مـحـمـد يـوسـف جويو
لـــڪـي شاهه صدر: تاريخ جي آئيني ۾
لڪي شاهه صدر
هيا ڪي ڳوٺ پنهنجا، پڊ پراڻا
اُهي ڪِي آهن پنهنجا، ڏڍ پراڻا.
ڳوٺ اسان جا بنياد آهن، جيڪي تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر جا جيئرا جاڳندڙ ثبوت هوندا آهن، هاڻي اهي ڳوٺ
بدلجندي ننڍا ننڍا شهرٿيندا پيا وڃن. يقينن اهو هڪ ارتقا جوعمل ۽ اصول آهي ته وقت جي گذرڻ سان گڏو گڏ ڪي
شيون ختم ٿينديون آهن ته ڪي وري پنهنجون شڪل شبيهه ۾ تبديلي آڻينديون آهن. سو اسان جا ڳوٺ به ان ارتقا جي
مرحلي مان گذرندي ڪي نيون شڪليون وٺندي ننڍن شهرن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. انهن ڳوٺن ۾ منهنجو ڳوٺ لڪي شاهه
صدر به شامل آهي. توڙي جو هن جو اُهو اڳوڻو عروج نه رهيو آهي پر پوءِ به هن جي تاريخي حيثيت هڪ الڳ ٿلڳ ۽
نرالي رهي آهي.
لڪي شاهه صدر سنڌو درياهه کان هڪ ڪلوميٽر اولهه طرف ۽ کيرٿر جابلو سلسلي جي لڪي جبل کان هڪ
ڪوهه (ٻه ميل يا ٽي ڪلوميٽر) اوڀر طرف، دنيا جي گولي تي، جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ سان 0 26.2667 ڊگري
ويڪرائي ڦاڪ ۽ 0 67.9000 ڊگري ڊگهائي ڦاڪ تي، هڪ دڙي/ٺُـلهَه تي تاريخي شاهد طور ڪَرُ کنيون بيٺو آهي.
چون ٿا ته هي شهر ڪئي ڀيرا اُجڙي وري آباد ٿيو آهي. سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ هن آباد ۽ شاداب شهر جي تاريخ اوتري
پراڻي آهي جيتري سيوهڻ شهر جي تاريخ پراڻي آهي. هي هن وقت ڳوٺ جي صورت ۾ آهي پر هن کي اڄ به ”لڪي
شهر“ ڪري سڏيو ويندو آهي.
ورهاڱي کا اڳ هن شهر جو وڏو عُروج هوندو هو، واپار سٺو ٿيندو هو ۽ ڀرسان گذرندڙ درياهه تي لَڪي پَتڻُ
هجڻ جي ڪري، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي قائم ڳوٺَ توڙي ننڍا شهر، جنهن ۾ ڳوٺ نواب ولي محمد اسٽاپ ۽
سرڪاري کوهه وغيره يا سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري جا سڀ ڳوٺ، جنهن ۾ ڀچن جو ڳوٺ، نونداڻي، ٻجورا، پنهورن جو
ڳوٺ، مياڻي، آباد، ٿيٻاٺ، ڪيٽِي ۽ ٺَـٽِي وغيره جا ڳوٺاڻا لڪي شهر جي شاهي بازار جا خريدار هوندا هئا. لڪيءَ جي
بازار شاهي بازار سڏبي هئي ۽ بازار جي وچ، مُهاڙي ۽ پڇاڙيءَ ۾ فانوس (شمعدان) لڳل هوندا هئا، جيڪي روزانو شام
کان وٺي سڄي رات ٻاريا ويندا هئا. واپاري اُٺن، گڏهن ۽ ٻين وَهٽن تي چڙهي ڪري اچي، لڪي شهر مان سودو سڙو
وٺي، پوءِ پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏي روانا ٿيندا هئا. ان وقت هن کي لڪي ڌارا يا لڪي تيرٿ جي نالن سان سڏيو ويندو
هو، ڇو ته لڪي شهر جي اولهه طرف جي جابلو سلسلي ۾ هِڪڙا گندرف جي پاڻيءَ جا چشما آهن، جنهن کي ”ڌارڻ“ جي
نالي سان سڏيو ويندو آهي. اهي چشما چمڙيءَ جي بيماريءَ لاءِ فائديمند آهن ۽ پري پري جي ڳوٺن توڙي شهرن کان
ماڻهو هنن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ ايندا رهندا آهن ۽ شفاياب ٿي ويندا آهن. انهن چشمن جو پاڻي هڪ ڌارا جي شڪل ۾
مٿاهينءَ کان وهي هيٺاهينءَ ڏانهن ويندو آهي، جيئن ته هي پاڻي جبل مان ڦٽي نڪري ٿو ۽ جبل جي سوڙهن لڪن مان
گذري هڪ ڌارا جي ڊگهي شڪل ۾ هيٺ ڪري ٿو، سو شايد ان ڪري هن کي ”ڌارڻ“ چئجي ٿو. ۽ اهڙيءَ طرح لڪيءَ
کي لڪي ڌارا سڏيو ويندو هو. ٻيو ته اتي جبل جي پاڙن ۾ ڌارڻ ڏانهن رستي ويندي هڪ ننڍو شِو جو مندر آهي ۽ ان جي
سامهون مسافرخانا ٺهيل آهن، ان ڪري هت هر سال هندو مت جا ماڻهو شِو جي ڏيهاڙن ۾ اچي ڪري تيرٿ ڪندا آهن ۽
پنهنجون مذهبي رسمون پڻ ادا ڪندا آهن. چشمي جي پاڻيءَ ۾ وهجندا ۽ دان ڏيندا آهن. هاڻي ورهاڱي کان پوءِ هندن جو
اچڻ وڃڻ گهٽجي ويو آهي يا جهڙوڪر بند ٿي ويو آهي ۽ چشمن جي سار سنڀال به نه ٿي ٿئي. منهنجي خيال مطابق ان
ڪري لڪيءَ کي لڪي تيرٿ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. پر هاڻي هن شهر کي لڪي شاهه صدر جي نالي سان
سڏيو وڃي ٿو. اهو نالو دادو ضلعي جي ڪمشنر مدد علي شاهه لڪياري ءَ 1950ع ۾ رکيو هو. ورهاڱي کان پوءِ هڪ
عجيب ماحول پيدا ٿيو هو ۽ سرڪار شهرن ۽ ڳوٺن کي مسلمانڪو ويس پارائڻ شروع ڪيو جيئين مثال طور سيتا کي
رحماني ننگر، لائلپور کي فيصل آباد ۽ اهڙيءَ طرح لڪي تيرٿ کي لڪي شاهه صدر بنايو ويو. حالانڪ اهو به
تاريخي سچ آهي ته لڪي شهر جي لڳ حضرت شاهه صدر رحه جي درگاهه ڪن جُڳن کان قائم آهي. سنڌ جا جيڪي به
سيد، لڪياري سڏائين ٿا تن جو هن درگاهه سان خانداني، نسلي ۽ روحاني تعلق آهي.
هن وقت ڳوٺ ۾ جيڪي مختلف ذاتين ۽ قبيلن جا ماڻهو رهن ٿا تن ۾ سيد، جويو، مڱڻهار فقير، موچي، قريشي
جن کي اڪثر اتان جا ماڻهو مُلا چون ٿا، ڀچا، پسيا، جوڻيجا، خاصخيلي، ملاح، چوهاڻ، ڇڇر، لنڊ، گراڻا، پنهور، ڪنڀر،
ٻرڙا، دنبڙ، ٺيٻاٺي، گَڏڻ، دايا، جتوئي، ڪوري ۽ مهر وغيره هن شهر جا اصلي رهندڙ آهن. ڳوٺ جو سٺو ۽ پر امن
ماحول آهي، ڳوٺاڻا پاڻ ۾ محبت ۽ امن سان رهن ٿا. چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ هن شهر ۾ جيڪو هاڻي ڳوٺ ٿي ويو
آهي تنهن ۾ هندن جا چڱا خاشا گهر هوندا هئا جيڪي واپار ڪندا هئا، اڄ به انهن جون ڇڏيل ماڙيون ٻين ماڻهن جي
قبضي ۾ آهن، اهي ماڙيون اسان کي پنهنجِي شاندار تاريخ جي يادگيري ڏيارين ٿيون. هن وقت ڳوٺ ۾ رهندڙ مٿي ڄاڻايل
ذاتين جا ماڻهو جنهن جي اڪثريت مزدور، هاري، مالوند ۽ دڪاندارآهن ۽ ڪجهه سرڪاري ملازمت جي حيثيت ۾ ڪم
ڪري رهيا آهن. پر ان جي باوجود به ڳوٺ جا ڪئِي مسئلا آهن جن مان ٿورڙن جو هت ذڪر ڪرڻ لازمي آهي.
سنڌ جي هر ڳوٺ وانگر هت به غربت تمام گهڻي آهي ڇاڪاڻ ته وڌندڙ آباديءَ جي لحاظ سان بيروزگاريءَ جو هت وڏو
مسئلو آهي ۽ اڪثر هتان جا نوجوان نشي وارين شين جا عادي ٿي وڃن ٿا. اسڪولن ۽ اسپتالن ۾معياري صحت ۽ معياري
تعليم ڏيارڻ لاءِ سرڪار جي طرفان ڪو توجهه نه ٿو ڏنو وڃي، تنهن ڪري سرڪار کي انهن بنيادي سهولتن تي ڌيان
ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيئن ته ڳوٺ لڪي شاهه صدر تعلقي مانجهند ۾ آهي پر افسوس آهي جو هن سڄي تعلقي ۾ اڄ
تائين گيس جي سهولت ڪانه آهي ۽ سڄي تعلقي جا رهواسي پنهنجي گهرن ۾ رڌپچاءُ جو ڪم ڪاٺين تي ڪن ٿا، ان
ڪري هن تعلقي جي سڀني ڳوٺن توڙي ننڍن شهرن کي گيس جي سهولت ملڻ گهرجي.
لڪي شهر جي اوڀر کان سنڌو درياهه وهي ٿو ۽ ان مان هڪ شاخ نڪري ٿي، جنهن جي ڪر درياهه جي
ڪنڌيءَ تي اريگيشن کاتي طرفان هڪ واٽر پمپنگ مشين رکيل آهي، جنهن تي ڳوٺ جي آس پاس جون ٻنيون ٻارا ٿين
ٿا. هت هڪ شاهي بازار به هُئِي جيڪا هاڻ ڦِٽِي ختم ٿي وئي آهي، هن وقت اتي ٻه ٽي دڪان، هڪ هوٽل باقي بچيا
آهن. لڪي شهر وٽان ريل جو ٽريڪ (ريل پٽڙي) گذري ٿو، جنهن ڪري هتي هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي، جيڪا
انگريزن جي دور ۾ ريلوي لائن وڇائڻ سان قائم ڪئي وئي هئي، ان ريل جي پٽڙيءَ سان گڏو گڏ اوڀر طرف حضرت
شاهه صدر رحه جي درگاهه ۽ ريل پٽڙيءَ جي ٻئي طرف اولهه پاسي کان بزرگ سيد ميون غازي جي درگاهه آهي.
جيڪو شاهه صدر جي ئي خاندان منجهان آهي. ان سان گڏو گڏ هڪ وڏو تاريخي قبرستان آهي جيڪو ٻن حصن ۾
ورهايل آهي، تن مان هڪ کي ”چانگن جو قبرستان“ ۽ ٻيو ان کان به وڏو قبرستان ”عدو عباساڻي“ نالي سڏيو وڃي ٿو،
ان جي ڀر ۾ هڪ وڏي ميدان کي ڀت ڏئي عيد گاهه بڻايو ويو آهي. هن شهر نما ڳوٺ ۾ ٻه پرائيمري اسڪول، هڪ هاءِ
اسڪول، هڪ هنري اسڪول، هڪ اسپتال ۽ هڪ پرائيويٽ اسڪول آهي. ورهاڱي کا اڳ هت ڌرم شالا جي بهترين ۽
ڪشادي عمارت هئي جنهن کي ورهاڱي کان پوءِ گورنمينٽ پرائيمري اسڪول ۾ تبديل ڪيو ويو، ان سان گڏ پاٺ شالا
(مندر) به هو جيڪو هاڻي سڀ ختم ٿي ويو، ڳوٺ ترقي ڪرڻ جي بجاءِ تنزليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هي
لڪي شهر مان هاڻي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو آهي!!!
1- لڪي شاهه صدر جا مختلف وقتن ۾ تبديل ٿيندڙ نالا ڪيئن پيا؟:
لڪي شهر يا ڳوٺ جي تاريخ سنڌ جي تاريخ جِيان اڻ لکيل رهي آهي، جيڪڏهن ڪي حوالا ملن به ٿا ته اهي
ماضي قريب ۽ حال جي ڪجهه محققن جي ڪتابن ۾ سرسري طور تي لکيل ئي ملن ٿا. هي ڳوٺ سنڌ جي جابلو تهذيب
جي مرڪزي حيثيت رکندڙ واپاري شهر رهيو آهي. سنڌ ملڪ جي باشندن لاءِ هي جبل ۽ اتان جا سمورا لڪ پشت پناهه
رهيا آهن، سنڌي حڪمرانن جا مٿن اڏيل ڪوٽ ۽ قلعا جهڙوڪر سيوستان جو قلعو، رنيڪوٽ وغيره اهڙا ٻيا به جبلن تي
ڪئي ڦٽل ڪوٽن ۽ قلعن جا نشان مٿين حقيقتن جي ساک ڀرين ٿا. تاريخ پڙهندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيتري
سنڌ جي پراڻي تاريخ رهي آهي اوتري لڪيءَ جي به پراڻي تاريخ آهي، جنهن ڪري هن ڳوٺ يا وستيءَ جا مختلف دورن
۾ مختلف نالا رهيا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي.
1. لَڪُ آري: ” آري پير جي هڪ مزار لڪي جبل جي اولهه ۾ ڀڳوٽوڙهي جبل، جي پريئين ڀَرِ ۽ جهانگارن کان
ڏکڻ طرف آهي ( ابڙو؛2009ع.ڪوهستان جو سير،328ص)“. هن حوالي سان منهنجي خيال ۾ ته شايد لڪي شاهه صدر کي
لڪ آريءَ جي نالي سان ان آري پير جي نسبت سان ئي سڏيندا هجن، ڇو ته لڪي جبلن مان هڪ ننڍو لڪ يا
جبل مان رستو پريئين ڀر جي ڳوٺن ڏانهن وڃي ٿو. هي سوڙهو لنگهه يا لڪ آهي جنهن مان هڪ هڪ ٿي
ماڻهو گذري ٿي سگهيو ۽ هي گس قديم زماني ۾ وچ ايشيا، افغانستان ۽ موجوده بلوچستان سان آمدرفت ۽
تجارت جو وسيلو رهيو آهي.
2. لڪِي تيرٿ : مسلمانن توڙي هندن جي زيارت يا تيرٿ لاءِ ٻين شهرن وانگر هي اسان جو لڪي شهر به شامل
آهي. ورهاڱي کان اڳ توڙي اڄ به پير خواجه هارون وارن چشمن کي هندو جاتيءَ جا ماڻهو مقدس ڪري
مڃيندا آهن ۽ اتي هندو جاتيءَ جي طرفان پنهنجي عبادت خاطر، هڪ شِو جو مندر به جوڙايل آهي، جيڪو اڄ
به ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. ان کان علاوهٰ ڪجهه مسافر خانا پڻ ٺهرايا ويا آهن. جتي هر سال مارچ مهيني ۾ شِو
جي ميلي جي مناسبت سان ايندا رهندا هئا، اهي چشمن جو تيرٿ پڻ ڪندا هئا. ان ڪري هن شهر جو نالو لڪي
تيرٿ پيو ۽ سرڪاري طور به هن کي لڪي تيرٿ جي نالي سان لکيو ۽ سڏيو ويندو هو.
3. لڪي ڌارا / ڌارا تيرٿ: لڪي شهر جي اولهاهين جابلو سلسلي ۾ هڪڙا گندرف جي پاڻيءَ جا چشما آهن، جنهن
کي ”ڌارڻ“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. اهي چشما چمڙيءَ جي بيماريءَ لاءِ فائديمند آهن، پري پري جي
ڳوٺن توڙي شهرن کان ماڻهو هنن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ ايندا رهندا آهن ۽ شفاياب ٿي، موٽي ويندا آهن. انهن
چشمن جو پاڻي هڪ ڊگهي ڌارا جي شڪل ۾ مٿاهينءَ کان وهي هيٺاهينءَ ڏانهن ويندو آهي. جيئن ته اهو پاڻي،
جبل مان ڦٽي نڪري ٿو ۽ جبل جي سوڙهن لڪن مان گذري هڪ ڌارا جي ڊگهي شڪل ۾ هيٺ ڪري ٿو سو
شايد ان ڪري هن کي ”ڌارڻ“ چئجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح لڪيءَ کي ”لڪي ڌارا“ يا ” ڌارا تيرٿ“ جي نالي سان
پڻ سڏيو ويندو هو
4. لڪُ يا لڪِي: هڪ لڪُ(جبل مان گذرندڙ هڪ ننڍو پيچرو يا گس) ننڍين ٽڪرين منجهان گذري ٿو. جنهن
(ٽڪرين) کي ڀڳوٽوڙهو جبل ڪري سڏيو ويندو آهي ۽ لڪي ڳوٺ کان اتر اولهه پاسي تي آهي، هن ڳوٺ تي به
هن لڪ جي ڪري اهو نالو پيو آهي(اليگزنڊر برنس؛1994ع.سنڌوءَ جو سفر.168ص)
5. لڪُعلوي: سيد علي مڪي رحه سيوستان جي پرڳڻي ۾ آيو ۽ ٺوڙهي جبل جي دامن ۾ سنڌو درياهه لڳ هڪ
پرفضا مگر خاموش بستيءَ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. اها بستي ڀڳي ٺوڙهي جبل ۽ درياهه جي سوڙهي
لڪ (لڪي) جي دامن ۾ هئي، جو پوءِ اهو لڪ سيد علي مڪي جي نالي سان لڪعلوي سڏجڻ لڳو(بلوچ؛1988.شاهه
صدر نمبر مهراڻ: 08ص). ساڳئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ لکيل آهي ته ”لڪ آري ڀڳي ٽوڙهي جي جبلن لڳ پير هارون جي
گرم پاڻي وارن چشمن جي نزديڪ آهي. سيد علي مڪيءَ جي سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ ان لڪ آريءَ
کي لڪعلوي به سڏڻ لڳا، اهو ئي سبب آهي جو لڪ آري ۽ لڪعلوي هم معنيٰ آهن“ (مدد علي شاهه لڪياري. شاهه صدر
مهراڻ نمبر. 42ص)
6. لڪي شاهه صدر: دادو ضلعي جو ڪليڪٽر سيد مدد علي شاهه لڪياري پنهنجي حوالي سان، پنهنجي ئي
مضمون ” حضرت شاهه صدر نيڪ نظر لڪعلوي“ ۾ لکي ٿو ته؛ ”سال 1950ع ۾ راقم ٿيو ڪليڪٽر دادوءَ
جو- عالي جناب سيد ميران محمد شاهه صاحب جو، پِي. ڊبليو. ڊِي جو وزير هو. محترم محمد موسيٰ خان
صاحب چيف انجنيئر- بنده لکپڙهه شروع ڪئي ۽ مٿين صاحبن پٺڀرائي ڪئي. نتيجن ۾ حق بحقدار رسد- گرم
چشمن، ڳوٺ لڪي ۽ ريلوي اسٽيشن تي نالو پيو لڪي شاهه صدر “ .(مدد علي شاهه لڪياري. شاهه صدر مهراڻ نمبر. 45ص)
2- ڳوٺ لڪي شاهه صـدر مَنجهه
حضرت شاهه صدر رحمت الله عليه
محمد بن قاسم، حجاج بن يوسف جي چوڻ تي 93هه بمطابق سنه 711ع ۾ سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو. ان وقت عربستان
تي بنواميه جو اقتدار هو. ان کان پوءِ عربستان جي حڪومت بنو عباس جي حوالي ٿي. عربن جون پاڻ ۾ لڙايون وڌنديون
ويون ۽ عربستان جي حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي رهي، نتيجي ۾ عرب سلطنت جي ڪن حصن تي بنواميه قبيلي جي
حڪومت ته ڪن حصن تي وري بنو عباس قبيلي جي حڪومت قائم ٿي چڪيون هيون. اندلس ۾ بنو اميه جي حڪومت
قائم رهي ته ان وقت مصر ۾ صلاح الدين ايوبي، يورپ جي يهودين ۽ عيساين سان صليبي جنگين ۾ مصروف رهندو آيو،
افغانستان ۾ غزنوي سردارن جو تسلط رهيو. عباسين جي طاقت تي هلاڪو خان تاتاري حملا ڪري انهن کي انتهائي
ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن وري عرب سلطنت ۾ قائم بنو اميه ۽ بنو عباس جي حڪومتن ۾، نبي سڳوري جي
خاندان سان تعلق رکندڙ سيدن ۽ انهن جي پوئلڳن تي طرحين طرحين جا ظلم ۽ سختيون ٿينديون رهيون هيون، انهن ظلمن
۽ سختين کان تنگ ٿي ڪري اهي نبي سڳوري جي خاندان سان تعلق رکندڙ فردن ۽ انهن جي پوئلڳ بزرگن لڏپلاڻ
ڪندي اچي سنڌ ملڪ ۾ رهڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ امن ۽ رواداري جو ملڪ هو. ان کان علاوه سنڌ سرسبز ۽
خوشحال ملڪ پڻ هو، هتان جا ماڻهو توڙي سنڌي حاڪم امن پسند، روادار ۽ انسان دوست هئا. سو سيد علي مڪي رحه
به انهن حالتن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ آيو هو. پر تاريخن جي ڪتابن ۾ مختلف حواله ڏنل آهن، تن کي جڏهن اسان پڙهنداسين
ته اسان کي معلوم ٿيندو ته خلافت جي دور کان پوءِ بنو عباس جي دورِ حڪومت ۾ حضرت علي مڪي پنهنجي سئو
ساٿين سان گڏ هجرت ڪري سنڌ ملڪ جي شوستان لڳ ڀڳوٽوڙهي جبل ۾ تيرٿ ”لڪي تيرٿ“ جتي گرم پاڻيءَ جا چشما
آهن اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. هجرت جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته بنو اميه ۽ بنو عباس جي دور حڪومت ۾ ساداتن تي
تمام گهڻا ظلم ٿيندا رهيا، انهن ظلمن کان تنگ ٿي ڪري هجرت ڪئي. ۽ اسلام جا اهي اصحابي ۽ ٻيا بزرگ جيڪي دنيا
جي مختلف خطن ۾ هجرت ڪري وڃي رهيا تن اتي پهچي پنهنجي نيڪ عملن ۽ ڪردارن جي ڪري، پنهنجي
اسلامي تعليم جو ڦهلاءُ ڪيائون.
حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي يارهين پيڙهي مان جنم وٺندڙسيد علي مڪي شاهه رحه پهريان سيد هئا،
جيڪو پنهنجي ساٿين سان گڏ بصره، ايران، مڪران ۽ لس ٻيلي کان ٿيندو موجوده سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ لاهوت واري واٽ
وٺي نينگ ۽ جهانگارا کان ٿيندا سيوهڻ پهتا، هي پهريون سيد آهي جيڪو سنڌ ملڪ ۾ آيو ۽ لڪي تيرٿ کي پنهنجو
مسڪن بنايائون ( ضياءُ القمر في حالات شاهه صدر 33-32 ص ) علي مڪيءَ جي اچڻ سان هي لڪعلوي سڏجڻ لڳو، سندس پڙ پوٽو
شاهه صدر پڻ هت رهي پيو ۽ اهڙيءَ طرح علي مڪيءَ جو اولاد ”لڪياري سيد“ سڏجڻ لڳا.
سيد علي مڪي بن سيد محمد بن سيد شاهه محمود بن سيد احمد بن سيد محمد بمعروف حضرت شاهه صدر نيڪ نظر
رحه پنهنجي پڙ ڏاڏي علي مڪيءَ رحه جي پنجين پيڙهيءَ مان آهن. سندن ولادت لڪيءَ ۾ 514هه بروز جمع 1123ع
تي ٿي، آزاد سنڌ ۾، اهو دورِ حڪومت حاڪم عمادالدين خفيف سومرو، جو هو. سنه 11هه کان 536 هه ”دولت علويه
سومرا“ آهي( ضياءُ القمر في حالات شاهه صدر. 46-49ص) شاهه صدر رحه جن هن فاني دنيا ۾ لڳ ڀڳ 135 ورهيه مهمان رهيا،
سندن وفات 649هه ۾ ماهه رجب بمطاق 1249ع جي پهرين سومر جي ڏينهن تي ٿي. سندس درگاهه لڪي شهر جي اتر
۾ ريلوي لائين جي ڀر ۾ واقع آهي. هن وقت تائين درگاهه شريف جا گادي نشين ڪُـل 23 بزرگ ٿي گذريا آهن. جن سڀني
پنهنجي وس ۽ وِتِ آهر درگاهه شريف جي خدمت ڪئي آهي. شاهه صدر جو مقبرو 1155هه ۾ تعمير ٿيل آهي، اهو
ثواب دارين نادر شاهه بادشاهه شهنشاهه ايران کي حاصل آهي. ( ضياءُ القمرفي حالاتِ شاهه صدر و تعارف خاندان سادات لڪياري. نمبر.88 ۽
83ص) شاهه صدر رحه ، لڪي شهر کان اٽڪل ٽي ميل پنڌ تي اتر طرف سيوهڻ شريف ڏانهن ويندڙ شاهي رستي (انڊس
هاءِ وي) تي جتان درياهه ڀڳوٽوڙي جبل سان بلڪل لڳولڳ وهي رهيو آهي، ان جبل جي غار ۾ دنيا ومافيها کان الڳ يا
اڪيلو رهي ڪري عبادت ڪئي ۽ چلا ڪٽيا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته قلندر لال شهباز جي ڪشتي به اُن هنڌ جي سامهون
درياهه ۾ اٽڪي بيهي رهي هئي. شاهه صدر رحه جو ميلو يا عرس شريف هر رجب مهيني جي پهرين سومر تي وڏي
شان مانَ ۽ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي، جنهن کي ”شاهه جو سومار“ پڻ چيو ويندو آهي. ميلي جو انتظام درگاهه
ڪميٽي ڪندي آهي، جنهن جو اڳواڻ درگاهه جو سجاده نشين هوندو آهي. هي ميلو رجب مهيني جي پهرين (سُوائو)
سومر کان شروع ٿيندو آهي يا وري سُوائي سومر ڏينهن تي ختم ٿيندو آهي، هن ميلي جي ڏينهنِ جي ترتيب ميلا ڪاميٽي
مقرر ڪندي آهي. شاهه صدر جي ميلي وانگر، هت ورهاڱي کان اڳ چيٽي چنڊ جو ميلو ۽ شِوَ جو ميلو پڻ لڳندو هو،
جيڪِي هاڻ ڪونه ٿين، ورهاڱي سنڌ جي برابري ۽ رواداريءَ جي ريتن ۽ رسمن کي ڄڻ ته ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن
کان اڳ ۾ هتي سدائين هندو ۽ مسلمان بنا ڪنهن فرق جي، بنا ڪنهن مت ڀيد جي هڪ برادري يا هڪ قوم ٿي رهندا آيا
آهن.
سنڌ ۾ لڪياري سيدن جو هڪ وڏو سلسلو آهي جيڪو سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي، جنهن مان وڏا وڏا بزرگ ٿي
گذريا آهن. جن ۾ شهيد سيد محمد بقا شاهه لڪياري جن جي خاندان جو هڪ وڏو سلسلو ”پيرپاڳارا خاندان“
آهي. هن خاندان جا سنڌ جي تاريخِ حريت ۾ روشن باب شامل آهن
سيد ابوبڪر شاهه لڪياري هي ڪامل بزرگ حضرت مخدوم نوح رحه جي پهرين خليفن ما وڏو خليفو ٿي
گذريو آهي جيڪو پڻ شاهه صدر جي خاندان مان هو.
محمد راشد روزي ڌڻي هڪ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي، راشدي خاندان هن بزرگ جي نالي پويان سڏجي ٿو.
هن ئي خاندان منجهان سنڌ جو شهيد سوريهه بادشاهه سيد صبغت الله شاه پير پاڳارا ٿي گذريا آهن جن سنڌ جي
انگريزن کان آزادي خاطر هٿيار بند جدوجهد ڪندي، شهادت حاصل ڪئي.
محمد ياسين جهنڊي وارا هي پڻ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، هن خاندان کي جهنڊي وارا پير ڪري سڏيو ويندو
آهي
شاهه صدر وڏي ڪمال بلند مقام جا عارف هئا سندن زيارت لاءِ خواجه خواجگان چشت خواجه معين الدين
چشتي ۽ سندس مرشد خواجه عثمان هاروني، خواجه فريدالدين گنج شڪر ۽ حضرت خواجه سيد عثمان
مروندي(لال شهباز قلندر) انهن مڙني عارفن هن بزرگ جي زيارت ڪئي ۽ کائنس فيض حاصل ڪيو.
شاهه صدر رحه جي باري ۾ جن اولياءُ اڪرامن ۽ بزرگن پنهنجين ملفوظات ۾ ذڪر ڪيو آهي تن ۾ ” انيس
الارواح- دليل العارفين- اسرارالاوليا ۽ راحت القلوب ۽ نفحات الڪرامات ترجمه مجمع الفيوضات يعني
ملفوظات شريف پير روزي ڌڻي رحه، “ ڪتاب شامل آهن.
لڪي شهر ۽ حضرت شاهه صدررحه ۽ ان جي خاندان بابت جن تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر آيل آهي تن ۾ ” تحفت
الڪرام، سنڌ ڪي قديم تاريخ، قلندر نامون، تذڪره لطيفي، تاريخ لب سنڌ، تاريخ معصومي، تاريخ جنت السنڌ،
تاريخ مظهر شاهجهاني، اهي ڏينهن اهي شينهن ۽ قديم سنڌ وغيره شامل آهن
سيد ميون غازي رحه: هي بزرگ حضرت شاهه صدر رحه جي ئي خاندان منجهان آهي، ”سندس مزار
شاهه صدر جي آستانه عاليه جي اولهه طرف ريلوي جي لائين جي پريئين ڀَرِ پنهنجي خاندان جي ٻين
بزرگن سان گڏ آهي. هي بزرگ سن 11هجريءَ جو آهي، سندس مزار شريف تي سن 1098هجري ڄاڻايل
آهي.“ ( لڪياري. سيد شاهه محمد شاهه.ضياءُ القمرفي حالاتِ شاهه صدر و تعارف خاندان سادات لڪياري. 2016ع.163ص ) سيد ميون
غازي پنهنجي وقت جو ظاهري خواهه معنوي ڪماليت جو صاحب ٿي گذريو آهي، هي لڪعلوي جي سيدن
جو وڏو ۽ سردار هو جمله سنڌ جا سيد سندس صلاح ۽ مرضي کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ کين مئين ۽ خان
جي خطاب سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. جئين شاهه صدر جي اولاد کي ”شاهه پوٽه“ سڏيو ويندو آهي تئين
ميون غازيءَ جي اولاد کي وري ”ميان پوٽه“ چيو ويندو آهي. اڄ به لڪيءَ جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ
سيدن جي، مدفن ٿيڻ جي جاءِ هي لڪي وارو قبرستان ئي آهي- ڪنهن وقت ۾ پير سيد محمد شاهه جيلاني
ناسري وارو (مدفن مٽياري) جن هر جمع مبارڪ جي رات جو مئين غازيءَ جي مزار لڳ آستاني تي ايندا
هئا ۽ اُتي ”مئين فقير جو تِلُ“ جي نالي سان ننگر ورهايو ويندو هو- اهو مشاهدو راقم جو پنهنجو ذاتي طور
ٿيل آهي.
مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ” قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو“ ۾ هن بزرگ لاءِ لکي ٿو ته ”سيد غازي
خان به لڪياري سيدن جو سرڪردو هو ۽ سيد حمزه به انهيءَ کان پوءِ ناليوارو ٿيو. انهن کان سواءِ ٻيو
هڪڙو سيد حيدر شاهه سـن شهر ۾ ڪرامت وارو ٿي گذريو، جو شهيد مخدوم بلاول جي صحبت ۾ رهيو.“
(قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو. 38ص)
خواجه عثمان هاروني عرف خواجه هارون رحه: هي بزرگ هندستان جي مشهور بزرگ خواجه خواجگان
چشت خواجه معين الدين چشتي رحه جو مرشد ۽ استاد رهيو آهي. هن بزرگ ئي خواجه معين الدين چشتيءَ
کي سيوستان جي سفر دوران، پاڻ گڏجي شاهه صدر سان ملاقات ڪئي. خواجه عثمان هاروني شاهه صدر
جي محبت ۽ روحانيت مان ايترو ته فيضياب ٿيو، جو هُو هت لڪيءَ جي جبلن ۾ ئي رهي پيو ۽ عبادت ۽
رياضت ڪندي پنهنجي سڄي عمر گذاري. سندس هت لڪيءَ جي چشمن کان مٿي، جبلن جي هڪ
ٽڪريءَ تي بنا قبي جي مزار آهي. جيڪا ڪن ايامن کان آهي، جنهن کي هتان جا مقامي ماڻهو خواجه
هارون رحه جي مزار چوندا آهن ۽ کيس کي خواجه هارون جي نالي سان سڃاڻن ٿا. ڪتاب شاهه صدر
نمبر مهراڻ جي صفحي نمبر 10. تي لکيل آهي ته”لڪيءَ جي چشمن کا اٽڪل ٽي ميل کن ڏکڻ طرف
هڪ مِٺي پاڻيءَ جو چشمو ۽ چلي جي زيارت گاهه آهي، جا اڃا تائين خواجه هارون جي نالي سان مشهور
آهي. غالبن اهو نالو خواجه عثمان هاروني جي نالي جو يادگار آهي.“
حاجي پير مرد رحه: لڪي شهر هڪ دڙي تي ٺهيل آهي ان جي ڏاکڻي پاسي گهرن جي بلڪل هيٺيان کان
درياه تي ويندڙ رستي تي هڪ ننڍو قبرستان آهي، جنهن ۾ اڪثر ننڍا ٻار(معصوم) دفنايا ويندا آهن. جنهن ۾
بنا قبي جي هڪ بزرگ جي مزار آهي، جنهن کي ”حاجي پير مرد“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
لڪي ريلوي اسٽيشن: 1887ع ۾ انگريزن جي ڪنهن سرڪاري عملدار ڪوٽڙيءَ کان سکر تائين سفر
ڪيو ۽ اتان واپس اچڻ کان پوءِ پنهنجي سرڪار کي سفر جي حالتن کان آگاهي ڏيندي صلاح ڏني ته
ڪوٽڙيءَ کان سيوهڻ، لاڙڪاڻو، شڪارپور وايا سکر تائين ريلوي لائين وڇائي وڃي، ته سرڪار جي
عملداري قائم رکڻ ۾ آساني ٿيندي. ان صلاح تي انگريز سرڪار 1888ع دوران هيءَ ريل پٽڙي وڇائڻ
شروع ڪئي. شاهه صدر رحه جي درگاهه کان هڪ فرلانگ ڏکڻ طرف لڪي ريلوي اسٽيشن آهي جيڪا
انگريزن جي ان دور ۾ ريل پٽڙي وڇائڻ سان گڏ قائم ڪئي وئي هئي. ڪجهه عرصو اڳ پراڻي ريلوي
اسٽيشن جي عمارت کي ڊاهي نئين عمارت (بلڊنگ) ٺاهي وئي هئي پر هاڻ اها بلڊنگ به پراڻي ٿي وئي
آهي. انگريز جي وڃڻ کان پوءِ اسان انگريزن جو ڇڏيل نظام به سنڀالي ڪونه سگهيا آهيون، سو هن وقت
ملڪ جو هر ادارو پستيءَ طرف وڃي رهيو آهي ۽ ريلوي نظام به ان بي ڌيانيءَ جو شڪار ٿيندي تباهه
ٿي چڪو آهي، اهڙي سبب جي ڪري هاڻ هن ريل پٽڙيءَ تان ٽرين(ريل گاڏي) هلڻ بند ٿي وئي آهي. بس
رڳو ٻه گاڏيون جن ۾ هڪ ڪوئٽا ميل ۽ ٻِي خوشحال خٽڪ، ريل گاڏيون هلي رهيون آهي. باقي هتان جي
مقامي ماڻهن لاءِ ڪابه سهولت ڪانه آهي.
ڳوٺ جا قبرستانَ: لڪي هڪ قديم ڳوٺ آهي، ان ڪري هن جو قبرستان به قديم آهي، جيڪو ٻن حصن
تي مشتمل آهي. هڪ حصي کي چانگن وارو قبرستان ٿا چون، جنهن ۾ مڪليءَ جي قبرستان وانگر
چوکنڊي واريون قبرون آهن ۽ پٿر تي بهترين چٽسالي ٿيل آهي. ٻئي حصي کي عدو عباساڻي قبرستان چون
ٿا. هي ان کان به وڌيڪ قديم ترين قبرستان آهي ۽ وڏي ايرياضيءَ تي ڦهليل آهي هن ۾ به ڪجهه
چوکنڊيءَ واريون قبرون آهن. هن قبرستان تي تحقيق جي ضرورت آهي.
ٻــيــــــــــلا: لڪي جي اوڀر ڏکڻ طرف ڳوٺ آباد کان ”گدڙجِي“ ٻيلو هوندوهو جيڪو ڳوٺ آمري وٽ
وڃي ”اڌڙجِي“ ٻيلي سان ملندو هو. درياهه جي هُن پار سنڌ جو وڏو ”ناسري ٻيلو“ هوندو هو. هنن ٻيلن ۾
سنڌ جا سڀ وڻ هوندا هئي جن ۾ گهڻائي ٻٻر، بهڻ، ڪنڊي، ڪامُون وڻ، ڪرڙ، ٻير، لَوا وغيره هوندا هئا.
هي ٻيلا هتان جي ماڻهن جي روزگار جو وسيلوهئا ۽ گڏوگڏ مالوند ماڻهن جي، مال لاءِ چراگاهه پڻ هئا، ان
کان به وڌيڪ گورنمينٽ جي لاءِ به اُپت جو وسيلو هوندا هئا. هاڻي هي ٻيلا ختم ٿي چڪا آهن بلڪ سڄي
سنڌ جا ٻيلا تباهه ڪيا ويا آهن پوءِ اهي ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ئي سهي پر اها حقيقت آهي ته ٻيلا جيڪي ماحول
جي جيوت آهن سي سڀ ختم ڪيا ويا آهن.
لڪي نئين: برسات جي وقت ۾ جبلن تان پاڻي زور سان يڪو يا مسلسل وهڪرو ٺاهي هيٺ وهندو هلي
تنهن کي نئن چئبو آهي. سو لڪي جبلن مان به مِينهنِ جِي مندَ ۾ جبلن تان گڏ ٿيل پاڻي زور سان هڪ
وهڪرو ٺاهي هيٺاهين طرف يڪو وهِي، لڪي شهر جي پاسي کان وڃي درياهه ۾ پوي ٿو، تنهن ڪري
هن کي لڪي نئن چيو وڃي ٿو.
3- لڪـيءَ جا جبل ۽ انهن جي اهميت
کيرٿر جابلو سلسلي ۾ لڪيءَ جي جبلن ۽ انهن ۾ قائم ڪيل لڪن يا لنگهن جي اڄ به ملڪي دفاع جي
لحاظ کان وڏي اهميت رهندي آئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن جبلن ۾ هن وقت پاڪستاني فوج پنهنجا دفاعي اڏا ٺاهي
چڪي آهي. انهن مان هڪ فوجي اڏو آمري ۽ لڪيءَ جي وچ واري حصي جي جبلن ۾ پڻ ٺاهيو ويو آهي. هي جبل هتان
جي عام ماڻهن جي روزگار جو پڻ وسيلو آهن ۽ گورنمينٽ جي لاءِ پڻ ، هتان جو نڪرندڙ پٿر جيڪو تعميراتي ڪم ۾
استعمال ٿئي ٿو، روڊ ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو، هنن جبلن مان معدنيات جهڙوڪر ڳاڙهو لوڻ (سينڌو لوڻ)، چشمي جي گندرف
مليل پاڻيءَ مان گندرف ۽ ٻيا ڪيميڪل وغيره ملن ٿا، ۽ ان کان علاوهٰ هتان طب ۾ استعمال ٿيندڙ جَڙي ٻوٽيون وغيره پڻ
ملن ٿيون. اهو سڄو ڪم يا مزدوري هتان جا مقامي ماڻهو ڪن ٿا. ملڪ جي دفاع جي حوالي سان، جڏهن اسان تاريخ
پڙهون ٿا ته، ڪتاب تاريخي طاهري ۾ لکيل آهي ته ”لڪي ۽ جي ٽڪرين وارو لنگهه انهن ڏينهن ۾ طبعي طور وڏي
اهميت رکندڙ هو، جئين بينگال ۾ ڳڙهي ۽ ڪشمير ۾ بارهه مولا جا لنگهه مشهور هئا. جن به ٻاهرين (ڌارين) سنڌ تي
ڪاهون ڪيون، تن پهريان سيوهڻ ۽ لڪيءَ واري لنگهه/ لڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي هنڌ
سنڌ جو ڪنجيون آهن.“ (تاريخِ طاهري. 379ص)- هندستان ۾ قائم مغلن جي حڪومت ۾، اڪبر بادشاهه پنهنجي گماشتي مرزا
عبدالرحيم خانِ خانان کي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، سيوهڻ تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو، جڏهن خانِ خانان بکر
کان ٿيندو سيوهڻ پهتو ۽ جڏهن سيوهڻ ٽپي هيٺ لڪيءَ واري هنڌ آيو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ” هي
آهي لڪي جبلُ، جنهن کي سنڌ ملڪ جا مدبر ۽ جنگي دورانديش سنڌ ملڪ جو اصل دروازو سڏين ٿا.“ هن وڌيڪ ڏٺو
ته ” سنڌو درياهه وٽان جبل جو اولاهيون پاسو چوٽي ڪڍيو بيٺو آهي ۽ ان جي مٿان، وار کان به سنهي واٽَ، هُن ٻئي
پاسي پئي وڃي، جنهن تان رڳو ڪِوِلين وانگي قطار ٻَڌي ڪڻو ڪڻو ٿي، پَريئين ڀَرِ وڃي سگهجي ٿو.“ هن کي هت اهو
به معلوم ٿيو ته لڪي واري جبل سان گڏ جيڪي ٻيا جبل آهن تن ۾ نومڙيا، جوکيا، جت، بلوچ ۽ ٻين قومن وارا رهن ٿا،
جن جو دنگ ڪيچ مڪران تائين آهي. بيشڪ هي اوکو ۽ اڻانگو لنگهه/ لڪُ هن ملڪ جو ڳجهو دروزو آهي“ ( تاريخ
طاهري. 187-188ص)
انگريزن جي لکيل تاريخي ڪتابن ۾ پڻ چٽيءَ طرح انهن لڪن ۽ لنگهن جو ذڪر ڪيل آهي،”هنن جبلن ۾ اهڙا به لڪ
موجود آهن، جن مان ماڻهو ايندا ويندا آهن، هڪ لڪ ننڍين ٽڪرين منجهان گذري ٿو، جنهن کي ڀڳو ٽوڙهو جبل ڪري
سَڏيو ويندو آهي پر هن رستي سان توبون اچي ڪونه سگهنديون، ٻيو لڪُ سنڌوءَ ۽ جبل جي وچ تي ۽ لڪي جبلن جي
تري ۾ آهي، هي علائقو ٻن ميلن تائين ڏاڍو محفوظ آهي.“ (اليگزينڊر برنس.سنڌوءَ جو سفر. 168ص) هي اشارو ڀڳوٽوڙهو جبل ڏانهن
آهي جيڪو بلڪل دريا سان لڳو لڳ آهي. ”سيوهڻ وٽ لڪي واريون ٽڪريون، سنڌوءَ جي ڪناري ڀرسان اچي ٿيون
لڳن. سندن شروعات ڪراچيءَ جي بندر وٽان ٿئي ٿي ۽ هوريان هوريان سنڌووءَ کي ويجهي پونديون اچن ٿيون ۽ اچي
آخر ڪناري جي صورت وٺن ٿيون.“ هي کير ٿر جبلن جو سلسلو آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي
اولاهين جابلو ديوار ٺاهيندي وڃي جيڪب آباد سان لڳي ٿو. اهو جبل ڀڳي ٽوڙهي جي موڙ وٽ اچي سنڌو درياهه جي
ڪناري سان لڳي ٿو. اليگزينڊر پنهنجي سنڌوءَ جي سفر ۾ اڳتي لکي ٿو ته ” منهنجي خيال موجب هنن جبلن جي قطار جِي
وڌ ۾وڌ اوچائي 2000 فٽ مس ٿيندي، سندس ساخت چن جي آهي. مٿيون چوٽيون گول ۽ تراکڙيون آهن ۽ ڪاٿي به
مخروطي شڪل تي ڏسڻ ۾ ڪونه آيون، مٿن ڪابه اوڀڙ نظر نه ايندي، سڀني ۾ پاڻيءَ جي گٺن جا نشان آهن، جيڪي
سنڌوءَ ڏانهن هيٺ وهندي نظر ايندا.“ ( اليگزينڊر برنس.سنڌوءَ جو سفر 170ص)
4- لڪيءَ جا چشمان
سيوهڻ ڀرسان لڪي ڳوٺ وٽ گرم پاڻيءَ جو چشمو آهي، جيڪو انهن جبلن جي تري مان ڦٽي نڪري
ٿو ۽ اهڙي قسم جي ٿڌي چشمي جي پاڻيءَ سان ملي وڃي ٿو. گرم چشمي وٽ هندن جو تيرٿ گاهه
آهي ۽ هن جي پاڻيءَ کي چمڙي جي بيمارين لاءِ اڪسير سمجهيو ويندو آهي.( اليگزينڊر برنس.سنڌوءَ جو سفر.
170ص).
لڪي جي چشمن جو پاڻي اڪسير آهي. کل جي بيماريءَ جا مريض شفاياب ٿيو وڃن، چيو وڃي ٿو ته
منگهي ۽ لاکي پير جي گرم چشمن جهڙي خاصيت هنن چشمن ۾ به آهي.(مدد علي شاهه لڪياري. شاهه صدر نمبر
مهراڻ. 45ص). چشمن ڏي ويندڙ چاڙهي(ڏاڪڻ) کان پهرين هيٺ تري واري ٽڪري يا مٿاهين حصي تي
هندن جا ٽڪاڻا، ديوي جر مندر ۽ ڌرمشالا هن وقت ڦٽل ۽ ڊٺل حالت ۾ موجود آهن.
لڪي شاهه صدر شهر کان اٽڪل ٻه ميل / هڪ ڪوهه لڪي جبلن جي پاڙ ۾ ڪوسي پاڻيءَ جا چشما
يا لڪي ڌارا آهن. جن جي طبي تاثير ڪري چمڙي جي بيمارين وارا مريض ڇڪجي ايندا آهن. اهي
ڪوسي پاڻيءَ جا چشما گندرف جي پاڻي جا گرم چشما آهن، جيڪي جبل جي پاڙ مان ڦٽي نڪريو
ڪجهه فاصلو طئي ڪري هندن جي مندر ۽ ڌرمشالا کان گذرندي هيٺ زيرِ زمين ۾ غرق ٿيو وڃن.
هت هڪ ٻئي جي ويجهو اهڙا ٻه چشما آهن. ٽيون ٿڌي پاڻيءَ جو چشمو به هو جيڪو هاڻ سنڀال نه
هئڻ جي ڪري لٽجِي بند ٿي ويو آهي.هي اتر طرف ننڍو پر ٿڌو (گهٽ گرم) پاڻيءَ واري چشمو جو
14 فٽ ويڪر، 20 فٽ ڊيگهه ماپ ۾ آهي ۽ ٻيا ٻه لاڳيتا چَشما وڌيڪ گرم پاڻيءَ وارا آهن جيڪي
30 فٽ ويڪر ۽ 40 فٽ ڊيگهه يا پکيڙ ۾ آهن. اهي ٻئي چشما حوض يا تلائَن جي شڪل ۾ آهن. زمين
مان ڦٽي نڪرندڙ پاڻي ءَ ۾ جابلو زمين جي معدنيات جا جُزا ۽ خاص طور گندرف جا جزا وڌيڪ
شامل آهن، زمين مان نڪرندڙ پاڻي انهن تلائن ۾ گڏ ٿئي ٿو، جنهن ۾ چمڙيءَ جي بيمارين وارا ماڻهو يا
خارش جي مرض وارا ماڻهو منجهن اچي وهنجن ٿا ۽ فائدو وٺن ٿا. اهي چشما هيٺائين زمين جي سطح
کان اٽڪل 60 فٽ مٿاهين جبل تي آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته هنن جبلن ۾ وڏي قيمتي ڌاتو ۽ ڪي ٻيا
اهڙا ڪيميڪل موجود آهن جن مان ڪئي دوائون وغيره ٺاهي سگهجن ٿيون ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته
انهن لڪيءَ جي جبلن ۾ ڪي اهڙا به ڪيميڪل آهن جن مان ملڪ جي دفاع لاءِ بارود وغيره پڻ
جوڙي سگهجي ٿو.
چشمن ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪي سرڪار طرفان مسافر خاني طور جايون پڻ جوڙايل آهن، انهن
جاين سان لڳو لڳ جبل جي پاڙ ۾ هڪ غار آهي، جنهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته ” اهو غار خواجه
هارون جي چله گاهه آهي جنهن اندر هي بزرگ ويهي عبادت ڪندو هو.“ انهن مسافر خانن جي اتر
طرف هڪ ننڍي اُڀي ٽڪريءَ تي هڪ ننڍي سادي پر نهايت خوبصورت مسجد ٺهيل آهي، جيڪا
1940ع ڌاري سائين جي ايم سيد ۽ لڪيءَ جي سيدن گڏجي ٺهرائي هئي جنهن کي انڊس هاءِ وي کان
پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
هي چشما کَلَ جي بيمارين لاءِ اڪسير جو تاثير رکن ٿا، سنڌ جي جبلن ۾ اهڙا ٻيا به چشما آهن، انهن
کي اجايا ۽ فضول نه سمجهيا وڃن، انهن ۾ وڏي قدرتي حڪمت رکيل آهي. جيڪڏهن اهي ڪنهن
سڌريل ملڪ ۾ هجن ها ته اتي ڪئي سهولتون وغيره هجن ها ۽ انهن چشمن جي پاڻيءَ مان پڻ
سرڪاري سطح تي فائدو پيو وٺجي ها. پر اسان اڻ ڄاڻ ڀورڙا سنڌي پنهنجي زرخيز متاع کان هن
سائنسي دوءر ۾ به غافل رهيا پيا آهيون ۽ اڃا الائي ڪيستائين انهيءَ غفلت ۾ رهنداسين.
5- لڪيءَ وٽان گذرندڙ شاهي رستا
لڪيءَ سان گڏو گڏ هڪ شاهي رستو گذري ٿو جنهن کي هن وقت انڊس هاءِ وي چيو ويندو آهي، هي ڪراچيءَ
جي سپر هاءِ وي سان ڄامشوري وٽ ملي ٿو. هي مانجهند، سن ۽ لڪيءَ وٽان ٿيندو، سرائڪي پٽي ملتان کان
ٿيندو دهلي ۽ پشاور سان ملي ٿو ۽ ٻئي طرف هي ڪوئيٽا بلوچستان سان به وڃي ملي ٿو، هن کي ڪنهن زماني
۾ شير شاهه سوريءَ جو رستو چوندا هئا ڇو ته ان وقت هي ڪراچي، ٺٽو، ڪوٽڙي کان ٿيندو اچي هن شاهي
رستي سان ملندو هو. ان ڦٽل رستي جا نشان اڃا به ڪٿي ڪٿي نظر ايندا آهن.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، سنڌ جي شاهي رستن بابت پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جي هنڌن جي تاريخ“ جلد ٻيو ۾ لکي
ٿو ته؛ ” ڪراچي جي ٺٽي ناڪي وٽان هڪ شاهي رستو ٺٽي وڃي ٿو، جتان پوءِ جهرڪن، ڪوٽڙي، مانجهند ۽
لڪيءَ کان سيوهڻ وڃي ٿو، ڪراچيءَ جي سيوهڻ ناڪي وٽان ٻيو شاهي رستو آهي، اڄ ڪلهه موٽرون، بسون
انهيءَ رستي کا ملير، ڳوٺ گهاري تعلقي ميرپورساڪري ۽ ٺٽي ڏي وڃن ٿيون، پر هي جهونو رستو پوءِ ڪوٽڙِ
ڊويزن جي ٿاڻي بولاخان کان ڪوهه کن پريان، لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي وچ واريءَ ماٿر مان، سيوهڻ ڏي وڃي
ٿو، هي ٻئي رستا سيوهڻ ۾ وڃي گڏجن ٿا. (آڏواڻي.سنڌ جي هنڌن جي تاريخ:جلد ٻيو. 137ص)
لڪي جبل جي تري ما هڪ پيچرو آهي ، جيڪو ڪراچي تائين هليو وڃي ٿو.(اليگزنڊر برنس.169ص)
6- لڪيءَ وٽ لڳل جنگيون
مرزا جاني بيگ لاءِ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هو ترخان گهراڻي جي سڀني حاڪمن مان چڱو، سلڇڻو،
سمجهدار ۽ بهادر حاڪم هو. هن جي ماءُ سنڌياڻي هئي ۽ سندس گهر ۾ به سنڌي عورت هئي. مغلن جي حملي
وقت جاني بيگ 35 هزار لشڪر وٺي خانِ خانان(عبدالرحيم) جي سامهون ٿيو، هن لشڪر ۾ 20 هزار ارغون
۽ ترخان ۽ 15هزار سنڌي جوان شامل هئا. مغلن ۽ جاني بيگ جو مقابلو پورو هڪ سال هلندو رهيو، جنهن ۾
آخري ۽ فيصلي ڪُنُ جنگ لڪيءَ وٽ لڳي، جنهن ۾ ٻه هزار سنڌي، مغلن جي 5هزار فوج جي سامهون ٿي
بيٺا ۽ جنگ لڳي. انهيءَ جنگ ۾ جاني بيگ کي شڪست آئي ۽ هوڏانهن مغلن جا ٻه وڏا نامور جرنيل لڪيءَ
جي انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويا، جن ۾ اڪبر بادشاهه جي مشهور رتن راجا توڏرمل جو پٽ ڍارومل به شامل هو
.( آريسر.سر ۾ سانجهيءَ وير. 75ص)
سنه 998هجري (1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪم سان نواب خان خانان سنڌ تي لشڪر وٺي آيو ۽ مرزا
جاني بيگ سان لڪيءَ وٽ لڙائي ڪيائين، جنهن ۾ جاني بيگ شڪست کائي ڀڄي ويو. ( قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽
ماڻهو.373ص)
7- لڪيءَ جي آس پاس ۾ ڪوٽ، قلعا، تاريخي آثار ۽ ڳوٺ
تاريخ طاهري ۾ آيل آهي ته اڪبر بادشاهه جي درٻار مان سعيد خان جي اوچتي اچڻ سان مرزا غازي بيگ پنهنجي اميرن
سان صلاح مشورو ڪندي چيو ته ” منهنجو ارادو آهي، ته لڪيءَ واري جبل تي ڪو مضبوط قلعو تيار ڪرائي، اتان
جنگ جي شروعات ڪرڻ ۾اچي! پر سڄو دارو مدار خزاني تي آهي.“(تاريخ طاهري:246ص)
<> آمري: سنڌو درياهه جي اولهه واري ڪناري تي، موهن جي دڙي کان 85 ميل ڏکڻ ۾، ۽ چانهيون جي دڙي کان 25
ميل اولهه ۾، ڳوٺ آمري جي بلڪل ڀرسان ٻه دڙا لڌا آهن. هتي مجمدار ٻه خندقون کوٽيون هيون انهن ۾ پٿر جي ڪن ڀتين
۽ ڪجهه ڪمرن جا آثار موجود هئا. هتي ٻن تهذيبن جا نشان مليا آهن. مٿانهين تَههَ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي دور
جون باقيات موجود آهن ۽ ان کان هيٺين تَههَ ۾ بلوچستان ۾ لڌل قديم ڏيهي ثقافت جا آثار ڏٺا ويا آهن.(سنڌو ماٿر جي سڀيتا. 55ص)
<> بزڻ جو قلعو ۽ غار: لڪي شاصدر جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ آباد آهي ۽ ان جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ ۾ جبل جي هڪ اُڀي
ٽَڪر مٿان هڪ قديمي غار آهي، جنهن کي بزڻ جو غار چئجي ٿو، ان جي پاسي ۾ هڪ قلعي جا پڻ آثار آهن جنهن کي
بزڻ جو قلعو چيو وڃي ٿو.
<>ڳوٺ آباد: منهنجو پيدائشي ڳوٺ آهي: هي ڳوٺ، تپو لڪي ۽ ديهه آباد ۾، سنڌو درياهه جي بلڪل ڪنڌيءَ تي هڪ
ننڍڙو ڳوٺ نالي ”آباد“ آهي. جنهن ۾ وڏيو شخصيتون پيدا ٿيون، جن ۾ سنڌ جو ڏاهو، دانشور۽ مفڪر ”سائين محمد
ابراهيم جويو“ جو نالو سرِفهرست آهي. مون کي فخر آهي ته هي منهنجو پنهنجو عزيز، هڏ ۽ رت آهي. ڳوٺ آباد ۾ اسان
جوين جا ڪجهه گهر هوندا هئا ۽ آس پاس جي ڳوٺن برادرين کان اسان جي برادريءَ جا ماڻهو وڌيڪ پڙهيل هوندا هئا.
سائين محمد ابراهيم جويو جي ڏاڏي آخوند محبوب علي جويي جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم
جن سين“ ۾ ڪيو آهي. ان کان علاوهٰ اسان جي برادريءَ ۾ ٽيڪنيڪل ڪم جا ماهر به هئا جيئن نانو بادل جويو ۽ نانو
محمد دائود جويو واڍڪي ڪم ۽ رازڪي ڪم جو جا وڏا ڪاريگر هئا، تر ۾ سندن وڏو نالو هو ۽ استاد جي نالي سان
مشهور هئا. ان ڪري اسان جو ڳوٺ، لڪيءَ کان پوءِ وڌيڪ ناليوارو رهيو آهي. پر جئين ته هي ڳوٺ سنڌو درياهه
لڳ هوندو هو تنهن ڪري هر سال درياهه جي چاڙهه ۽ ٻوڏ جي ڪري وڌيڪ نقصان سَهڻو پوندو هئو ۽ آس پاس جا
ڳوٺ به پريشان حالت ۾ رهندا هئا. ان سبب جي ڪري هي آهستي آهستي ويو گهٽبو آخر 1973ع جي وڏي ٻوڏ کان پوءِ
هي ڳوٺ بلڪل ختم ٿي ويو. منهنجا بزرگ ٻڌائين ٿا ته هي اسان جو ڳوٺ درياهه ٽي ڀيرا پائي ويو ۽ وري وري آباد
ٿيوهو پر هيءَ وڏي ٻوڏ اسان جو سڀ ڪجهه لوڙهي وئي. بس هاڻي اُهو آباد زرعي ٻنيون ۽ مال جو چراگاهه بچيو آهي.
هن وقت به ڪجهه ماڻهن جا گهر آهن جيڪي اتان جون زمينون آباد ڪن ٿا يا چوپايو مال وغيره ڌارِينِ ۽ انهن جو
چراگاهه به اتي ئي آهي سو پاڻ به اتي ئي رهن ٿا.
هَئي ڙي هي! ڇا ته درياهه وهندو هو، بس درياهه جو گوڙ ۽ ڀير ڪِرڻَ جو ڪڙڪو ڳوٺ ۾ پيو ٻڌبو هو. منهنجي نانِي
۽ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي ماءُ ”ڪامل ٻائي“ ان بي داديِئي درياهه جو کاڄ بنجي وئي ۽ ان کي منهنجي
امان جيجل ”سمِي يا سمل ٻائي“ ساريو پئي روئندي هئي ۽ هنجون هاريندي هئي. منهنجو مامو محمد ابراهيم جويو جڏهن
به ڳوٺ ايندو هو ته درياهه تي ضرورو ويندو هو ۽ اتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو هوندو هو. درياهه اسان جي ڳوٺ
سان ويل وهائي ڇڏيا. پر افسوس! هاڻ ڪجهه به نه رهيو آهي. درياهه به ساڳيو نه رهيو آهي.
<>منهنجي ڳوٺ جون ڪجهه ريتون ۽ ڪجهه رسمون:
ڳوٺن جا پنهنجا ماحول هوندا آهن، جن ۾ رهندڙ سڀ ذاتين ۽ قبيلن جا ماڻهو پاڻ ۾ مِٽَ ۽ مائٽن وانگر رهندا آهن. اتي ڏک
۽ سک به گڏيل هوندا آهن، پرڻا مرڻا سڀ پنهنجا ئي سمجهيا ويندا آهن. ڳوٺ جا هڪڙا اڻلکيل قانون، قائدا ۽ معاهدا هوندا
آهن، جن کي اسان ريتون رسمون چوندا آهيون، جن مان ڪجهه پنهنجي اثر ۾ سٺيون ۽ مددگار هونديون آهن. انهن مان
ڪجهه رسمن جو هيٺ بيان ڪجي ٿو.
آهتُ يا اَهتُ: هيءَ رسم يا رواج ڳوٺن ۾ ڪن جُڳن کان هلندو ٿواچي پر هاڻي ڪافي گهٽ ٿي چڪو آهي، ڪن ڳوٺن ۾
ته ختم به ٿي چڪو آهي. ڳوٺن ۾ مختلف ڌنڌن وارا ماڻهو رهندڙ هوندا آهن، جن ۾ ڪنڀر، حجم، موچي، واڍا، مڱڻهار ۽
ملاح وغيره اهي ڌنڌن واريون ذاتيون پنهنجون خدمتون يا پنهنجو پورهيو ٻين عام۽ خاص ماڻهن لاءِ مفت ڪندا آهن،
ڇاڪاڻ ته هڪ اڻلکيل معاهدي/ قانونَ يا قائدي موجب، ڳوٺاڻن جي فصل لهڻ تي هُو هُنن کي جن ۾ ڪنڀر، موچي، واڍو،
حجم، ملاح وغيره کي پنهنجي فصل جِي اپت مان ڪجهه حصو ضرور ڏيندا آهن، تنهن کي آهت يا اهت چئبو آهي.
پاهتُ يا پَهَتُ: هيءَ رسم يا رواج پڻ ڳوٺن ۾ ڪن جڳن کان هلندو ٿو اچي پر هاڻي اهو به ختم ٿي چڪو آهي. ڳوٺن ۾
مختلف برادرين جا ماڻهو رهندڙ هوندا آهن. سو هت ڪنهن به برادريءَ ۾ فوتگي ٿي وڃي ته ڳوٺ جي هر گهر جو وڏو
فرد وڃي اُن فوت ٿي ويل ماڻهوءَ جي گهر وارن سان همدردي ڪندو ۽ انهن جي مدد خاطر ڪجهه پيسا به لازمي ڏيندو
ان کي پاهت يا پهت چئبو آهي.
مَنَهَه موکَ، پُئو يا ڇَنو: هيءِ رسم ۽ رواج، اڄ به ڳوٺن توڙي شهرن ۾ هلندي ٿي اچي. شاديءَ جي دعوت هجي توڙي
طهر جي رسم جِي دعوت هجي، ان دعوت کائڻ کان پوءِ ماڻهو ڪجهه رقم انهن کي طحفي طور يا مدد طور ڏيندو آهي
ان کي مَنَهَه موکَ، پُئو يا ڇَنو چئبو آهي.
8.لڪي شهر جون ناليوارين شخصيتن جو مختصر احوال:
محمد ابراهيم جويو: سائين لڪي شهر سان لڳ ڳوٺ آباد ۾ جنم ورتو، پرائيمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ آباد
مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڪجهه درجا لڪيءَ جي اسڪول ۾ پڙهيا، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو هڪ
ناليوارو اديب ۽ دانشور آهي سندس ڪئي ڪتاب لکيل ۽ ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ سنڌ بچايو ۽ ننڍو کنڊ بچايو،
شاهه سچل ۽ سامي وغيره ترجمن ۾ ايملي ۽ ايجيوڪيشن، گيليلو، فرينچ اقلاب وغيره مشهور آهن ۽ ان کان
علاوهٰ سندس زندگيءَ تي پڻ مختلف اديبن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب ۽ مضمون لکيا آهن. هن وقت هي
حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. سندس اولاد مان وڏي ڌي مرحوم نيلوفر جويو سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ٿي
گذري آهي ۽ هن وقت سائين جويي صاحب جو ڏهٽو ۽ ڀيڻ نيلوفر جويو جو پٽ محسن علي جويو پڻ ليکڪ
آهي.
آخوند محمود جويو: هي محنتي، هوشيار، خوددار ۽ خوش پوشاڪ استاد ٿي گذريو آهي، هي سن اسڪول ۾
سائين محمد ابراهيم جويي جو هم ڪلاسي به رهيو آهي. هن جي هڪ ڳالهه مشهور آهي ته ورهاڱي وقت سنڌي
هندن پنهنجي جاين جون چاٻيون هن کي ڏئي چيو ته ” سائين هي جايون هاڻ اوهان جي ملڪيت آهن ۽ اسان
توهان کي اهڙو دستاويز لکت ۾ پڻ ڏئي ٿا وڃون.“ هن موٽ ۾ کين کي چيو ته ” نه ! هي توهان جي ملڪيت
آهي ۽ توهان جي رهندي، باقي مان پنهنجو گهر پنهنجي محنت سان جوڙائيندس، پر ٻئي ڪنهنجي ملڪيت جي
آسري نه رهندس“ ۽ هن اِهو ڪري ڏيکاريو، لڪي شهر ۾ پنهنجو پڪ سِرو گهر ٺاهيو.
محترمه مهرالنساءِ جويو: هن منهنجي ڀيڻ جو مڪمل نالو غلام سڪينه جويو آهي جڏهن ته سندس ادبي نالو
مهرالنساءِ جويو آهي. هن جو جنم ”ڳوٺ آباد“ ۾ ٿيو ۽ سنڌ جي دانشور محمد ابراهيم جويي جي گهر ۾ هن جو
ننڍپڻ گذريو، ڇو ته هيءَ سندس ڀاڻيجي هئي يعني ته جويي صاحب جي ڀيڻ امان سمل يا سميءَ جي ڌي هئي.
اسان جي برادريءَ کي ڄڻ ته پنهنجي ڌرتيءَ جي علم، ادب ثقافت، ٻولي، تاريخ ۽ سنڌ وطن سان پيار ورثي ۾
مليو آهي. سو هيءَ عبرت اخبار جي سرتيون ايڊيشن جي مسلسل لکندڙ رهي آهي. ان کان علاوهٰ ٻين رسالن ۾
پڻ لکيو اٿس، هن جي لکڻ جا موضوع عورت، ٻار ۽ اخلاقيات رهي آهي ٿوري گهڻي شاعري به ڪئي اٿس.
سندس اولاد ۾ چار نياڻيون ۽ ٻه پٽ جنهن ۾ وڏو پٽ امر علي جويو پنهنجو ادارو ”اميجين ٽيڪنالائجي“ نالي
حيدرآباد هلائي رهيو آهي.
علي حسن ملاح: استاد علي حسن ملاح، ڳوٺ آباد جي لڳ نوداڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، هن وقت هي ڄامشوري
جي ڪنهن اسڪول ۾ استاد طور پنهنجا فرض پورا ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ سنڌي اديب، شاعر ڪالم
نگار،خطاط، ٻولي شناس ۽ ڪمپيوٽر انجنيئر طور سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪمن ۾ وڏو ڪارنامو
سنڌي پرائيمري ٽيڪسٽ بڪ جا ايپ ٺاهي انڊورائيڊ موبائيل فون تي آن لائين ڪيل آهن، ۽ پاڻ انڊسليڪان نالي
سافٽ وئير هائوس جو باني ۽ ڊارئيڪٽر به آهي
ملو عبدالحڪيم لُنڊ بلوچ: هي اسان جي لڪيءَ واري گهر جي بلڪل گڏوگڏ پاڙي ۾ رهندا هئا، سندس وڏو پٽ
سيٺ حاجي عبدالستار لڪيءَ جي بازار ۾ دڪان هلائيندو هو. هي ان دڪان تي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به اچي
ويهندو هو، اسان ٻار کيس نانو ملو حڪيم هَٽَ وارو ڪري سڏيندا هئا سين. هن جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن
کي گهڻيون ٻوليون اينديون هيون جن ۾ انگريزي، بلوچي، براهوي، اردو، سرائيڪي، پشتو ۽ پنجاپي وغيره اسان
جڏهن به سندس هٽ تي شيءِ وٺڻ لاءِ ويندا هئا سين ته هُو اسان سان ڪڏهن انگريزيءَ ۾ ته ڪڏهن سرائيڪيءَ
۾ ته ڪڏهن وري اردوءَ ۾ پيو ڳالهائيدو هو ۽ ڀوڳ ڪندو هو. اڇي سونهاري، مٿي تي پَٽِڪو ۽ ڪلهن تي
اجرڪ يا ڪو انگوڇو نانو حڪيم لُنڊ نهايت قرب ۽ عزت ڏيندڙ شخصيت هو. سندس ٻيو پٽ سائين نور محمد
لُنڊ ماستريءَ جي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو آهي.
حڪيم نور محمد ٻرڙو عرف عرس ٻرڙو: هي سنڌ جي ناليوارن حڪيمن مان هڪ وڏو حڪيم ٿي گذريو آهي
هن جو پنهنجو حڪمت تي هڪ ڪتاب ”آفتابِ طب“ نالي لکيل آهي. هي پڙهيو لکيو حڪيم هو پر افسوس جو
هن کي اُها اهميت ڪانه ملي نه ته هوندَ هي طب جي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍي ها.
حڪيم ملو حبيب الله قريشي: لڪي ءَ جا قريشي خانداني طور ملا ۽ حڪيم رهيا آهن، هي وڏي عمر جو
بزرگ هو هن کي پاڙي جا سڀ ٻار ڏاڏو حبيب الله ڪري سڏيندا هئا. هي پنهنجي وقت جو وڏو ۽ ناليوارو
حڪيم ٿي گذريو آهي.
محمد ادريس ”صاحب“ جويو: هن جي شخصيت نهايت رعبدار ۽ پروقار هئي، تعليم کاتي ۾ سپروائيزر جي
حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ پنهنجي دور جو وڏو قابل ۽ هوشيار تعليم ماهر ٿي گذريو آهي.
محمد يوسف جويو
(1) لڪيءَ جي پهاڙن ۾ (نظم)
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
جبل جي پاڙن ۾
ڦٽي نڪرندڙ پاڻي
هيٺ ڌارا ڪري وهي ٿو
جو ڦٽ ڦرڙين لاءِ اڪسير آ
ماڻهن جي تقديرآ
ڇوٽڪاري جي ڪا تدبير آ
هت ”شِو مندر“*1
هت ”تيرٿ بندر“*2
هت سهڻو ” شاهه صدر“*3
هي ڌرتي آ پاڪ پوتر
هن جبل ۾
ڪي راز آهن،
ڇپيل ڪي ساز آهن.
هن جبل چوٽيءَ تي
ڪي مڙس مٿير هئا
جن چوٽون کاڌيون
۽ سينو ساهي
ڌرتيءَ کي موٽ ڏني
غارن مان نڪري
وڏا وار ڪيا
۽ وارن مٿان وار ڪيا
جو اڻ موٽ هئا!!
پر!
تاريخ ۾ ڪي خار به ٿيا
پنهنجن مٿان مار ٿيا
پر هي به مڙس مٿير هئا
۽ رَکِي هئي جنگ جاري
هنن وڙهندي ڇپندي
ڇپندي وڙهندي
جبلن جي مٿان ڪي داستان لکيا
۽ پنهنجا ڪي آستان ڇڏيا
”بزڻ جا غار“*4
۽ ڪي ڪوٽ قلعا*5 ڇڏيا
ميدان ۽ سنڌو ڪنارا ڇڏيا
لڪيءَ جي لڪن ۾
اڻ مٽ نشان ڇڏيا
جبل جي پاڙن ۾
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
----------------------------
*1 جبل ۾ وهندڙ چشمي يا ڌارڻ ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ ننڍو شِو مندر ٺهيل آهي، جيڪو هاڻ اجڙيل آهي.
*2 لڪي ڳوٺ جيڪو ان وقت هڪ ننڍو شهر هوندو هئو سو ان کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي وهندڙ سنڌو دريا
تي هڪ پتڻ ٻيڙين جو بندر هو، جيڪو ماڻهن کي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچائڻ جو ڪم ڏيندو هئو.
*3 لڪياري سيدن جو وڏو بزرگ هستي شاهه صدر جي درگاهه آهي. جنهن جي پٺيان هي سيد لڪياري سڏجن ٿا.
*4 لڪي کان ڏکڻ طرف چار يا پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جبل جي بلڪل پاڙن ۾ ڪجهه غار آهن، جن ۾ هڪ
کي بزڻ جو غار ڪري سڏجي ٿو، تاريخ ۾ آيل آهي ته هتان سنڌ دشمن ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين ڦورو لٽيرن، جي قافلن
تي، ڏيهي گوريلا ڇاپا مار جنگ جي وسيلي، اُنهن جِي ٺٽي کا سيوهڻ طرف، اچڻ وڃڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي حملا ڪندا
هئا. ۽ پوءِ وري انهن غارن ۾ اُهي سنڌي گوريلا لِڪِي رهندا هئا يا پناهه وٺندا هئا.
*5 چيو وڃي ٿو ته هت لڪي شهر جي آس پاس ڪو ڪنهن وقت، چوڪيءَ خاطر هڪ ننڍو قلعو جوڙيل هوندو هو،
رني ڪوٽ پڻ ان جو سلسلو ئي آهي.
حوالا:
1. بدر ابڙو: ڪوهستان جو سير. ڪراچي.ثقافت ۽ سياحت کاتو. 2009ع. 328ص
2. اليگزنڊر برنس: سنڌوءَ جو سفر 1831ع: سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو. ڪراچي. سنڌيڪا ايڪڊمي. 1994ع.
168ص-170ص
3. بلوچ،ڊاڪٽر نبي بخش:شاهه صدر نمبر:مهراڻ.مرتب، قلندر شاهه. ڄامشورو.04ص
4. لڪياري، مدد علي شاهه:شاهه صدر نمبر:مهراڻ.مرتب،قلندر شاهه. ڄامشور.42 ۽ 45ص
5. لڪياري، سيد شاهه محمد شاهه. ضياءُ القمر في حالات شاهه صدر. ڄامشورو. شاهه صدر اڪيڊمي.2016ع 46-
49ص
6. لڪياري، سيد شاهه محمد شاهه. ضياءُ القمر في حالات شاهه صدر. ڄامشورو. شاهه صدر اڪيڊمي.2016ع
7. 83-89 ص
8. لڪياري، سيد شاهه محمد شاهه. ضياءُ القمر في حالات شاهه صدر. ڄامشورو. شاهه صدر اڪيڊمي.2016ع
163ص
9. بيگ، مرزا قليچ. قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ۾ماڻهو. ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ 1990ع. 38ص
10. تاريخ طاهري. 379ص
11. تاريخ طاهري. 246ص-
12. تاريخ طاهري. 387-383ص-
13. تاريخ طاهري. 373ص
14. اليگزنڊر برنس: سنڌوءَ جو سفر 1831ع: سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو. ڪراچي. سنڌيڪا ايڪڊمي. 1994ع. -
163-168ص-
15. اليگزنڊر برنس: سنڌوءَ جو سفر 1831ع: سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو. ڪراچي. سنڌيڪا ايڪڊمي. 1994ع.
170ص
16. لڪياري، مدد علي شاهه:شاهه صدر نمبر:مهراڻ.مرتب، قلندر شاهه. ڄامشورو 45ص
17. آڏواڻي،ڀيرومل مهر چند.سنڌ جي هنڌن جي تاريخ:جلد ٻيو. حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن.2003ع.137ص
18. صديقي،محمد ادريس. سنڌو ماٿر جي سڀيتا؛ مترجم شمس سرڪي. حيدرآباد. سنڌي ادبي بورڊ. 1979ع.55ص
19. آريسر، عبدالواحد.سر ۾ سانجهيءَ وير. حيدرآباد. رني ڪوٽ پبليڪيشن.1988ع. 75ص
20. بيگ، مرزا قليچ. قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ۾ماڻهو. ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ 1990ع. 38ص
21. وِڪِيپيڊيا
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں