ڪهاڻي: 4
”ادا! هي سم نالي جي پاسي ۾ پٺاڻ کي ڇو ويهاريو اٿئي.“ مون لکاني کان اعتراض جي لهجي ۾ سوال ڪيو.
هن جواب ڏيندي چيو ته ”يار مسلمان ڀاءُ آهي، ويچارو گڏهه گاڏي تي ٿو ڀاڄي کپائي، رهڻ لاءِ گهر ڪونه هوس! سو مسجد ۾ نماز پڙهندي منٿ ڪيائين، مون به کڻي اجازت ڏني. ڀائو! خدا به الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي.“
جواب ۾ مون چيومانس”ادا پنهنجي رهبر لطيف چيو آهي ته ’ڌُريائين ڌاريان، مِٽَ مُئِيءَ جا نه ٿيا‘.“
لکاني کلندي چيو”برابر تون صحيح چئين ٿو! پر يار اسان مسلمانن تي پوري دنيا ۾ مارامارِي لڳي پئي آهي ۽ هنن جي ملڪ ۾ ته ٻيلي بَمَ پيا وسن؛ ڄڻ سڄي دنيا ۾ دهشتگرد هي مسلمان ئِي آهن.“
هن جي اها ڳالهه ٻڌي، منهنجو وات پٽجي ويو ۽ چپ ٿي ويس.
لکانو منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي. هي محنتي، نيڪ ۽ شريف ماڻهو هجڻ جي ڪري گذريل ٻن ٽن اليڪشنن ۾ پنهنجي يوسيءَ جو چئرمين چونڊجندو آيو آهي. سو سندس پاڙي ۾، سندس ئِي چوڻ سان اُٿي ويٺي ٿئي ٿي.اِها منهنجي هنسان پنج سال کن اڳ ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. سالن کان پوءِ مان جڏهن اڄ لکاني سان ملڻ آيس ته ڦرقوئِي ڦِريل ڏٺم- سم نالي جي پاسي کان اٺ ڏهه پٺاڻن جا پڪ سِرا گهر ٺهيل هئا، ۽لکاني جي گهر جي پاسي ۾ هڪ وڏي هوٽل ٺهيل ڏٺم، جنهن جي دخل تي اهو ساڳيو پٺاڻ ٽوپي پايو ڪرسيءَ تي سيٺ ٿيو ويٺو آهي ۽ بلڪل ڪرسيءَ جي پويان ڀت تي لڳل تختيءَ تي لکيل آهي ”طوطي خان پٺاڻ، يوسي چئرمين“ . ها! هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي اهو مون سڀ ڪجهه ڏسي ورتو ۽ مان هَڪو ٻَڪو ٿي اُتي ئي بيهي رهيس!!!؟ ته ايتري ۾ ڪنهن پٺيان اچي ڪُلهي تي هٿ رکيو- ڪنڌ ڦيري ڏٺم ته مون وارو دوست لکانو! ميرا ڪپڙا ۽ ڏاڙهي وڌيل ڀاڪر پائي مليو. مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ آلاڻ هُئي، ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته ”ادا لطيف سائينءَ سچ چيو آهي ’ڌُريائين ڌاريان، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا‘- منهنجو وات بند ٿي ويو ۽ چپ ٿي ويس.-
ڪهاڻي: 5
”تو سڄي عمر سياست ڪئي، پيسو ته ڪمايئِي ڪون؛ پر ڪو ڍنگ سان نالو ته ڪمائين ها! اهو چاچي جي ٻنيءَ جو ٽڪر نه هجي ها ته اصل بک مارون ها بک!“ ڳوٺاڻي لهجي ۾ ڀاڳل پنهنجي مڙس وريام کي مخاطب ٿيندي چيو، جيڪو پورهيت پارٽيءَ جو اڳواڻ هو.
”اهو وري ڪيئن؟“ وريام کلندي سواليائي انداز ۾ پڇيو.
” منهنجي پٽ ڊاڪٽر سليم ماشاءُالله وڏو نالو ڪمايو آهي. اڄ جي اخبار ۾ ڦوٽوءَ سان گڏ هن جو ليک آيو آهي، اچي هِي وٺُ پڙهي ٻڌاءِ!“ ڀاڳل پنهنجي پٽ جي ڳالهه ڪندي فخريه انداز ۾ مڙس کي اخبار ڏيندي چيو.
وريام اخبار وٺي پڙهڻ شروع ڪئي، سندس پٽ ڊاڪٽر سليم، ڪنهن انٽرنيشنل اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي سو ڪنهن پروگرام ۾ هن سنڌ جي صحت کاتي جي بدحاليءَ تي ڳالهائيندي گورنمينٽ تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي ۽ مقامي سياست ڪندڙن جي دانهُنِ ڪُوڪنِ کي صحيح قرار ڏنو هو.
”ڀاڳل! تنهنجي پٽ بلڪل صحيح چيو آهي پر مون کي ڊپ آهي ته سرڪار چڙي نه پويس. ٿورو سمجهائينس ته عقل کان ڪم وٺي ڪٿي نوڪريءَ تان نه هٿ ڌوئڻا پَونسِ.“ اخبار پڙهڻ کان پوءِ وريام پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وريام پورهيت پارٽيءَ جي طرفان پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ” هي سيپيڪ اسان جي وطن لاءِ فائديمند گهٽ ۽ نقصانڪار وڌيڪ آهي. ٻيو ته اسان وٽ ڌارين آباد ڪاريءَ جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هوڏانهن ڪوئلي واري پراجيڪٽ ۾ اسان پاڻ سڀ ڏسون پيا ته ڪيئن نه ٻاهريان ماڻهو گُهرائي ڪري ويهاريا پيا وڃن ۽ هتان جي مقامي ماڻهن کي لڏائي ڪري پنڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. انهيءَ لاءِ منهنجي حڪومتي پارٽيءَ کي گذارش آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي ته ڪا پاليسي جوڙي ته جيئن نوجوانن مان مايوسي ختم ڪرائي سگهجي.“
ان ڏينهن وريام گهر ڪونه پهتو، گهر وارن انتظار ڪيو هڪ ڏينهن، ٻه ڏينهن.....، ائين هڪ هفتو گذري ويو. يارن دوستن کان پڇا ڪئي وئي تڏهن خبر پئي ته ڳاڙهي موريءَ وٽان ڪي ٻه همراهه ڪاري ڊبل ڪيبن گاڏيءَ مان لهي هن کي ساڻ وٺي ڪاڏي ويا هليا؟!نيٺ ڇهه مهينا گذرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ٽي ويءَ جي بريڪنگ نيوز مان خبر پئي ته ”اڄ صبح جو سوير روڊ جي کاٻيءَ وَٽِ وٽان هڪ نامعلوم لاش مليو، اسپتال ۾ لاش جي سڃاڻپ پورهيت اڳواڻ وريام جي نالي سان ٿي آهي.“
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں