ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪتاب جي شروعات سائين پنهنجي هڪ دعائيه نظم سان ڪئي آهي. ۽ ڪتاب جي آخري صفحي تي ڌرتي دوست سنگت تنظيم جو مونوگرام ڇاپيل آهي. ڌرتي دوست سنگت سائين جي پنهنجي هڪ سماجي تنظيم آهي، جنهن جي پليٽ فارم تان هُو ماحول دوست ۽ انسان دوست جهڙا سماجي ڪم ڪندو رهيو آهي. ڪتاب جي صفحي يارهين کان صفحي ٻاونجاهه تائين محمد عمر چنڊ، استاد نظاماڻي، امر لغاري ۽ پاڻ ليکڪ جا مختلف عنوانن سان رايا ڏنل آهن. انهن کان علاوهٰ سورهن صفحا مختلف فوٽن تي مشتعمل آهن. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جي تاريخ جو هڪ باب آهي. هيءَ مزاحمت هڪ ننڍو ٻار ڪري ٿو ۽ سماج اندر وڙهندي وڙهندي ۽ وڌندي هڪ استاد، هڪ سونهون ۽ هڪ باڪردار ۽ باعمل انسان ٿي اُڀري ٿو. سائين هڪ اديب، شاعر، سماج سڌارڪ ۽ هڪ روشن خيال استاد آهي، جيڪو پنهنجي فڪر، ذڪر، عقيدي ۽ سماجي سائنس تي هڪ چِٽو ۽ مضبوط موقف رکي ٿو. سندس ٻه ڪتاب هڪ ”ايڏو درد عميق“ شاعريءَ جو  ۽ ٻيو ڪتاب ” رنگا رنگ ملائشيا“ سفر نامو ڇپيل آهن. انهن کان پوءِ سندس شخصيت تي هڪ ڪتاب ”ماڻهو مٽيءَ هاڻو“ به ڇپيل آهي. وڌيڪ سندس مختلف موضوعن تي جهڙوڪر تعليم، صحت، ۽ ماحوليات وغيره تي ڪئي مضمون ڇپيل آهن. 

12.30.2019

My views






محمد يوسف جويو

سائنسي ادب : منهنجي نظر ۾

¨     هڪ سائنسي ادب اِهو آهي، جيڪو عملي سائنس يعني (Applied Science ) ۽ فطري سائنس (Natural Science  ) بابت لکيل هوندو آهي. يا اهڙو ادب جيڪو انهن جو خلاصو بيان ڪندو آهي. تڏهن ان کي سائنسي ادب چئبو آهي.

¨     اهڙو ادب جنهن م ڪهاڻيون، مضمون يا ٻيون لکتون جيڪي هر عقيدي جي انڌ کان پاڪ هجن، سماجي حقيقتن تي ۽ عقليت جي بنياد تي ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ، مسئلن جو حل ڪڍڻ يا ڪنهن سماجي حالتن جو جائزو وٺڻ ۾ حقيقت پسند سوچ کي وسيع ڪري ۽ روشن خيالي پيدا ڪري ته ان کي به سائنسي ادب چئجي ٿو.


شيخ اياز   بابت راءِ

¨     اياز شاعري ڪئي ته  انسان پنھنجي اندر جي گگھه اوندھ مان نڪري ٻاھر روشنيء ۾ اچي، روشني جيڪا آزاديءَ جي روشني آھي. جيڪا سج وانگر گرم، چمڪندڙ ۽ توانائي ڏيندڙ آھي.

¨     شيخ اياز جي شاعريء مان قومي اتساھ ملي ٿو. جيڪو اتساھ ھن پاڻ ۽ پنھنجي شاعري ۽ فڪر سگھ خاطر شاھ لطيف، سائين جي ايم سيد، محمد ابراھيم جويي، سوڀو گيانچنداڻي، ۽ حشو ڪيولراماڻيء کان حاصل ڪيو.

¨     شيخ اياز نج قومي شاعر آھي
سنڌو ديس جي ڌرتي توتي پنھنجو سيس نمايان
مٽي ماٿي لايان
ھي قومي ترانو سنڌ وطن جي وجود تائين قائم رھڻو آ



12.05.2019

Open letter to chairperson of Sindhi Adbi Board, Jamshoro For Name of Library




*محمد يوسف جويو- ڄامشورو
Image result for muhammad ibrahi joyo pictures تاريخ:---------------------------------


      انتهائي قابلِ احترام سائين!  مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب
                                        چيئرمين، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

اسلام عليڪم!
                                                         
                   سائين منهنجا!

                                     هي خط لکندي مون کي انتهائي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي جو سنڌي ادبي بورڊ جي واڳ اوهان جهڙي مدبر شاعر ۽ اديب اچي سنڀالي آهي- سائين! سنڌي ادب جي تاريخ ۾، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ اوهان جي بزرگن جون ڪيل خدمتون روز روشن سج وانگر عيان آهن. اهو خدمتن جو سلسلو اڄ تائين هلندو ٿو اچي ۽ هاڻ ان خدمتن جي ٻيڙي جِي سرواڻي اوهان جي بلي آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان ان ڀلاري خاندان جا فرد آهيو.  

                                  محترم سائين! اوهان جي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي واڳ سنڀالڻ سان ئي هڪ نواڻ جي شروعات ٿي آهي. اها بنهه ڀلي ۽ چڱائيءِ جي ڳالهه آهي. اوهان جي ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار سرتيون ۽ ٻاراڻو ادبي رسالو گل ڦل مسلسل پڌرا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. لائبرريءَ جي ڪتابن کي به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو پيو وڃي. اهو سڄو ڪم اوهان جي ادبي ذوق شوق ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ۽ دلچسپيءَ جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي. سنڌ جي ادبي اداري سان اوهان جو اهڙو دلي لڳاءُ ڏسي مان هي خط لکي ڪري ڪجهه گذارشون ڪرڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان. اميد اٿم ته منهنجي هن خط کي مان بخشيندا ۽ هيٺ ڏنل گذارشن تي عمل ڪري تاريخ ۾ ڪا نواڻ آڻيندا، ڇاڪاڻ ته اهي هيٺ پيش ڪيل گذارشون هڪ تاريخ ساز شخصيت جي متعلق آهن.   

محترم سائين!

1.       سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سڪريٽري، اديب ۽ دانشور سائين محمد ابراهيم جويو صاحب، پنهنجي سڄي عمر سنڌي ٻولي، ادب، ۽ سنڌي ادبي ۽ علمي ادارن جي خدمت ڪندي گذاري. هن پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي ”ذاتي لائبرري“ مڪمل طور سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو کي غير مشروط بنيادن تي تحفي طور ڏئي ڇڏي.

2.       سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي ذاتي لائبرريءَ جا ڪُل ڪتاب جيڪي لڳ ڀڳ 5000 ٿيندا. جيڪي مون ( محمد يوسف جويو) ۽ منهنجا مددگارساٿي سنڌي ادبي بورڊ جي ٻن ملازمن ( ضمير مهيسر ۽ عبد الواحد مڱريو) جي محنت سان اهي سڀ ڪتاب رجسٽر تي داخل ڪري سال 2011ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي اُن وقت جي سڪريٽري جناب زوار نقوي صاحب جي نگرانيءَ ۾ لائبرري جي حوالي ڪيا ويا هئا.

3.       سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي پنهنجي مڪمل ذاتي لائبرريءَ کي غير مشروط بنيادن تي  مفت ۾ ڏيڻ جي عمل کي سڄي سنڌ ۾ ساراهيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ ٻين اديبن پڻ پنهنجي ذاتي لائبررين مان ڪجهه پنهنجا ڪتاب بورڊ جي لائبرريءَ کي تحفي طور ڏيڻ شروع ڪيا هئا.

4.       سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي اهڙي فراخدلانه عمل ۽ سندس ڪيل خدمتن جي قدرداني ڪندي ان وقت جي، بورڊ جي سڪريٽري محترم زوار نقوي صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ٻاهران
                                        ”محمد ابراهيم جويو ريسرچ لائبرري“
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
سال: 2011ع
   جي نالي جي هڪ تختي ٺهرائي هنئي وئي هئي. ۽ اها تختي لائبرريءَ جي مک دروازي جي ساڄي پاسي کان ڀِتِ تي لڳائي وئي هئي. جيڪا پوءِ لائبرريءَ جي مرمت يا رنگ ڪرائڻ دوران ڪڍي ڪري ڪنهن هنڌ محفوظ ڪئي وئي آهي.

5.       مون ( محمد يوسف جويو) سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي لائبرريءَ جي ان سفر تي هڪ مضمون ” محمد ابراهيم جويو صاحب جو ڪتبخانو “ جي نالي سان پڻ لکيو هو، جيڪو روزانه عبرت اخبار جي هفتيوار ايڊيشن ۾ تاريخ 15 فيبروري 2015ع تي شايع ٿيو هو. ان ساڳئي مضمون جو اردو ترجمو،  آن لائن رسالو صداءِ لائبررين- لاهور جي  شماري نمبر؛ جولاءِ – سيپٽمبر 2015ع، جلد 2 ، شمارو نمبر 3  ۾ پڻ ڇپيو هو. (انهن ٻن مضمونن جون ڦوٽو ڪاپيون هن خط سان گڏ ڳنڍيل آهن.)

6.       حاصل مقصد ته سائين جن کي گزارش ڪجي ٿي ته سنڌ جي روشن خيال اديب، دانشور سائين محمد ابراهيم جويو جي خدمتن جو قدر ڪندي، اڳي وانگر هڪ سٺي ياد خاطر بورڊ جي لائبرريءَ جو نالو ” محمد ابراهيم جويو ريسرچ لائبرري“ ڪنهن وڏي ۽ روشن تختيءَ تي لکرائي ڪري، لائبرريءَ جي مک در مٿان لڳائي وڃي. منهنجا سائين، اها مڃتا سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي ته آهي، پر ساڳيءَ وقت تي اهو اعزاز سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي تاريخ کي پڻ ملندو. ۽ اوهان تي اِهو فرض پڻ ٿئي ٿو ته، جن عالمن، بزرگن ۽ اديبن  بورڊ کي ٺاهيو، وڌايو ۽ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو تن بزرگن جا نالا يادگار طور تي جاين، رستن، چونڪن ۽ پارڪن تي رکيا وڃن، ته جيئن انهن جي ياد تازي رهي ۽ پنهنجي بزرگن جي ڪيل ڪم ۽ خدمتن جي نئين نسل کي به ڄاڻ ملندي رهي. اسان توهان مان اِها سٺي اميد ئي ڪري سگهون ٿا.

مهرباني


               *محمد يوسف جويو
¨     جوائينٽ سڪريٽري
                     سنڌي ادبي سنگت، شاخ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

¨     اسسٽنٽ سڪريٽري
پاڪستان لائبرري ايسو سيئشن، سنڌ برانچ، سنڌ

¨     گهر نمبر: بي 15/5
مهراڻ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائيٽي- ڄامشورو
رابطو: گهر  022-110110        
موبائيل نمبر:  0347-3342148
                            0303-0347251                    
                                   joyoyousif@gmail.com  E-mail: 

9.24.2019

ساهه سُريتو سائين:گرڏنو گانگاڻي


محمد يوسف جويو                                     
         سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي  جي شهر ٽنڊو محمد خان جي ريوا چند گهٽي (مير پاڙو) ۾ رهندڙ سيٺ سرڳواسي ايسرداس گانگاڻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اسان جو ساهه سُريتو سائين  گر ڏنو گانگاڻي تاريخ 24 سيپٽمبر 1945ع تي ڄاوا ۽ پنهنجي چاچي لونگ مل گانگاڻي جي سرپرستيءَ ۾ سندس ئي گهر ننڍا ٿي وڏا ٿيا. پاڻ  سجاول شهر جي پرائيمري اسڪول  مان شروعاتي تعليم ورتائون. ميٽرڪ جو امتحان سجاول جي  هاءِ اسڪول مان 1962ع ۾ پاس ڪيو،  هي اسڪول سجاول جي سماج سڌارڪ جناب محمد يوسف چانڊيو جو جوڙايل آهي، سائين ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ سال  موڙ ٻڌي گهوٽ بڻجي شادي ڪئي. 1978ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، جي شعبي لائبريري سائنس مان ماسٽر آف لائبريري سائنس جي ڊگري وٺي ڪري ان ئي شعبي ۾ ليڪچرار ٿي ويو ۽ ايسوسيئٽ پروفيسر جي عهدي تائين پهچندي  2005ع ۾ رٽائر ٿيو آهي. نوڪريءَ دوران پاڻ پڙهندو ۽ لکندو  رهيو اهڙيءَ طرح پاڻ  پڙهندي سنڌيءَ  ۾ ايم اي، قانون ۾ ايل ايل بي ۽ ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ جون ڊگريون پڻ  حاصل ڪيون. ان کان علاوهٰ پاڻ کوڙ سارا تحقيقي مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن۽ ڪجهه  ڪتاب پڻ  لکيا آهن جن جو مختصر احوال هيٺين ريت ڏجي ٿو
1.  گانگاڻي،گرڏنو:شيخ اياز شخصيت ۽ فن.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1998ع200ص
2. گانگاڻي،گرڏنو:انساني تهذيب ۽ ڪتب خانا.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1996ع 138ص
3. گانگاڻي،گرڏنو(مترجم):لائبريرين شپ جا سماجي بنياد.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگارپبليڪيش2000ع 136ص
4. گانگاڻي،گرڏنو:انٽرنيٽ.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار  پبليڪيشن،1999ع 200ص 
5. گانگاڻي،گرڏنو: ڪمپيوٽر سائنس.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيش. 1999ع 208ص
6. گانگاڻي،گرڏنو:آئينه ڪتب خانا.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-----ع
7. گانگاڻي،گرڏنو:ڌرم ۽ مذهب.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-------ع
8. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس ۽ ان  جا اصول.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،----ع
9. گانگاڻي،گرڏنو: ڪتب خانن جي اهميت.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،---------ع
10. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٽيون).حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،-------ع
سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري  ۾ ڪئي شعبا پاڙهيا وڃن ٿا جن مان لائبريري سائنس شعبو به هڪ آهي، هي هاڻي ترقي ڪري لائبريري انفارميشن سائنس اينڊ آرڪاوئيز اسٽڊي ڊپارٽ بنجي ويو آهي. مادر علميءَ جي سوشل سائنس فيڪلٽيءَ  جي  ٻين شعبن هي هڪ نهايت مختلف ۽ پروفيشنل ڊگري ڏيندڙ ادارو آهي. سائين گرڏنو گانگاڻي  بحيثيت استاد جي ڏاڍو محنتي ، جفاڪش ۽ ساهه سريڪو شخص رهيو آهي. سدائين پنهنجي شاگردن کي همٿائيندو، اتساهه ڏياريندو رهندو، ۽ پاڻ جيئن 1995ع ۾ پاڪستان لائبريري ايسوسيئشن  سنڌبرانچ  جي  اگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو.  ۽  پنهنجي سرگرميءَ کي تيز ڪندي پنهنجي  شاگردن توڙي  هم-شعبي جي  ٻين ساٿين کي پي ايل اي سنڌ برانچ جو ميمبر ڪيائين. واندو ويهڻ هن کي اصل ڪين ايندو هو بس ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ جنبيو پيو هوندو آهي. ۽ نتيجي ۾ هيترا سارا ڪتاب لکي  پنهنجي شعبي جو مان مٿاهون ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ به اضافو ڪيائين ته اسان شاگردن جو به ڀلو ٿي پيو ڇو ته سنڌيءَ  ۾ لائبريري سائنس  جي موضوع تي  تمام ٿورڙن ماڻهن لکيو آهي تن کي به شابس هجي جن ۾ ؛ محترم  سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ، محترم شاهه محمد بلوچ  ۽  محترم دوست محمد ڀٽي  سرِ فهرست آهن. سائين گر ڏنو گانگاڻي جي شخصيت تي مختلف عالمن جا رايا ڪجهه هن ريت آهن.محترم سرڪش سنڌي چوي ٿو؛ ”گرڏنو گنگاڻي به ڄامشوري ۾ رهندي، ڄام شوري جي هوائن  جئين سدائين تحرڪ ۾ رهيو آهي. سندس روح ۾ هميشه لڇ پڇ رهي آهي. پاڻ جيڪي، جنهن محنت ۽ اکين کي اوجاڳا ڏيڻ سان حاصل ڪيو اٿس سو امانت با سلامت ساڳيءَ محنت سان اسان جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندي، پنهنجو انساني اخلاقي ۽ علمي فرض بنا ڪنهن غفلت يا بي پرواهيءَ جي ادا ڪندو رهي ٿو.“   وڌيڪ لکي ٿو ته ”تپندڙ ڏينهن جي اُس ۽ اُڃُ ۾ ٿڌي ڇانوري ۽ پاڻيءَ جهڙو معتبر ۽ محترم هيءُ استاد، لائبريري سائنس ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر جي حيثيت سان نه رڳو نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت سان شاهوڪار ڪندو رهي ٿو پر مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وسعتن جيئن وسيع دل، دماغ رکندڙ هيءُ شخص پنهنجي علم کي قلم جي زبان ڏيئي، اسان کي / اسن جي لائبريرين کي مختلف علمي تحفا به ڏيندو رهي ٿو.“محترم سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ لکي ٿو؛ ” مسٽر گرڏنو، جو شاگري جي زماني کان ئي محنت  ۽ مشقت ڏانهن لاڙو هو. هن  پڙهڻ دوران پهرين سال ۾ ٽيون  ۽ ٻئين سال ۾ پهريون نمبر کڻي 1978ع ۾ ڊپاٽمينت ۾ استاد جي حيثيت سان شامل ٿيو. ان کان پوءِ هن لابريري ۽ انفارميشن سائنس جي مضمون ۾ ترجمي ۽ تحقيق ۾ پاڻ گهڻو موکيو  اٿائين. وقت جي تقاضائن جو به خوبي خيال رکيو اٿائين.“سائين گرڏنو صاحب  پنهنجي باري ۾ ۽ پنهجي لکيل مواد جي باري ۾ لکي ٿو ته؛  ”لائبريري سائنس هڪ پيشورانه علم هجڻ سان گڏوگڏ هڪ با قا عدهٰ سائنس  جي حيثيت به رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان هن جهڙي اهم شعبي ۾ اسان جي شاگردن کي پنهنجي  مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي ڪتاب مهيا ٿيل نه آهن.“سائين جا شاگرد سڄي سنڌ  جي مختلف ڪاليجن، پبلڪ لائبريرين  ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ وڏن وڏن گريڊن ۾ ڪم ڪري رهايا آهن، پر جڏهن ته  هي سچو ۽ کرو انسان  وقت ۽ سماج سان ڀيچي ٿي نه بيهي سگهيو آهي.  هن جي سادي، سٻاجهي ۽ ٻاجهاري طبيعت ئي اصل ڪمزوري بنجي وئي اهوئي سبب آهي جو هن عظيم استاد سان زماني وڏيون ٺڳيون ڪيون، دوکا ڏنا ته اتي پنهنجا به پراوا بنجي ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو، هاڻي  پاڻ تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي  پنهنجي  زندگي گمنام طور  گذاري رهيو آهي. 
(نوٽ: هي مضمون سائينءَ جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هو)

9.12.2019

Book review of Sindhi short story



                                               
 محمد يوسف جويو
روين جو چهرو/ راجن مڱريو:  (ڪتاب جو جائزو)

            سانگھڙ جتي  جي رستن تي سڄو ڏينهن چنگُچي (Qing Qi)  ڀنڀورين جيان ڀون ڀون ڪنديون ٿيون وتن، ها! اهو سانگھڙ آهي جتي شايد سنڌ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ وڻڪار نظر اچي ٿي. شهر جي سڀني رستن تي ، گھرن جي اڱڻن تي، سرڪاري آفيسن جي اڳيان، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ تمام گھڻي وڻڪار ٿيل آهي. وڏا واڏ وڻ جن ۾ نم، سرهه، پپر، ٽالهي ۽ نيو ڪلپٽس جي وڻن جي اڪثريت شامل آهي. وري شهر جي ٻاهر چوڌاري ٻنيون جن ۾ ڪپهه جو فصل، ڪمند ، جوئر، ٻاجھري، ڪيلن جا باغ، انبن جا باغ ، ليمن ۽ ڄمن جا باغ ان کان علاوهٰ ٻيا مُند آهر فصل ۽ ميوا  جام ٿين ٿا مطلب ته چوڌارين ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي  ٿي.اهڙي سدا آباد شهر ۾ وري سدا جوان رهندڙ سنڌي قوم جا قبيلا جن جي بهادريءَ انگريز سرڪار جا واڄٽَ وڄائي ڇڏيا ها، جنهن جو پڙاڏو اڄ به تاريخ ۾ واضع ٻُڌڻ ۾اچي رهيو آهي.
            مان ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتيءَ جو رهواسي سوچيان ٿو ته ڄامشوري جا اُهي ’شهيد‘ جن ’ڪارن‘ سان ويڙهه ڪندي پنهنجو رت ڏنو ۽ هِنَنِ ’سانگھڙ جي شهيدن‘ جن گورن سان ويڙهه ڪندي پنهنجو رت ڏنو . تنهن ٻنهي جي رت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟  آءُ اهو به سوچيان ٿو ته ڪالهه جي گورن ۽ اڄ جي ڪارن ۾ ڪهڙو فرق آهي!  اهي سنڌي  قوم جي مختلف ذاتين وارا قبيلا”حُرَ“ جي نالي سان مشهور آهن. جن پنهنجي رهبر، هادي ۽ مرشد جي حڪم تي ڌرتيءَ مٿان قبضي خور انگريزن سان ويڙهه ڪندي ساهه ڏنو پر پنهنجي مرشد مٿان ويساهه نه ڇڏيو.
سانگھڙ شهر ۾ سنڌ جي ڏاهن اديبن جي تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي پڻ شاخ قائم آهي. سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ دانشورن جي هي واحد تنظيم آهي، جنهن ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين ادب ۽ ٻولي جي واڌ ويجھ لاءِ هڪ اڻٿڪ ويڙهه ۽ ڪوشش ڪئي آهي. اهوئي سبب آ جو هتان جا سنگتي حر تاريخ تي “ جھونگار “۽ منصور“ جھڙا ميگزين منظر عام تي آڻي رهيا آهن ان کان علاوهَ سنگت جي ٻين ميمبرن جا پڻ تخليقي ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن جنهن مان اسان جي دوست “ راجن مڱريو“ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ روين جوچهرو“ پڻ هڪ نج ادبي ڪتاب طور ظاهر ٿيوآهي. سنڌي ادبي سنگت اهو پليٽفارم آهي جتان دوستين به جنم ورتو آهي ۽ اختلاف به پيدا ٿيا آهن. اهي دوستيون ادب ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي جڙنديون آهن. پر انهن ۾ هڪ فرق آهي، اهو   ته دوستيون صرف محبت جي بنياد تي پيدا ٿينديون آهن۽ دشمنيون وري مفاد جي ڪري جڙنديون آهن. اهو محبت ۽ مفاد جو تضاد ازل کان هلندڙ آهي. منهنجو به راجن مڱريو سان واسطو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽفارم تان محبت جي بنياد تي شروع ٿيو ۽ اسان جي محبت جو مرڪز سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌ آهي.
            راجن جي ڪتاب “روين جو چهرو“ جي نالي سان جنهن ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون ترتيب وار ڏنل آهن. ڪهاڻيون ڏاڍيون ساديون ۽ مقصد واريون آهن. اهي ڪهاڻيون مشاهداتي تاثراتي ۽ محسوساتي آهن. سڀني ۾ حقيقت تان پردو کنيو ويو آهي. مثال طور ” تتل لوهه ، ڪبوتري گلوبائيزيشن  ۽  جواري“ اهي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ليکڪ جيڪي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تنهن کي اُنهيءَ انداز۽ نموني سان لکي اسان سڀني آڏو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي. راجن جي ڪتاب ”روين جو چهرو“ تي جيڪڏهن تنقيدي نظر وجهي بي ته هي سڀ ڪهاڻين ڪي گهري مطلب واريون ڪونه آهن يا ادبي ٽيڪنيڪ جي لحاظ  کان به مڪمل خا مين کان خالي ڪو نه آهي. ڪن ڪهاڻين ۾ ڳالهه اڌوري ڇڏي وئي آهي.  جيئي ڪهاڻي “والي“ آهي. پر ان جي جاءِ تي ڪهاڻي “ تتل لوهه “ پُر ۽ پُر مطلب آهي. راجن جون ڪهاڻيون بلڪل ساديون آهن. هن جن مسئلن کي کنيو آهي. اهي نهايت  ننڍڙا پر اسان هيٺين طبقن جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا اهمُ آهن. اسان جي سماج ۾ اسان جي پنهنجن ڏانهن رويا آهن! انهن کي ڏاڍي سادي نموني پيش ڪيو آهي. ائين جيئن استاد بخاريءَ جي شاعري سادي ۽ سلوڻي آهي. خود  راجن  به سادو ۽ معصوم نوجوان آهي. سندس رويا پڻ سدا آهن. پوءِ  ڀلا! سندس لکڻيون ڇو نه ساديون هجن!. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي. ته ”دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پاپ (گناهه) لفظن جي هيراڦيري ڪرڻ آهي“ هن ڪتاب ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ڪتاب ۾ سڌي ڳالهه، نج ادبي انداز ۾ ڪيل آهي. جيڪا راجن مڱريو جي ڏاهپ ۽ سادگيءَ جو هڪ وڏو مثال آهي.

نوٽ: هي مضمون 20.12.2002ع جي شام جو ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيو ويو.