8.19.2019

Curriculum of Library Science


 محمد يوسف جويو

لائبريري سائنس جو نصاب

ڪنهن به شيءِ، هنر يا علم کي سکڻ لاءِ، ان کان اڳ ۾ ان  جي لاءِ  هڪ رٿابندي، ترتيب، منصوبابندي يا ڪي قاعدا قانون جوڙيا يا ٺاهيا ويندا آهن، ته جئين اهو ڪم هڪ خاص ترتيب ۽ معيار سان جڙي مڪمل ٿئي ۽ اهو  نتيجو پڻ ڏئي، ڇاڪاڻ ته جي ڪو ڪم ڪجي، ته ان جو مطلب آهي ته ان مان انسان ذات کي ڪو فائدو ملي تڏهن چئبو ته هي ڪم ڪنهن معيار جو آهي!  پر جيڪڏهن اهو ڪم ڪوبه فائدو نه ٿو ڏئي ته سمجهبو ته ان ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ جيڪو ارادو، رٿابندي، ترتيب يا قاعدا قانون جوڙيا ويا هئا سي غلط آهن يا بنهه غير معياري آهن، جنهن جي ڪري ڪم جي ڪا به رزلٽ يا نتيجو نه مليو آهي. هاڻ  ان جو مطلب ٿيو ته ڪنهن به شيءِ کي ٺاهڻ لاءِ يا ڪو به هنر سکڻ لاءِ يا علم حاصل ڪرڻ کان اڳ جيڪا رٿابندي،ترتيب،پاليسي، قاعدا قانون يا اصول جوڙيا وڃن سي هڪ اعليٰ معيار جا هجڻ کپن ۽  ان کي علمي  ٻوليءَ  ۾  نصاب يا ان  جي رٿابندي چئبو آهي.
لائبريريون تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جو اهڃاڻ هونديون آهن. انهن مان اسان کي هزارين سالن جي محفوظ پيل تاريخ ملي ٿي، هاڻ ته هن نئين دور ۾ لائبريري هڪ انفارميشن ريسورس سينٽر Information Resource Center   جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. جنهن جي ذريعي پڙهندڙن  کي نئين ۽ تازي معلومات دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ، ملڪ يا علائقي مان تمام ٿوري وقت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي. لائبريريءَ کي نظم و ضبط سان، ڪن قاعدن قانونن تحت هلائڻ ۽ وري  پڙهندڙن  کي صحيح، درست ۽ تڪڙي معلومات  ميسر ڪري ڏيڻ  به  هڪ علم ۽ اعليٰ فن جو طريقو آهي.  جنهن کي علم لائبريري  ۽  انفارميشن سائنس چئجي ٿو. اڳ ۾ هي علم صرف يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندو هو، هاڻ هن علم جي اهميت کي محسوس ڪندي هيٺين سطح جي ڪلاسن (اسڪولن ۽ ڪاليجن) ۾ پڻ هڪ ”اليڪٽو سبجيڪٽ Elective Subject   طور گذريل ڪجهه عرصي کان پڙهايو  پيو وڃي.

نصاب(Curriculum)  :
نصاب جنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪريڪيوليم چئجي ٿو ڪريڪيوليم کي ڊڪشنري آف ايجيوڪيشن ۾ هيٺيئن ريت واضح ڪيو ويو آهي:

-A systematic group of course or sequences of subject required for Graduation or certification in major field of study i.e Social Studies curriculum or Language Curriculum

-A general overall plan of the content or specific materials of instruction that the school should offer the student by way of qualifying him for graduation or certification or for entrance in to a professional or a vocational field.

Good, Carter V. (Editor): Dictionary of Education. Carter V.Good, Editor; New York, McGraw-Hill Book Company, III rd Edition.1973, P.157

نصاب جو لفظ تمام وسيع معنيٰ رکي ٿو، ان جي مفهوم ۾ سماج جو ڪل وهنوار، درسگاهه جو اندروني ۽ ٻاهريون ماحول، قومي ثقافت ۽ تمدن ، تاريخ ۽ دنيا جي  ارتقا  وغيره جا سڀ احوال  اچي وڃي ٿو.
دنيا ۾ نصاب ملڪ جي قومي تعليمي پاليسيءَ جي مطابق جوڙيو ويندو آهي، ڪنهن به ملڪ جي قومي تعليمي پاليسي ان جي سماج جي جديد گهرجن ۽ قومي نظرين جي مطابق هوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ مختلف  حڪومتي دورن  ۾ تعليمي پاليسيون اينديون رهيون آهن انهن جو ڪو خاص وقت يا عرصو مقرر نه آهي؛ انهن پاليسين جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

1.     پاڪستان ۾ پهرين تعليمي ڪانفرنس 27 نومبر 1947ع ۾ قائد آعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ٿي هئي، ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪيا ويا تن کي تعليمي پاليسيءَ جو درجو مليل آهي.
2.     1959ع قومي تعليمي پاليسي
3.     1970ع قومي تعليمي پاليسي
4.     1972ع قومي تعليمي پاليسي
5.     1979ع قومي تعليمي پاليسي
6.     1992ع قومي تعليمي پاليسي
7.     1988ع قومي تعليمي پاليسي
8.     9 سيپٽمبر 2009ع قومي تعليمي پاليسي، هيءَ موجود ه حڪومت جي وفاق جي، تعليم جي وزير محترم مير هزار خان بجارڻي پڌري ڪئي آهي.
       (نوٽ: مٿين پاليسين جو تفصيل انٽرنيٽ تان ورتو ويو آهي )

انهن تعليمي پاليسين کان علاوهٰ مختلف وقتن ۾ مختلف تعليمي پلان پڻ اچي چڪا آهن، پر انهن پاليسين ۽ پلانن جي مطابق به تعليمي ڪم ٿي نه سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته جلدي جلدي حڪومتن جو تبديل ٿيڻ ان جو وڏو سبب آهي.
   
علم لائبريري سائنس جو نصاب: اعليٰ ثانوي ڪلاسن ۾ پڙهايو ويندڙ لائبريري سائنس جو مضمون آپشنل آهي ۽ ان جو پڻ ڪريڪيوليم تيار ٿيل/ منظور ٿيل  آهي ۽ اهو هر سال  ريوائيزڊ ڪيو ويندو آهي پر هت گهڻي وقت کان اهو ڪريڪيوليم ريوائيزڊ نه ڪيو ويو آهي جنهن جو پڻ تفصيل هن ريت آهي:

·        پنجاب ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي طرفان پهريون ڀيرو لائبريري سائنس جي مضمون جي  نصاب کي جوڙڻ لاءِ نيشنل ڪريڪيوليم سب ڪاميٽي  (National Curriculum Sub Committee)  جوڙي وئي، جنهنجو ڪنوينر ڊاڪٽر محمد علي قاضيهيو ان سان گڏ ٻيا ست ميمبر پڻ کنيا ويا هئا. ڪريڪيوليم سب ڪاميٽيءَ پنهنجو فرض پورو ڪندي لائبريري سائنس جو پهريون ڀيرو ڪريڪيوليم ( نصاب ) جوڙي ڪري پڌرو ڪيو ويو. جيڪو ”ڪريڪيوليم ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ سينٽر لاهور، مئي 1977ع ۾ نيشنل ڪور ڪاميٽيءَ  طرفان شايع ڪيو ويو هو.
·        هن ڀيري لائبريري سائنس جو نصاب 1988ع ۾ پڌرو ٿيو، جيڪو اڳوڻي نصاب کان نئون ،  ان وقت جي  ۽ لائبريرينشپ جي گهرجن جي مطابق جوڙيل هو. هي يارهن سالن کان پوءِ  پڌرو  ڪيو ويو هو، ان نصاب مطابق ئي صوبن جي ٽيڪسٽ  بڪ بورڊن  ڪتاب تيار ڪرايا ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچيءَ ( پبلشر )  طرفان، لائبريري سائنس ڪلاس يارهين ۽ ٻارهين لاءِ، 2001ع ۾ ڇپي پڌرا ڪيا ويا. ان مطابق ”لائبريري سائنس“ جي تعليم صوبن جي اعليٰ ثانوي ڪلاسن ۾ شروع ڪئي وئي.
·        هاڻي  2009ع ۾  ٽيون ڀيرو 21 سالن کان پوءِ لائبريري سائنس جو نصاب نئين ۽ جديد تقاضائن مطابق، ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجي ۽ انهن جي جديد گهرجن مطابق ريوائيزڊ ڪيو پيو وڃي، جيڪو اميد آهي ته گذريل نصاب کان بهتر هوندو.
He is eminent Scholar, Teacher and Librarian as well as the founder and first Chairmen of the Deportment of Library Science, University of Sindh, Jam shoro and also Convener of the national Curriculum Sub Committee in Library Science for Class XI-XII, Lahore: May 1977

◘ National Bureau of Curriculum and Text Book, Government of Pakistan, Ministry of Education, Islamabad, 1988


A Introduction of Library and Information Science




محمد يوسف جويو                                                                                            
لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو تعارف
قومي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪتاب ۽ ڪتبخانن جو اهم ڪردار رهيو آهي، اڄ اسان جيڪا دنيا ۾ هيڏي وڏي ترقي ڏسي رهيا آهيون، اها انهن ڪتابن ۽ ڪتبخانن جي ئي بدولت نظر اچي رهي آهي. هن دور جديد ۾ ڪتابن ۽ ڪتبخانن جو خاص علم پڙهائي ڪري ان جي اهميت کي چار چنڊ لڳايا ويا آهن، جنهن جو نالو علم لائبريري سائنس آهي. هي اهڙو علم آهي جنهن جي وسيلي خبر پوي ٿي ته ڪتاب ۽ ڪتبخانا ڪئين وجود ۾ آيا ۽ پنهنجي ترقيءَ جي منزل طئه ڪري ڪهڙيءَ طرح اڄ هن منزل تي پهتا آهن. ويهين صدي جي آخري ڏهاڪي تائين هن علم جي  لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر آءُ هتي ڪوشش ڪري علم لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو مڪمل تعارف، لائبريريءَ جي معنيٰ، مفهوم  ۽ ان جي اهميت کي پڙهندڙن جي آڏو اجاڳر ڪندس.
ڪاغذ جي ايجاد کان اڳ ماڻهو وڻن جي ڇوڏن يا جانورن جي کلن تي لکندا هئا. لائبريري لاطيني ( Latin) ٻوليءَ جي لفظ لائبر مان نڪتل آهي  جنهن جون ٻه معنائون آهن، هڪ معنيٰ آهي ڪتاب ۽ ان جي ٻي معنيٰ  ڇوڏو آهي. جيڪو پوءِ ڪتاب جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو جنهن مان موجوده انگريزي لفظ لائبريري نڪتل آهي جنهن کي اسان ڪتبخانو پڻ چئون ٿا. قديم وقت ۾ انگريز پڻ ڪاٺ يا ڇوڏي تي لکندا هئا ۽ ان کي هو ”باڪ“ چوندا هئا، انگريزي لفظ بُڪ يعني ڪتاب ان مان نڪتل آهي.
اهو به چوڻ ۾ اچي ٿو ته لفظه ”لائبريري يوناني ٻوليءَ جي لفظه بائبلس (Bibles) مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ  پئپيرس   ( Papyrus )  آهي.هن لفظ مان وري بائبلينس  بوڪ (Biblions Book)  مان ٺهيو، جنهن سان  جيڪڏهن اسان ٿيڪ (Theke) ملايون ته ببليوٿيڪ ٺهي پوندو جنهن جي معنيٰ ٿيندي، ڪتابن جو مجموعو، لائبريري يا ڪتب خانو.“
هن سائنسي دور ۾ لائبريريءَ لاءِ اهو سمجهڻ ته هي فقطه ڪتابن رکڻ جي جاءِ آهي ته اهو ان جو پراڻو ۽ غير مروج استعمال ٿيندو، هينئر ان خيال جي ڪو به پوئواري نه ڪندو ته لائبريري فقطه ڪتابن  گڏ ڪرڻ جي جاءِ يا ڪو گدام/ اسٽور آهي. بهرحال تاريخ سان لاڳاپو قائم رکڻ خاطر ائين چئي سگهجي ٿو ته لائبريري ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد (Book and Non Book material) جو ذخيرو آهي. هن صديءَ جي سائنسي دور ۾ لائبريريءِ جي اها تاريخي حيثيت وقت جي تيز وهڪري ۽ بدلجندڙ تقاضائن سان هم ڪنار رهندي بدلجي وئي آهي، انهيءَ ڪري لفظه لائبريري ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد جي ذخيري سان گڏوگڏ انهن شين جو بهترين ۽ آسان استعمال سان ڪيل فائدن ۽ نتيجن جو نالو ليکيو وڃي ٿو.
هن موجوده وقت ۾ لائبريري جو وسطو ٻن خاص نقطن سان آهي، هڪ ته اتي موجود ذخيري جي خاطر خواهه سنڀال ڪرڻ ۽ ٻيو ته اتي موجود مواد مان پڙهندڙن کي لاڀ حصل ڪرڻ واسطي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهي ڪري ڏيڻ آهي ته جيئن پڙهندڙ جي قيمتي وقت جو صحيح استعمال ٿئي، انهيءَ ڪري هينئر لائبريري کي هڪ اطلاعاتي / رسائي ءَ جو مرڪز Information / Resource Centre)   ( چئجي ٿو.جتان زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي آسانيءَ سان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، اهڙيءَ طرح ڪتبخانن مان انسان ذات وڏو علمي فائدو حاصل ڪيو آهي، خاص ڪري سائنس ۽ ٻين علمن جي ترقياتي پاسن ما ته کيس وڏي روشني ملي آهي. انهن ڪتبخانن، تخليقي ۽ روحاني صلاحيتن سان گڏ پيشوراڻا قابليتن ۾ به وڏو اضافو آندو آهي ۽ ان جي ئي بدولت علم و هنر کي وڏو فروغ حاصل ٿيندو رهيو آهي. ڪتبخانن جا مختلف قسم ٿيندا آهن جن جو مثال هيٺين ريت  آهي.


1.قومي ڪتبخانو  (National Library)    
            هي ڪتبخانو هر ملڪ پنهنجي لاءِ  قومي  سطح تي  قائم ڪندو آهي، ته جيئن ملڪ ۾ هر ڇپجندڙ مواد (ڪتاب، اخبار  يا ٻيو  ڪو  تاريخي مواد  وغيرهه )  هن لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي.

2.عوامي ڪتبخانو(Public Library)                                 
هي گورنمينٽ جي طرفان وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ قئم ڪيا ويندا آهن جن کي ملڪ جو ثقافت سياحت کاتو/ايجيوڪيشن کاتو پهنهنجي نگرانيءَ ۾ هلائيندو اهي، هن ٻاراڻا ۽ موبائيل لائبريريز پڻ  هن لائبريريءَ جا حصا آهن.
3.تعليمي ڪتبخانو(Academic Library)                         
هي گورنمينٽ توڙي خانگي تعليمي ادارن جهڙوڪ يونيورسٽي، ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ قائم ڪيا ويندا آهن، جيڪي انهن جي مزاج مطابق ۽ انهن جي پڙهڻ جي ئي ڪورس مطابق سهولتون مهيا ڪندو آهي.
4.تحقيقي  ڪتبخانو(Research Library)                         
هي ملڪ ۾ هڪ مضبوط اداري جي حيثيت رکندا آهن ڇو ته هنن ڪتبخانن مان ئي  ماڻهو تحقيق ڪري وڏوا اسڪالر، اديب، سائنسدان ۽ سياستدان بنجندا آهن، هنئن ته هر ڪتبخانو به تحقيق جي ڪم لائق هوندا آهن پر هي ان جي نسبت ۾ وڌيڪ جامع هوندا آهن. هن جو مثال انسٽيٽيوٽ  آف سنڌالاجي جو تحقيقي ڪتبخانو آهي.
5.خاص/ اسپيشل ڪتبخانو(Special Library)                   
هي ڪنهن مخصوص ۽ خاص ادارن ۾ قائم ڪيا ويندا آهن، جيئن جيل، اسپتال، انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جي اسڪولن، بئنڪ جا ڪتبخانا ، تعليمي يا انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالائجيءَ جي ادارن جا ڪتبخانا وغيره، هنن جو ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو هوندو آهي.

اطلاعاتي سائنس: سماج کي دنيا ۾ نون رجحانن ۽ علمي ذوق جي طلب کان آگاهه ڪرڻ لاءِ لائبريري اهڙو قومي سرمايو آهي، جيڪو انفرادي، طبقاتي، قومي ۽ ارتقائي ڊوڙ ۾ ٻوٽي طور لڳايو وڃي ٿو.اڄوڪي وقت ۾ جتي عوام سان رابطي جو ذريعو ريڊيو، ٽي وي، ڊش سيٽلائيٽ، موبائيل فون، پريس ۽ انٽرنيٽ آهي ته ٻئي طرف ڪتاب جي استعمال ۽ ان جي وڌاري لاءِ لائبريري پڻ وڏي مددگار ثابت ٿي چڪي آهي.
اطلاعات (Information) جو تصور ويهن صديءَ جو جديد  رنگ روپ آهي، انفارميشن جو اهم اضافو ۽ تعلق ڪنهن ماجي ترقي ۽ واڌاري سان ٿئي ٿو انفارميشن ئي ترقي جي راهه تي تڪڙو هلڻ جي سگهه ڏئي ٿي،موقعو فراهم ڪري ٿي.علم لائبريري سائنس ۾ انفارميشن/ اطلاعات جي هڪ اهم خاصيت هي به آهي تهڪنهن به تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ خاص ميدان سان لاڳاپو رکندڙ مضمون بابت باخبر رکڻ  ۽ بلڪل جديد معلومات تڪڙي انداز ۾ مهيا ڪرڻ آهي.
اطلاعات (Information) ۽ حوالا (Reference) ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظه آهن، مکيه فرق ٻنهي ۾  صرف هي آهي ته حوالي واري خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ لفظه سڌو سنئون مواد ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي يا وري هن کي لائبريريءَ جي ذريعن استعمال ڪرڻ بابت ٻڌائيندو آهي. ان کان علاوه لائبريري ٿملو حوالي وارن ڪتابن يا سيڪشن طرف اشارو ڪري ٻڌائيندو آهي ۽ اطلاعاتي خدمت ۾ لائبريري عملو صحيح معلومات مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.اطلاعاتي خدمت جي هڪ اهم ڳالهه هي به آهي ته مطالعو ڪندڙ يا محقق ڪٿي ڪنهن ڳالهه ۾ منجهي ويو آهي  ۽ کيس معلومات جو به اندازو  آهي، مگر جنهن لائبريري ۾ هو مطالعو ڪري رهيو آهي، اها لائبريري تمام ننڍي آهي  ۽  هن جي مدد ڪرڻ کان  قاصر آهي  ڇو جو  ان  ۾  اهو  گهربل مواد  ڪونه  آهي ته اهڙي حالت  ۾ لائبريري  عملو   Inter Library Loan  جي بنياد تي ٻين ڀر وارن ڪتبخانن مان اهو گهربل ڪتاب يا مواد محقق کي پنهنجي لائبريريءَ ۾ گهرائ موجود ڪري ڏيندو آهي. ان کين علاوه اطلاعات جا بنيادي ذريعا ٻيا به آهن، جن جي ذريعي ڪتبخانو هڪ تحقيق ڪندڙ يا عام پڙهندڙ کي هر ممڪن معلومات پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن جن ۾

Periodicals, Newspapers, Guides, Serials, Pamphlets, Cuttings of newspapers, Bibliography, Indexes, Encyclopedias, Dictionaries, Maps, Atlases  etc                               اچي وڃن ٿا، ان کان سواءِ هن وقت سائنس جي حيرت انگيز ايجادن جهڙوڪ ٽي وي، ريڊيو، فلم، مائڪروفلم، ٽيپ ريڪارڊر، وڊيوز، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ وغيره پڻ معلومات پهچائڻ ۾ انقلابي تبديليون آنديو آهن.
سائنس (Science) : هي لاطيني زبان جي لفظه Seire مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي! ڄاڻڻ، علم رکڻ يا خبر رکڻ. هن اعتبار کان ڪنهن به شيءِ جي يا حقيقت جي ڄاڻ سائنس آهي. هتي سائنس لفظه علم رکڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.اهڙيءَ طرح لائبريري سائنس جو علم جيصڪو لائبريري جي جملي فني ۽ تنظيمي امورن تي بحث ڪري يا اهو علم جيڪو لائبريريءَ کي بحث هيٺ آڻي تنهن کي لائبريري سائنس چئجي ٿو. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾  سائنس جي هيئن تشريح ڪئي وئي آهي. ” حقيقت جي ڳولا ۾ ڪنهن مقرر گس سان، اڳيان وڌڻ جي وسيلن جو مطالعو ۽ ان نئين رستي جي ذريعي ڳولا ( تحقيق ) جي لاءِ عام اصولن جي مطابق پوري اعتماد سان اڳيان وڌڻ.
وبسٽرن ڊڪشنريءَ ۾ سائنس جون ٻه وضاحتون ٿيل آهن: هڪ. ” تجرباتي مطالعي جو سلسليوار علم جن جي اصولن کي مرتب ڪرڻ لاءِ تجربي جي ذريعي علم حاصل ڪيو ويو هجي.
ٻئي: ”مطالعي يا معلومات جي هڪ شاخ کي خاص طور حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي سلسليوار مرتب ڪرڻ.“
روز بروز ترقي ڪندڙ سماج لائبريريءَ جي ڪم جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري لائبريري يا علم لائبريري سائنس ٽن مکيه ڳالهين سان واسطو رکي ٿي.
·        ڪتاب اطلاعات جا ذريعا آهن
·        ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد جو صحيح ۽ ترت استعمال
·        انهن سڀني شين جي استعمال مان سماجي،تعليمي نتيجن ۽ فائدن جي حاصلات ٿئي
         انهن مٿين ڳالهين جي ڪري علم لائبريري آرٽ به آهي ته سائنس به آهي، ڇو ته سندس طريقڪار ٿيوريٽڪل ۽ پريڪٽيڪل آهي، سندس عملي پهلو هن علم جي بنيادي ڄاڻ ٽيڪنيڪ ۽ مهارت تي مشتمل آهي ۽ سندس ٿيوريٽڪل پهلو اطلاعاتي خدمتن جي سڌاري لاءِ رهبر بنجي هڪ موثر ڍانچو فراهم ڪري ٿو.
لائبريري سائنس کي دور حاضر ۾ لائبريري ۽ انفارميشن سائنس Library & Information Science
سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو حاصل مطلب مطالعي ڪندڙ جي رهنمائي ڪرڻ آهي بلڪ ڪنهن حد تائين اهو ناممڪن پڻ آهي ڇو ته هن مقصد ۾ علم جي پوري ڄاڻ، حفاظت، ترتيب ۽ تنظيم کي علم جي رسائيءَ جي لائق / قابل بنائڻ آهي، انهيءَ ڪري هن کي مڪمل علم سائنس جي هڪ شاخ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪتابن، ڪتبخانن جي تاريخ، طباعت و اشاعت ، درجا بندي، ڪئٽالاگ، تنظيم،تحقيق ۽ ايجاد جو طريقو، دستاويز، معلومات ۽ حوالي جي خدمتن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوهٰ هن ۾ ڪتابي مواد جي انتخاب جو طريقو، ان جي حفاظت، ان جي استعمال جو طريقو، ڇپائيءَ جو فن ۽ ڪتابيات مرتب ڪرڻ جا طريقا ۽ اصول هن علم ۾ شامل آهن.
مٿين سڀني  ڳالهين کي سمجهندي ۽ محسوس ڪندي هندستان ۾ لائبريري سائنس جي ابي پروفيسر ڊاڪٽر رنگاناٿن  ان تعليم/ علم جا هڪڙا پنج اصول مرتب ڪيا آهن جيڪي هيٺين ريت آهن.

1.     ڪتاب استعمال جي لاءِ             Book are for use(not for preservation)                           
2.     هر پڙهڻ واري لاءِ ان جو ڪتاب مليEvery reader his book                    
3.     هر ڪتاب کي ان جو پڙهڻ وارو مليEver book it’s reader                      
4.     پڙهندڙ جي وقت جي بچت ٿئيSave the time of reader                       
5.     ڪتب خانو هڪ ترقي پذير/وڌندڙ ادارو آهيLibrary is a growing organism
    
  اهڙيءَ  طرح ڪتب خانن ۾ ويهي پڙهڻ سان ذهني قوت وڌندي آهي، صلاحيتون زندگي پائينديون آهن، تخليقي قوتون اڀري جوان ٿي ڪري قومي ترقي ۽ تعمير ۾ ڀرپور حصو وٺنديون آهن. هتي عام ماڻهن جو ذاتي ڪردار ۾ سڌار اچي ٿو ۽ پورو سماج سنوار جي، سينگار جي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين علمن سان گڏ اسان وٽ ان جي اهميت کي محسوس ڪندي سنڌ جي مهان اداري  سنڌ يونيورسٽي،ڪراچي يونيورسٽي ۽ ملڪ جي ٻين ادارن ۾ ان جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ائين هي علم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو.      

8.07.2019

My poetry


محمد يوسف جويو
10.6.2015
(1) لڪيءَ جي پهاڙن ۾ (نظم)
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
جبل جي پاڙن ۾
ڦٽي نڪرندڙ پاڻي
هيٺ ڌارا ڪري وهي ٿو
جو ڦٽ ڦرڙين لاءِ اڪسير آ
ماڻهن جي تقديرآ
ڇوٽڪاري جي ڪا تدبير آ
هت ”شِو مندر“*1
هت ”تيرٿ بندر“*2
هت سهڻو ” شاهه صدر“*3
هي ڌرتي پاڪ پوتر
هت جبل ۾
 ڪي راز آهن،
ڇپيل ڪي ساز آهن
هن جبل چوٽيءَ تي
ڪي مڙس مٿير هئا
جن چوٽون کاڌيون
 ۽ سينو ساهي
ڌرتيءَ کي موٽ ڏني
غارن مان نڪري
وڏا وار ڪيا
۽ وارن مٿان وار ڪيا
جو اڻ موٽ هئا
پر!
تاريخ ۾ ڪي خار به ٿيا
پنهنجن مٿان مار  ٿيا
پر هي به مڙس مٿير هئا
۽ رکِي هئي جنگ جاري
هنن وڙهندي ڇپندي
ڇپندي وڙهندي
جبلن جي مٿان ڪي داستان لکيا
۽ پنهنجا ڪي آستان ڇڏيا
”بزڻ جا غار“*4
۽ ڪي ڪوٽ قلعا*5 ڇڏيا
ميدان ۽ سنڌو ڪنارا ڇڏيا
لڪيءَ جي لڪن ۾
 اڻ مٽ نشان ڇڏيا
جبل جي پاڙن ۾
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
----------------------------
*1  جبل ۾ وهندڙ چشمي يا ڌارڻ ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ ننڍو شِو مندر ٺهيل آهي، جيڪو هاڻ اجڙيل آهي.
*2  لڪي ڳوٺ جيڪو ان وقت هڪ ننڍو شهر هوندو هئو سو ان کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي وهندڙ سنڌو دريا تي هڪ پتڻ ٻيڙين جو بندر هو، جيڪو ماڻهن کي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچائڻ جو ڪم ڏيندو هئو.
*3  لڪياري سيدن جو وڏو بزرگ هستي شاهه صدر جي درگاهه آهي. جنهن  جي پٺيان هي سيد لڪياري سڏجن ٿا.
*4  لڪي  کان ڏکڻ طرف چار يا پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جبل جي بلڪل پاڙن ۾ ڪجهه غار آهن جن ۾ هڪ کي بزڻ جو غار ڪري سڏجي ٿو.تاريخ ۾ آهي ته هتان سنڌ دشمن ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين ڦورو لٽيرن جي قافلن تي ڇاپا مار جنگ جي وسيلي، انهن جي ٺٽي کا سيوهڻ اچڻ وڃڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي حملا ڪندا هئا ۽ پوءِ وري انهن غارن ۾ سنڌي گوريلا لِڪِي وڃي پناهه وٺندا هئا. نوٽ  هاڻي اتي ڇاوڻي ٺهي رهي آهي.
*5  چيو وڃي ٿو ته هت لڪي شهر وٽ ڪو ڪنهن وقت چوڪيءَ خاطر هڪ ننڍو قلعو جوڙيل هوندو هو، رني ڪوٽ پڻ ان جو سلسلو ئي آهي.

(2)  محمد يوسف جويو
10-6-2015
ڌاريو آواز.....(نظم)
رني ڪوٽ جي ڪور تي
ڪو بگهڙ اوناڙ ڪري ٿو
۽ اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾
ڀڙڪو ڏئي چٻرو چرڙاٽ ڪري ٿو
تڏهن وري
چوڏينهن جِي چانڊوڪيءَ ۾
ڪو چڪور اڀ ڏي اڏري ٿو
هيٺ واڙ ۾
ستل ناريءَ سان
ٻار ڇرڪ ڀري روئي ٿو
۽ڪتن جي باهوڙ تي
پوڙهي لٺ کڻي هڪل ڏني!
ڪهڙو آهين؟
ٺا ٺا ٺا ٺا .......
سچو ڪوٽ ٻري ٿو
۽ تاريخ جو پڙاڏو وري موٽ کائي
رڙ ڪري چوي ٿو
نه ويو آهين...
ڪهاڙيءَ جو چمڪاٽ
گولين جو مينهن
۽ پوءِ
ڌاريو آواز
ٺا ٺا ٺا ........
  

(3)  محمد يوسف جويو
16-5-2015
او قاتل
او قتل
تو مارين ڇو ٿو
تون چاهين ڇا ٿو
هي ڪير
هو ڪير
اهي سڀ انسان آهن
تون به ته انسان آهين
او قاتل... تون مارين ڇوٿو
هن کي گولي
هن کي گولي
هي سڀ مقتل جا راهي
تون به مقتل جو راهي
او قاتل...تون مارين ڇو ٿو
مري انسان
ماري انسان
تون ڪهڙو آن انسان
مارين پيو هر انسان
او قاتل...
تون چاهين ڇا ٿو
تون مارين ڇو ٿو

8.05.2019

Adult Education and Muhammad Ibrahim Joyo



محمد يوسف جويو


             محمد ابراهيم جويو ۽ وڏن جي تعليم ( تعليم بالغان ) 

      گذريل ويهين صديءَ تي جڏهن نظر وجهبي ته اسان کي تعليم جي شعبي ۾ وڏا وڏا نالا نظر ايندا، جن جي زندگيءَ ۽ ڪم جو احاطو ڪرڻ اسان لاءِ وڏو ڏکيو ڪم ٿيندو. ها! جيڪڏهن اسان جا تعليمي ادارا جهڙوڪ يونيورسٽيز ۽ ٻيا پنهنجن شاگردن کان انهن شخصيتن جي زندگي، ۽ انهن جي علمي ڪم تي پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ڊگريون ڏئي ڪري تحقيق ڪرائين ته شايد پوءِ ڪجهه سالن ۾ اُهي تعليمدان، ۽ انهن جو علمي ڪم ڪجهه نروار ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي تعليمي شعبي ۾، انهن وڏن نالن ۾ هڪ نالو محمد ابراهيم جويي صاحب جو به آهي. محمد ابراهيم جويو هڪ تعيلمدان هجڻ سان گڏ هڪ مدبر اديب ۽ دانشور آهي. هن ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘ جهڙو ڪتاب لکي، ان وقت سنڌ وطن جي سياستڪارن جي رهبري ڪئي. ۽ انهن کي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ گسَ ۽ ڏسَ طئي ڪري ڏنا. ان کان پوءِ ٻيا ڪئي ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا. جن جا فلسفو، تاريخ، ادب، ٻولي ۽ تعليم وغيره جهڙا اهم موضوع آهن. سائين محمد ابراهيم جويو پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد هو. تنهن ڪري هُو پاڻ سمجهندو هو ته تعليم ئي آهي جيڪا قومن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي ضامن آهي. تعليم قومن کي شعور ۽ عقل ڏئي ٿي. قومي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياري دنيا ۾ پنهنجي وطن واسين جو ڳاٽ اوچو رکي ٿي. تنهن ڪري هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم تي گهڻو لکيو ۽ ترجما ڪيا آهن. جن ۾  ” ’ايملي عرف تعليم‘، ’علم تدريسي مظلومن لاءِ‘، ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘، ’اسان جي ٻولي ۽ اسان جي تعليم‘ “ وغيره هن اسڪولن ۾ پاڙهجندڙ درسي ڪتابن ۾ ڪل 43 ڪتاب، ايڊٽ ڪيا جن ۾ سائينءَ جا ڪجهه ڪتاب  مڪمل لکيل به شامل آهن. انهن لکيل ڪتابن مان ڪجهه ساڳيا ڪتاب اڄ تائين به اسڪولن ۾ پاڙهيا پيا وڃن. جڏهن گورنمينٽ 1972ع ۾ ايجيوڪيشن پاليسي آندي ۽ ان ۾ وڏن جي تعليم يعني تعليم بالغان جو پروگرام شامل ڪيو ويو، تڏهن انهن جي لاءِ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي جوڙڻ جي ضرورت پئي. ته ان وقت سائين محمد ابراهيم جويو بالغن جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا. ۽ انهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي مُک ميمبر طور ڪم ڪيو. وڏن جي تعليم لاءِ اُن وقت جا لکيل ڪتاب اڄ تائين ” تعليم بالغان “ جا بنياد رهيا آهن. هت انهن ڪتابن جو ببليوگرافيڪل جائزو ورتو ويو آهي، جيڪي هن بالغان جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب طور پاڻ لکيا آهن. جن ۾پاڻ هڪ ليکڪ جي حيثيت کان سواءِ ايڊيٽر، نظرثاني ڪندڙ ۽ صلاحڪار وغيره طور اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي ڪتاب گورنمينٽ آف سنڌ جي پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن ڇاپيا آهن.


تعليم  بالغان لاءِ  لکيل  ڪتاب
  
1.       اچو ته وڌيڪ پڙهون (بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب) 1973ع
اچو ته وڌيڪ پڙهون: بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي.  هر سبق جي  عنوان سان ملندڙ  تصويرون ۽ تصور  ڏنل آهن، جن تي آرٽسٽ جو نالو لکيل نه آهي.  جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي.  زيرن زبرن  مطلب  ته ايرابن  جو مڪمل ۽ صحيح  استعمال  ڪيو  ويو آهي. ڪتاب  جي سرورق چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد ماڻهو روايتي لباس ۾، ڪتاب پڙهي رهيا آهن. ڪتاب ۾ سڀ سبق بيان واري انداز ۽ ڪهاڻي جا انداز ۾ لکيل آهن جنهن جي  پڙهڻ سان دلچسپي وڌي  ٿي. گڏو گڏ ڪجهه نظم پڻ شامل آهن جن جا شاعر ”خليفو گل محمد گل هالائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي آهن. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي. هر سبق جي آخر ۾ پڙهندڙ جي لاءِ،  خود آزمائش جِي  هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾   سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب ۽ مڪمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون  ايڊيشن  1973ع ۾ ڇپيو، ۽ ڇاپيندڙ دي ٽائيمس پريس ڪراچي آهي. جڏهن ته هي ڪتاب   53 صفحن تي مشتمل آهي  ۽ ڇپيل تعداد 350000 آهي.

2.       اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:   
اچو ته لکون: بالغن  جو هي پهريون ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي.  نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل  سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ زيرن زبرن يعني ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيون آهن . هن  ڪتاب  ۾ رسيد، خط ۽ درخواست  لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ  انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي  ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  لکڻ جي مشق جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون  ايڊيشن  آهي، جڏهن ته هي ڪتاب  49 صفحن تي مشتمل آهي.

3.       ڪتاب (1) : بالغن لاءِ    
ڪتاب (1 ) : هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پرائيمري ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصوير يا اسڪيچ  پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي.  هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن  ته هڪ  عورت وري  سلائي ڪري رهي آهي. ان کان علاوهٰ هن  ڪتاب  ۾  الف بي  جي پٽي، هڪ پيج تي ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ، هڪ پيج تي ”اکرن جون گڏيل صورتون“  ۽ آخري پيج تي سَوَ تائين انگن جو چارٽ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون  ايڊيشن  آهي، جڏهن ته هي ڪتاب  41 صفحن تي مشتمل آهي.

4.        ڪتاب (2): بالغن لاءِ   
ڪتاب -2 : هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن.  ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن  ته هڪ  عورت وري  سلائي ڪري رهي آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ  به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي  ٻيو  ايڊيشن  1987ع ۾ ڇپيو آهي، جڏهن ته هي ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي.

5.        ڪتاب (2)    
ڪتاب (2 ): هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب  ” قومي ڪميشن براءِ خواندگي و تعليم عامه “  حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان  سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد، مان ڇاپيو ويو جڏهن ته  نيشنل بڪ فائوڊيشن ڪراچي  هن جو ڇپائيندڙ هو . هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشاهبت سان ان جي تصوير ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن. ۽ انهن کان پوءِ سبقن جي آخر ۾ خود آزمائش جي لاءِ مشقون ڏنل آهن  ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪابه  تصويرڏنل  ڪانهي ،  ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ  نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي  پهريون  ايڊيشن  1985ع  ۾ ڇپيو آهي،  جڏهن ته  هي ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي. ۽ ڇپجڻ جو تعداد هڪ لک تعداد آهي.

6.      اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:   
اچو ته لکون: بالغن  جو هي پهريون ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي. هي ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل  سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري، هت زيرن زبرن يعني ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن (مونو ڪلر) جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد  پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيا آهن . هن  ڪتاب  ۾ رسيد، خط ۽ درخواست  لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ  انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي  ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  لکڻ جي مشق جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي ٻيون  ايڊيشن  آهي، جيڪو 1973ع ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته هي ڪتاب  49 صفحن تي مشتمل آهي. ڇپيل ڪتابن جو ڪل تعداد 350000 آهي.

7.       عملي حساب- بالغن لاءِ (سنڌي)
8.      عملي رياضي..بالغن لاءِ (اردو)
عملي حساب: بالغن لاءِ ،  پهرئين ڪلاس جي معيار جو  هي  ڪتاب بالغن لاءِ  آهي ،  جيڪو  اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄامشورو  طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾  محمد اقبال ملڪ ۽ محمد صضير شيخ  جڏهن ته صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر بيگم شمس عباسي، محمد ابراهيم جويو، علي محمد مهر، محمد اقبال ملڪ، محمد صغير شيخ، مسز ليلاهر چنداڻي، محمد بچل ميمڻ ۽ مس ڪوثر خان شامل آهن ان کان علاوهٰ  نظر ثاني ڪندڙن  ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ عبدالغفار صديقي  شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي هر سبق جي  عنوان سان ملندڙ  تصويرون ۽ تصور  ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي آرٽسٽ ساجد جي صحي ٿيل آهي.  هي  ڪتاب تصويرن جي ذريعي پڙهندڙن لاءِ، جوڙ، ڪٽ، گهڻائي ٿورائي، اڌ سڄو، يا روز مره جي ڪمن ڪارين ۾ اسعمال ٿيندڙ حساب ڪتاب جا  تصور واضح طور سمجهائڻ  جي سرگرمين،  جي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ  جي طريقي تي  جوڙيل آهي. هي ڪتاب  7x9  نچن وارو  پورو  پـنو  ڪتاب  40   صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته هن جِي  قيمت ڪانه آهي، هن  جو هي  پهريون  ڇاپو   ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو آهي

9.       جوت: پهريون ڪتاب (خواندگي نصاب 2007 مطابق) 2010 آزمائشي ڇاپو
هي ڪتاب ”جوت“، پهريون ڪتاب بالھن جي تعليم لاءِ آهي ، جيڪو ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم ۽ تعليم ۽ خوندگي کاتو حڪومت سنڌ طرفان 2010ع ۾ پهريون ڇاپو آزمائشي طور ڇپي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد شاهه، مهرالنساءِ لاڙڪ، فهميده چنه، سيد امداد حسيني، سيد شير شاه ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي؛ جڏهن ته نگران اعليٰ عبدالوهاب عباسي ۽ ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويو، سيد امداد حسيني ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي شامل آهن. انهن کان علاوهٰ ڇپائيءَ جا نگران سڪندر ملاح ۽ عزيزبانو چنه آهن، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هدايت الله جوڻيجو ڪئي آهي. هي سڄو ڪتاب جي سهڻي ڇپائيءَ سان رنگين ۽ باتصويرن سان ڇپيل آهي. ڪتاب ۾ شامل سبقن ۾ ڪجهه نوان ته ڪجهه وري پراڻن ڪتابن تان ورتل آهن. ڪتاب جي سڀني سبقن ۾ ايرابن يعني زير، زبر، پيش ۽ ڳالهائڻ جي نشانين يعني عجب جي نشاني، سواليه نشاني، دم، اڌ دم وغيره جو صحي استعمال آيل آهي. هي ڪتاب 100 صفحن جو، جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه آهي. ڪتاب جو ڏيک واري رنگين جلد تي ڪجهه عورتن کي هڪ استاد عورت پڙهائي رهي آهي. ڪتاب يونيسڪو جي مدد سان سنڌ جي تعليم ۽ خوندگي کاتو حڪومت سنڌ گڏيل طور ڇپايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هي ڪتاب سائين محمد ابراهيم جويي جو آخري ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ايڊيٽ ڪيائون.

10.  سنڌي زبان جي بنيادي لغت
هي هڪ نه پر سڄيون ساريون ٽي مختلف هيتن جون لغتون آهن. تنهن ڪري هنن کي لغتون ڪري سڏجي ته بهتر ٿيندو. هي هٿ اکرن سان لکيل آهن، جيڪي ليٿو پريس تي ڇپيون ويون آهن. ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي. ٻاهريو ڏيک وارو جلد هڪ طرف سنڌيءَ ۾ ۽ ٻئي طرف وري انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي. هنن مان فائدو حاصل ڪرڻ يا هن جي استعمال جو طريقو پڻ اندر مهاڳ ۾ ڏسيل آهي. سادا لفظ، مزڪر ۽ مونث، جمع واحد ۽ گرامر جو آسان استعمال پڻ ڏسيو ويو آهي. پهرين پر سڀني ڪتابن جي ساڳئي ئِي پيش لفظ ۾ جناب غلام رباني آگرو لکي ٿو ته ” تاريخ 8 جون 1972ع تي، حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪتابي سال ملهائڻ لاءِ مکيه علمي ادارن جي سربراهن ۽ نمائدن جي اسلام آباد ۾ هڪ ميٽنگ ڪوٺائي. جنهن ۾ مون ( غلام رباني آگرو) کي سڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جي نمائندي جي حيثيت ۾، انهيءَ ميٽنگ ۾ سڏيو ويو. مذڪور ميٽنگ ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل ٽن ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي ضرورت ۽ اهميت تي گفتگو ٿي.“ رباني صاحب اڳتي لکي ٿو ته ” پروفيسر سيد غلامصطفيٰ شاهه صاحب ۽ مون کي هدايت ڪئي وئي ته جيئن ته اِهي ڪتاب نئينءَ تعليمي پاليسيءَ هيٺ بالغن جي تعليم لاءِ گهربل آهن، انڪري جيترو جلد ٿي سگهي انهن کي جلدي تيار ڪرائي حڪومت کي موڪليا وڃن.“ رباني صاحب اُنهيءَ پنهنجي پيش لفظ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ان کان پوءِ جلدي ئي سنڌ جي تعليمدانن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي وئي. انهيءَ ميٽنگ ۾ مذڪور ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي مسئلن ۽ ڪم جي طريقه ڪار بابت ويچار ڪيو ويو ۽ مذڪور ٽنهي فهرستن جي تياريءَ جو ڪم ماهرن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي سپرد ڪيو ويو، جنهن جو ڪنوينر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ميمبرن ۾ محمد ابراهيم جويوصاحب، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ سيد محمد صالح شاهه بخاري صاحب مقررڪيا ويا ۽ محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب کي انهن ٽنهي فهرستن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اُنهن عالمن جي محنت ۽ تحقيق جي نتيجي طور سنڌي زبان جون زير نظر بنيادي لفظن جون ٽي لغتون مرتب ٿيون آهن.“

                                           I.            سنڌي زبان جي بنيادي لغت
بنيادي لغت جا لفظ                                               800
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                                     75
سڀ قومي لفظ                                                    175
ڪل لفظ                                      1050
       
                                        II.            سنڌ زبان جي وڌايل بنيادي لغت
بنيادي لغت جا لفظ                                               800
وڌايل لفظ                                                          450
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                                     75
سڀ قومي لفظ                                                    175
ڪل لفظ                                      1500

                                     III. سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت
بنيادي لغت جا لفظ                                               800
وڌايل لفظ                                                          450
ڪاروباري لفظ                                                    750
ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                                    75
سڀ قومي لفظ                                                    175
                                   ڪل لفظ                                      2250
هِنَ مٿين ٽن لغتن جا ڪتاب وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران جوڙايا ويا ۽ پنهنجي ئي اداري  پاران 1973ع ۾ ڇاپيا ويا آهن. جن جي مواد جو وَچُور مٿي ڏنو ويو آهي. هن لغتن جي جوڙڻ يا سهيڙيندڙن ۾ غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ محمد صالح شاهه بخاري، جڏهن ته هنن کي ايڊٽ ڪندڙ يا سموهيندڙ سيد حسام الدين راشدي جن آهن. اڳتي هلي هيءَ لغت وڏي جامع لغت سان ملي عام ٿي وئي.

حوالا:
1-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   اچو ته وڌيڪ پڙهون:  بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو  ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو  پهريون. صفحه53  قيمت .؟    رپيا
2-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   اچو ته لکون: لکڻ جو پهريون   ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو  پهريون. صفحه49  قيمت .؟    رپيا
3-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   ڪتاب (1): پڙهڻ جو پرائيمري   ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو  پهريون. صفحه  41   قيمت .؟    رپيا
4-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)   ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريون   ڪتاب .  حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1987 ع. ڇاپو  ٻيو. صفحه  54   قيمت .؟    رپيا
5-       جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)  ڪتاب  (2):  پڙهڻ جو پهريوڻ ڪتاب. ڪراچي: نيشنل بڪ فائونڊيشن. 1985ع. ڇاپو پهريون. صفحه 52  قيمت ؟ رپيا
6-       ملڪ، محمد اقبال.......(لکندڙ)  عملي حساب: بالغن لاءِ. ڄامشورو: اداره نصاب ۽ توسيع تعليم سنڌ. سال ؟ ڇاپو پهريون. صفحه  40 ، قيمت ؟ رپيا
7-       شاهه، سحر امداد (ڊاڪٽر).......(لکندڙ)  جوت :   پهريوڻ ڪتاب. ڪراچي: ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم، تعليم ۽ خواندگي کاتو، سنڌ. ڇاپو پهريون. صفحه 100   قيمت ؟ رپيا
8-       جويو، محمد يوسف.( 2016) محمد ابراهيم جويو:نصابي ڪتابن جوڙڻ ۾ هڪ اهم ڪردار.ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. ٽه ماهي مهراڻ. جلد 66، نمبر 1-2 ، ص 25، 37- 39. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
9-       غلام رباني آگرو.( 1973) پيش لفظ. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
10-    سنڌي زبان جي بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
11-    سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ
12-    سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت (1973). حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ