محمد يوسف جويو
سيلفي
(ڪهاڻي)
منهنجي
۽ حميد جي پڪي سنگت آهي. اڪثر ڪري مان ۽ حميد گڏ گڏ هوندا آهيون. پوءِ اهو ڪو
تاريخي ماڳ مڪان گهمڻ هجي، ڪنهن بزرگ اديب سان ملڻ يا ڪچهري هجي يا وري ڪو ادبي
ميلو هجي. مطلب ته هر صحتمند سرگرميءَ ۾ ته لازمي طور گڏ هوندا ئِي آهيون. سو اڄ
ڇنڇر جي موڪل جي ڏينهن ڏيڍ وڳي ڌاري مان گهر ۾ وٺي مانجهاندو پي ڪيم ته هن جي فون آئي.
’هيلو،
جي ادا!‘ مون فون اٽينڊ ڪندي ڳالهايو.
’اڪرم
صاحب، ڪو ڪم ته نه آهي؟‘ ٻئي طرف کان حميد جو آواز آيو
’نه!
مان گهر آهيان، ڇو خير ته آهي؟‘ مون جواب ۾ ڳالهائيندي چيو
’ها!
پوءِ تيار ٿي ته مان اچان ٿو. اڄ پاڻ کي حيدرآباد جي ادبي ميلي ۾ هلڻو آهي.‘ حميد
تڪڙو ڳالهايو ۽ هي هميشه تڪڙ ۾ ئي
ڳالهائيندو آهي.
’ها
ها، پر! گهڻي دير ۾ ٿا اچو؟‘مون پڇيو
’بس
ويهه پنجويهه منٽن ۾!‘ اهو چوندي هن ڪال ڪٽي ڇڏي.
ڪجهه
دير کان پوءِ حميد مون وٽ آيو ۽ اسان ٻنهين لٽريچر فيسٽول جو رخ ڪيو. اهو لٽريچر
فسٽيول جو ٻيو ڏينهن هو. اسان يارن دوستن سان ملندا، هڪ هال اندر هلندڙ سيشن ۾ وڃي
ويٺاسين. هال نوجوانن سان ڀريل هو. سامهون اسٽيج تي چار وڏي نالي وارا شهري اديب
دنيا جي جديد ادب تي ملڪ جي رابطي واري ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. پروگرام جيئن
ئي ختم ٿيو ته حميد تڪڙو اُٿي وڃي، انهن چئن مان هڪ وڏي عمر واري اديب سان هٿ
ملايو.
”
سر، اوهان سان هڪ سيلفي ٿي وڃي! “ هن وڏي ادب سان پر هجت ڀريئي لهجي ۾ اجازت گُهرِي،
ايتري ۾ هنن جي چوڌارين پنڌرنهن سورنهن نوجوان ٻيا به اچي گڏ بيٺا.
”ڇو؟
تون مون کي سڃاڻين ٿو!“ ان اديب پنهنجو ڪنڌ ورائي حيرت ۽ بيزاريت مان هن کي ڏسندي
چيو
حميد
جي ”مان“ کي ڄڻ ڌڪ لڳي ويو، هن ڇرڪِي جلديءَ ۾ چيو
”نه
سر! سورِي، هيءَ اسان جو اوهان سان محبت جو اظهار هو“ ائين چئي ، هِي بنا سيلفي
ڇِڪڻ جي مڙيو ۽ اڳتي هليو ويو.
”
بس! هاڻ پنهنجن ماڻهن سان سيلفي ڇِڪبي“ حميد ڀڻڪندو مون کان اڳتي نڪري هليو ويو.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں