9.24.2019

ساهه سُريتو سائين:گرڏنو گانگاڻي


محمد يوسف جويو                                     
         سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي  جي شهر ٽنڊو محمد خان جي ريوا چند گهٽي (مير پاڙو) ۾ رهندڙ سيٺ سرڳواسي ايسرداس گانگاڻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اسان جو ساهه سُريتو سائين  گر ڏنو گانگاڻي تاريخ 24 سيپٽمبر 1945ع تي ڄاوا ۽ پنهنجي چاچي لونگ مل گانگاڻي جي سرپرستيءَ ۾ سندس ئي گهر ننڍا ٿي وڏا ٿيا. پاڻ  سجاول شهر جي پرائيمري اسڪول  مان شروعاتي تعليم ورتائون. ميٽرڪ جو امتحان سجاول جي  هاءِ اسڪول مان 1962ع ۾ پاس ڪيو،  هي اسڪول سجاول جي سماج سڌارڪ جناب محمد يوسف چانڊيو جو جوڙايل آهي، سائين ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ سال  موڙ ٻڌي گهوٽ بڻجي شادي ڪئي. 1978ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، جي شعبي لائبريري سائنس مان ماسٽر آف لائبريري سائنس جي ڊگري وٺي ڪري ان ئي شعبي ۾ ليڪچرار ٿي ويو ۽ ايسوسيئٽ پروفيسر جي عهدي تائين پهچندي  2005ع ۾ رٽائر ٿيو آهي. نوڪريءَ دوران پاڻ پڙهندو ۽ لکندو  رهيو اهڙيءَ طرح پاڻ  پڙهندي سنڌيءَ  ۾ ايم اي، قانون ۾ ايل ايل بي ۽ ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ جون ڊگريون پڻ  حاصل ڪيون. ان کان علاوهٰ پاڻ کوڙ سارا تحقيقي مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن۽ ڪجهه  ڪتاب پڻ  لکيا آهن جن جو مختصر احوال هيٺين ريت ڏجي ٿو
1.  گانگاڻي،گرڏنو:شيخ اياز شخصيت ۽ فن.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1998ع200ص
2. گانگاڻي،گرڏنو:انساني تهذيب ۽ ڪتب خانا.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1996ع 138ص
3. گانگاڻي،گرڏنو(مترجم):لائبريرين شپ جا سماجي بنياد.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگارپبليڪيش2000ع 136ص
4. گانگاڻي،گرڏنو:انٽرنيٽ.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار  پبليڪيشن،1999ع 200ص 
5. گانگاڻي،گرڏنو: ڪمپيوٽر سائنس.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيش. 1999ع 208ص
6. گانگاڻي،گرڏنو:آئينه ڪتب خانا.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-----ع
7. گانگاڻي،گرڏنو:ڌرم ۽ مذهب.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-------ع
8. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس ۽ ان  جا اصول.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،----ع
9. گانگاڻي،گرڏنو: ڪتب خانن جي اهميت.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،---------ع
10. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٽيون).حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،-------ع
سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري  ۾ ڪئي شعبا پاڙهيا وڃن ٿا جن مان لائبريري سائنس شعبو به هڪ آهي، هي هاڻي ترقي ڪري لائبريري انفارميشن سائنس اينڊ آرڪاوئيز اسٽڊي ڊپارٽ بنجي ويو آهي. مادر علميءَ جي سوشل سائنس فيڪلٽيءَ  جي  ٻين شعبن هي هڪ نهايت مختلف ۽ پروفيشنل ڊگري ڏيندڙ ادارو آهي. سائين گرڏنو گانگاڻي  بحيثيت استاد جي ڏاڍو محنتي ، جفاڪش ۽ ساهه سريڪو شخص رهيو آهي. سدائين پنهنجي شاگردن کي همٿائيندو، اتساهه ڏياريندو رهندو، ۽ پاڻ جيئن 1995ع ۾ پاڪستان لائبريري ايسوسيئشن  سنڌبرانچ  جي  اگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو.  ۽  پنهنجي سرگرميءَ کي تيز ڪندي پنهنجي  شاگردن توڙي  هم-شعبي جي  ٻين ساٿين کي پي ايل اي سنڌ برانچ جو ميمبر ڪيائين. واندو ويهڻ هن کي اصل ڪين ايندو هو بس ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ جنبيو پيو هوندو آهي. ۽ نتيجي ۾ هيترا سارا ڪتاب لکي  پنهنجي شعبي جو مان مٿاهون ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ به اضافو ڪيائين ته اسان شاگردن جو به ڀلو ٿي پيو ڇو ته سنڌيءَ  ۾ لائبريري سائنس  جي موضوع تي  تمام ٿورڙن ماڻهن لکيو آهي تن کي به شابس هجي جن ۾ ؛ محترم  سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ، محترم شاهه محمد بلوچ  ۽  محترم دوست محمد ڀٽي  سرِ فهرست آهن. سائين گر ڏنو گانگاڻي جي شخصيت تي مختلف عالمن جا رايا ڪجهه هن ريت آهن.محترم سرڪش سنڌي چوي ٿو؛ ”گرڏنو گنگاڻي به ڄامشوري ۾ رهندي، ڄام شوري جي هوائن  جئين سدائين تحرڪ ۾ رهيو آهي. سندس روح ۾ هميشه لڇ پڇ رهي آهي. پاڻ جيڪي، جنهن محنت ۽ اکين کي اوجاڳا ڏيڻ سان حاصل ڪيو اٿس سو امانت با سلامت ساڳيءَ محنت سان اسان جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندي، پنهنجو انساني اخلاقي ۽ علمي فرض بنا ڪنهن غفلت يا بي پرواهيءَ جي ادا ڪندو رهي ٿو.“   وڌيڪ لکي ٿو ته ”تپندڙ ڏينهن جي اُس ۽ اُڃُ ۾ ٿڌي ڇانوري ۽ پاڻيءَ جهڙو معتبر ۽ محترم هيءُ استاد، لائبريري سائنس ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر جي حيثيت سان نه رڳو نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت سان شاهوڪار ڪندو رهي ٿو پر مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وسعتن جيئن وسيع دل، دماغ رکندڙ هيءُ شخص پنهنجي علم کي قلم جي زبان ڏيئي، اسان کي / اسن جي لائبريرين کي مختلف علمي تحفا به ڏيندو رهي ٿو.“محترم سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ لکي ٿو؛ ” مسٽر گرڏنو، جو شاگري جي زماني کان ئي محنت  ۽ مشقت ڏانهن لاڙو هو. هن  پڙهڻ دوران پهرين سال ۾ ٽيون  ۽ ٻئين سال ۾ پهريون نمبر کڻي 1978ع ۾ ڊپاٽمينت ۾ استاد جي حيثيت سان شامل ٿيو. ان کان پوءِ هن لابريري ۽ انفارميشن سائنس جي مضمون ۾ ترجمي ۽ تحقيق ۾ پاڻ گهڻو موکيو  اٿائين. وقت جي تقاضائن جو به خوبي خيال رکيو اٿائين.“سائين گرڏنو صاحب  پنهنجي باري ۾ ۽ پنهجي لکيل مواد جي باري ۾ لکي ٿو ته؛  ”لائبريري سائنس هڪ پيشورانه علم هجڻ سان گڏوگڏ هڪ با قا عدهٰ سائنس  جي حيثيت به رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان هن جهڙي اهم شعبي ۾ اسان جي شاگردن کي پنهنجي  مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي ڪتاب مهيا ٿيل نه آهن.“سائين جا شاگرد سڄي سنڌ  جي مختلف ڪاليجن، پبلڪ لائبريرين  ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ وڏن وڏن گريڊن ۾ ڪم ڪري رهايا آهن، پر جڏهن ته  هي سچو ۽ کرو انسان  وقت ۽ سماج سان ڀيچي ٿي نه بيهي سگهيو آهي.  هن جي سادي، سٻاجهي ۽ ٻاجهاري طبيعت ئي اصل ڪمزوري بنجي وئي اهوئي سبب آهي جو هن عظيم استاد سان زماني وڏيون ٺڳيون ڪيون، دوکا ڏنا ته اتي پنهنجا به پراوا بنجي ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو، هاڻي  پاڻ تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي  پنهنجي  زندگي گمنام طور  گذاري رهيو آهي. 
(نوٽ: هي مضمون سائينءَ جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هو)

9.12.2019

Book review of Sindhi short story



                                               
 محمد يوسف جويو
روين جو چهرو/ راجن مڱريو:  (ڪتاب جو جائزو)

            سانگھڙ جتي  جي رستن تي سڄو ڏينهن چنگُچي (Qing Qi)  ڀنڀورين جيان ڀون ڀون ڪنديون ٿيون وتن، ها! اهو سانگھڙ آهي جتي شايد سنڌ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ وڻڪار نظر اچي ٿي. شهر جي سڀني رستن تي ، گھرن جي اڱڻن تي، سرڪاري آفيسن جي اڳيان، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ تمام گھڻي وڻڪار ٿيل آهي. وڏا واڏ وڻ جن ۾ نم، سرهه، پپر، ٽالهي ۽ نيو ڪلپٽس جي وڻن جي اڪثريت شامل آهي. وري شهر جي ٻاهر چوڌاري ٻنيون جن ۾ ڪپهه جو فصل، ڪمند ، جوئر، ٻاجھري، ڪيلن جا باغ، انبن جا باغ ، ليمن ۽ ڄمن جا باغ ان کان علاوهٰ ٻيا مُند آهر فصل ۽ ميوا  جام ٿين ٿا مطلب ته چوڌارين ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي  ٿي.اهڙي سدا آباد شهر ۾ وري سدا جوان رهندڙ سنڌي قوم جا قبيلا جن جي بهادريءَ انگريز سرڪار جا واڄٽَ وڄائي ڇڏيا ها، جنهن جو پڙاڏو اڄ به تاريخ ۾ واضع ٻُڌڻ ۾اچي رهيو آهي.
            مان ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتيءَ جو رهواسي سوچيان ٿو ته ڄامشوري جا اُهي ’شهيد‘ جن ’ڪارن‘ سان ويڙهه ڪندي پنهنجو رت ڏنو ۽ هِنَنِ ’سانگھڙ جي شهيدن‘ جن گورن سان ويڙهه ڪندي پنهنجو رت ڏنو . تنهن ٻنهي جي رت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟  آءُ اهو به سوچيان ٿو ته ڪالهه جي گورن ۽ اڄ جي ڪارن ۾ ڪهڙو فرق آهي!  اهي سنڌي  قوم جي مختلف ذاتين وارا قبيلا”حُرَ“ جي نالي سان مشهور آهن. جن پنهنجي رهبر، هادي ۽ مرشد جي حڪم تي ڌرتيءَ مٿان قبضي خور انگريزن سان ويڙهه ڪندي ساهه ڏنو پر پنهنجي مرشد مٿان ويساهه نه ڇڏيو.
سانگھڙ شهر ۾ سنڌ جي ڏاهن اديبن جي تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي پڻ شاخ قائم آهي. سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ دانشورن جي هي واحد تنظيم آهي، جنهن ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين ادب ۽ ٻولي جي واڌ ويجھ لاءِ هڪ اڻٿڪ ويڙهه ۽ ڪوشش ڪئي آهي. اهوئي سبب آ جو هتان جا سنگتي حر تاريخ تي “ جھونگار “۽ منصور“ جھڙا ميگزين منظر عام تي آڻي رهيا آهن ان کان علاوهَ سنگت جي ٻين ميمبرن جا پڻ تخليقي ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن جنهن مان اسان جي دوست “ راجن مڱريو“ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ روين جوچهرو“ پڻ هڪ نج ادبي ڪتاب طور ظاهر ٿيوآهي. سنڌي ادبي سنگت اهو پليٽفارم آهي جتان دوستين به جنم ورتو آهي ۽ اختلاف به پيدا ٿيا آهن. اهي دوستيون ادب ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي جڙنديون آهن. پر انهن ۾ هڪ فرق آهي، اهو   ته دوستيون صرف محبت جي بنياد تي پيدا ٿينديون آهن۽ دشمنيون وري مفاد جي ڪري جڙنديون آهن. اهو محبت ۽ مفاد جو تضاد ازل کان هلندڙ آهي. منهنجو به راجن مڱريو سان واسطو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽفارم تان محبت جي بنياد تي شروع ٿيو ۽ اسان جي محبت جو مرڪز سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌ آهي.
            راجن جي ڪتاب “روين جو چهرو“ جي نالي سان جنهن ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون ترتيب وار ڏنل آهن. ڪهاڻيون ڏاڍيون ساديون ۽ مقصد واريون آهن. اهي ڪهاڻيون مشاهداتي تاثراتي ۽ محسوساتي آهن. سڀني ۾ حقيقت تان پردو کنيو ويو آهي. مثال طور ” تتل لوهه ، ڪبوتري گلوبائيزيشن  ۽  جواري“ اهي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ليکڪ جيڪي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تنهن کي اُنهيءَ انداز۽ نموني سان لکي اسان سڀني آڏو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي. راجن جي ڪتاب ”روين جو چهرو“ تي جيڪڏهن تنقيدي نظر وجهي بي ته هي سڀ ڪهاڻين ڪي گهري مطلب واريون ڪونه آهن يا ادبي ٽيڪنيڪ جي لحاظ  کان به مڪمل خا مين کان خالي ڪو نه آهي. ڪن ڪهاڻين ۾ ڳالهه اڌوري ڇڏي وئي آهي.  جيئي ڪهاڻي “والي“ آهي. پر ان جي جاءِ تي ڪهاڻي “ تتل لوهه “ پُر ۽ پُر مطلب آهي. راجن جون ڪهاڻيون بلڪل ساديون آهن. هن جن مسئلن کي کنيو آهي. اهي نهايت  ننڍڙا پر اسان هيٺين طبقن جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا اهمُ آهن. اسان جي سماج ۾ اسان جي پنهنجن ڏانهن رويا آهن! انهن کي ڏاڍي سادي نموني پيش ڪيو آهي. ائين جيئن استاد بخاريءَ جي شاعري سادي ۽ سلوڻي آهي. خود  راجن  به سادو ۽ معصوم نوجوان آهي. سندس رويا پڻ سدا آهن. پوءِ  ڀلا! سندس لکڻيون ڇو نه ساديون هجن!. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي. ته ”دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پاپ (گناهه) لفظن جي هيراڦيري ڪرڻ آهي“ هن ڪتاب ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ڪتاب ۾ سڌي ڳالهه، نج ادبي انداز ۾ ڪيل آهي. جيڪا راجن مڱريو جي ڏاهپ ۽ سادگيءَ جو هڪ وڏو مثال آهي.

نوٽ: هي مضمون 20.12.2002ع جي شام جو ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيو ويو.



Book review


  



محمد يوسف جويو

                         جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو/امر لغاري:  ( ڪتاب جو مطالعو)

            ڪائنات جي سونهن رڳو انسان سان ڪا نه آهي. پر ان جي سونهن ۽ خوبصورتي پکين سان، گلن سان، وڻن ٽڻن سان، جيت جڻين سان ۽ جانورن سان پڻ ڳنڍيل آهي. بلڪ ڪائنات جي سونهن تڏهن ئي مڪمل ٿئي ٿي جڏهن اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ فطرتي آزاديءَ سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي گھمي ڦري سگھن ۽ پنهنجو نسل وڌائي سگھن. ڪائنات جي هن وايو منڊل ۾ عجيب منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سمنڊ درياهه، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٻيلا، بيابان، جھنگ ۽ جبل وري انهن ۾ رهندڙ قدرت جي عجيب وغريب مخلوق جنهن جو تعلق سڌي طرح يا اڻسڌي طرح جُڳن کان انسان سان رهندو اچي _ اهڙو فطرتي ماحول اسان جي مٺڙي سنڌ کي پڻ ميسر آهي. هتان جو درياسنڌو جنهن جي ٻنهي ڪنارن کان وڏا وڏا ٻيلا هوندا هئا (جيڪي هن وقت اسان جي محافظ ادارن طرفان وڍائي پٽ ڪيا ويا آهن) جنهن جي وچ مان سنڌو درياهه ڇوٽ وهندو هو. ڪتاب لکن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو جي ذريعي واپار ڪيو ويندو هو. پر افسوس جو اڄ اهو سڪي ٺوٺ ٿي  ويو آهي. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ درياهه جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ نتيجي ۾ سمنڊ مٿي پائيندو پيو اچي. ”جت سنڌو ۾ سمنڊ وهي ٿو“ ڪتاب ۾ ڪل يارنهن (11) مضمون24 ڦوٽو جيڪي مختلف ماڳن، جانورن ۽ پکين جا آهن. ان کان علاوهٰ نقشه جنهن ۾ هڪ سنڌو جو ۽ ٻيو هاڻوڪي مَکِي ۽ چوٽياريڊيم جنهن ۾ ڀرپاسي وارا ماڳ واضح طور ڏسيل آهن. مشاهداتي مطالعي تي ٻڌل ڪتاب امر لغاري جو ئِي آهي. ڪتاب جو نالو جنهن مضمون مان کنيو ويو آهي. اهو مضمون سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هنڌ سنڌو جو پاڻي هيٺ سمنڊ ۾ نه ڪِرڻ جي ڪري سمنڊ سنڌوءَ ۾ وهي رهيو آهي. ڪو وقت هو جو سنڌومَستُ ٿي وهندو هو، ٻوڏ ڪندو هو، ڪُن هڻندو هو ۽ اُن جي تِکِي سِير ۾ غورابا (ننڍا جھاز) هلندا هئا، انهن جي ذريعي واپار ٿيندو هو. لطيف جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳي سڄا اهڙن بيتن سان ڀريا پيا آهن لطيف چئي ٿو.
لُڙَ، لهريون، لَسَ ،ليٽ، جتي اُت نه آب جو،
  الله    اُتِ مَ   اوليين ،  ٻيڙا    مٿي   ٻيت،
    جوکو ٿئي مَ  جھاز کي ، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
     لڳي ڪا مَ لپيٽ ،   هن  غاريبي  غُرابَ  کي،

دريائي ڇوڙ جو ذڪر ڪندي امر لغاري چاچي عرس ملاح جي چواڻي لکي ٿو ته “ .... ۽ اڄ توهان ڏسو سمنڊ ڪيترو نه ڇُڙواڳُ  ٿي اڳتي وڌي آيو آهي.  جي دريا ۾ پاڻي هجي ها ته اڄ به سمنڊ ڏڪندو ڪنبندو پوئتي هليو وڃي ها ، درياهه جي دهشت اڳيان سمنڊ ڪجهه به نه آهي، سائين!“ اهو آ، اسان جي سنڌوءَ جو حال پوءِ ڇو نه سمنڊ سال به سال ٻنهي پاسي زمين پاڻيءَ هيٺ آڻي! درياءَ تي بئراج ۽ ڊيمن ٺهڻ سان هيٺ پڇڙي واري خطي ۾ پاڻي جي نه پچڻ جي صورت ۾ ’ٻا ٻيهو، آٿڙڪي، ٺوڙهي ۽ سڄڻ واري‘ دريائي ڇوڙن (ڊيلٽا) ۾ سمنڊ ، ”اندر“ وهي رهيو آهي.

  نه ڪا بوءِ بازار ۾ ، نه ڪا ڇلُر ڇَٽ،
جئي ڏُنڀرين جِي، اَڳي هُئي اُگھٽ،
  سي پِڙُ پسيو پَٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.

’ٽائيڊل لنڪ‘ جيڪو گذريل سامونڊي طوفان ۾ تباهه ٿي چڪو آهي، ۽ ات هاڻي سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. ان ڪناري جي پکين جو ذڪر ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته ٻَگھ ۽ سانهون، ڳاڙهيون سِرڻيون، بدڪ، ڪانيرو ۽ ڳاڙهي چنهب واري لاکي ڄاڃين پکين جا وَلرَ آهن. هت پيڻ پکي ٻن قسمن جا رهن ٿا، اُهي سڀ مڇي ۽ پاڻيءَ جي ٻين جانورن تي گذر ڪن ٿا. ٽائيڊل لنڪ  سان گڏ “مهرو ڍنڍ ۽ چولري ڍنڍ“ جيڪي ٻئي هاڻي سمنڊ سان ملي هڪ ٿي ويون آهن. اڳتي لکي ٿو ته هن علائقي کي پکين لاءِ پناهه گاهه  (Birds Sanctuary) قرار ڏنو وڃي ٿو“ هي اپيل فطرت سان پيار ڪندڙ ۽ حساس دل رکندڙ امر لغاري جي آهي. جنهن ماحوليات تي هي سنڌيءَ ۾ منفرد ڪتاب لکي اسان سڀني کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ڇاڇر ۾ ڇيرون“ مضمون بدين ضلع جي ان خطي جو نوحو بڻجي چڪو آهي.
سانگھڙ ضلع ۾ جيئن ته ڍنڍن جو چڱو خاصو تعداد موجود هئڻ ڪري مڇيءَ سان گڏ پاڻيءَ جي ٻي مخلوق جهڙوڪ واڳون ۽ سيسر واڳون پڻ هت جا رهواسي هئا، جيڪي هاڻ ريڊ انڊين جيان ختم ٿي چڪا آهن. هن مضمون ۾ رڳو ضلع نواب شاهه جي ديهه اڪرو-2 ۾ رڳو 46 ڍنڍن جو ذڪر ٿيل آهي، جن مان چند باقي وڃي بچيون آهن، باقي ٻيون سڀ ختم ٿي چڪيون آهن. سانگهڙ جي مکي جي ڍنڍ جوذڪر ڪندي پيهوڙي پکيءَ جو احوال اوري ٿو. هي پکي پاڻيءَ تي ترندڙ سائي گاهه جي مٿان پيهِي ٺاهي پوءِ ان پڌر تي آنا لاهي رکندو آهي ۽ اِهو ئِي اُن جو آکيرو ۽ ٻچن ڏيڻ جو هند آهي. چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي ڪري هي تاريخي ڍنڍ پڻ متاثر ٿي آهي. سائبيريا کان سانگراڙيءَ تائين جي مضمون ۾ پرديسي مهمان پکين ۽ ٻين مقامي پکين جا نالا کڻي اسان کي ڄاڻ ڏئي ٿو مثال طور ’چيڪلا، ڳيهڻو ، آڙي،  ٿوراندو،  ٻُهاڙ (ٻه قسم) ڦرائو(هي پکي سيٽيون هڻندڙ آهي) رونهارو، نيرڳ، هنج ، لاکي ڄاڃين،  پيڻ، کنڀو، هنجر، اڇڙو ۽ چيهه وغيره جنهن جو  هتان جا شڪاري شوقينَ شڪار ڪن ٿا،  جنهن جي ڪري هتي پکين جو اچڻ گھٽ ٿي ويو آهي.
            سانگھڙ شهر کان 11 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پڪسري نالي هڪ هنڌُ آهي. جنهن کي پڪسري ريگيوليٽر پڻ سڏيو ويندو آهي. هتان ٽي واهه نڪرن ٿا جيڪي بان واهه.کپرو واهه .۽ ڍوري واهه جي نالي سان مشهور آهن. هتان جو خوبصورت منظر ڏسڻ وٽان آهي. هتي ڪنهن وقت ۾ وڻن جا هُشام هوندا هئا. جيڪي هاڻ وڍي ڀڙڀانگ ڪيا ويا آهن. قدرتي سونهن کي داغدار ڪيو ويو آهي: ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو ته پڪسري تي جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي آهي ته اُها آهي ”وڻن جي وڍ جي وڃڻ جِي!“، اِهي وڻ جن ۾ سِرينهه، ٽالهيون، گدامڙي، ليسوڙا، پپر، نمون، آسري لوا، بَهڻ ۽ ڪنڊا جيڪي نه رڳو هن پڪسري جي سونهن هئا پر مکي ٻيلي جو حصو پڻ هئا. وڻ ماحولياتي زندگي آهي. ۽ جيڪڏهن توهان اندازو ڪريو  وڻ وڍ جي وڃي ته ڇا اها زندگي باقي رهندي! يا هن ڌرتيءَ جي سونهن باقي رهندي؟
چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي ڪري فائدو ته ٺهيو پر هن خطي جو جيڪو ٻيو نقصان ٿيو آهي. تهنهن جو اندازو، ”ڏوگريون ۽ ڪهڪارو“  ٻن تاريخي ڍنڍن جي سُڪِي وڃڻ مان لڳائي سگھجي ٿو. جنهن جي دامن ۾ انيڪ قسمن جا پکي ۽ ٻِي آبِي جيوت رهندا هئا. جيڪي هاڻ مشڪل سان ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
            اڇڙي ٿر جي معصوم جانور “سنڌي هرڻ“  تي مضمون لکي سچ پچ ته امر لغاريءَ انسانيت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته هي جانور اسان جي ڌرتيءَ  تان لاڏاڻو ڪري وڃي رهيو آهي يعني هن جانور گُگدام جا قصا هاڻ رڳو اسان جي ڪتابن ۾ ئي پڙهنداسين.  ڳالهه ٿر جي هلي ۽ ان ۾ اٺ جو ذڪر نه هجي ائين ٿي نه ٿو سگھي ڇاڪاڻ ته اٺ ٿر جو ڏاهو ۽ فيل مست جانور آهي. ٿر جي ميلن ۾ اٺ جي ڊوڙ مشهور آهي. ٿر ۾ اٺ خاص قسم جا پاليا ويندا آهن جن ۾ پارڪري ، ڍاٽي، جيسلمري ۽ عام ٿري اٺ اچِي وڃن ٿا. اٺ جي کاڌي بابت ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي امر لغاري اسان کي ٻڌائي ٿو ته اٺ ڄار(ڪالر) ڪنڊي، لاڻو ، ڪرڙ، کپ ۽ ڦوڳ  وڏي شوق سان کائي ٿو. اهڙيءَ طرح ٿر ۽ مهُراڻي جي اهم وڻ “ڪنڊيءَ“ جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪو پڻ تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي.
            اسان جي دين اسلام ۾ حق ٻن قسمن جا آهن، هڪڙو حقوق الله يعني پالڻهار جا حق. جيڪو ماڻهو نماز پڙهي ۽ ٻيون مختلف عبادتون ڪري مالڪ کي ريجھائيندو آهي. ۽ ٻيو حق حقوق العباد آهي يعني انسان جا انسان تي ۽ انسان تي قدرت جي ٻي ”بي زبان مخلوق جا حق “ آهن جيڪي اڄ جي انسان وساري ڇڏيا آهن _ ڪتاب “جتي سنڌو ۾سمنڊ وهي ٿو “ پڙهڻ سان اهو سڀ ڪجھ معلوم ٿي ويندو ته اسان الله تعالى جي مخلوق جا حق ادا ڪرڻ جي بجاءِ ڪيئن انهن جو زيان ڪري رهيا آهيون ۽ جنهن جو نتيجو نيٺ اسان کي ئي ڀوڳڻو آهي.

نوٽ: هي مضمون 25.04.2004ع جي شام جو هن ڪتاب جي مطاعلاتي ويهڪ ۾ پڙهيو ويو.