9.24.2019

ساهه سُريتو سائين:گرڏنو گانگاڻي


محمد يوسف جويو                                     
         سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي  جي شهر ٽنڊو محمد خان جي ريوا چند گهٽي (مير پاڙو) ۾ رهندڙ سيٺ سرڳواسي ايسرداس گانگاڻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اسان جو ساهه سُريتو سائين  گر ڏنو گانگاڻي تاريخ 24 سيپٽمبر 1945ع تي ڄاوا ۽ پنهنجي چاچي لونگ مل گانگاڻي جي سرپرستيءَ ۾ سندس ئي گهر ننڍا ٿي وڏا ٿيا. پاڻ  سجاول شهر جي پرائيمري اسڪول  مان شروعاتي تعليم ورتائون. ميٽرڪ جو امتحان سجاول جي  هاءِ اسڪول مان 1962ع ۾ پاس ڪيو،  هي اسڪول سجاول جي سماج سڌارڪ جناب محمد يوسف چانڊيو جو جوڙايل آهي، سائين ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ سال  موڙ ٻڌي گهوٽ بڻجي شادي ڪئي. 1978ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، جي شعبي لائبريري سائنس مان ماسٽر آف لائبريري سائنس جي ڊگري وٺي ڪري ان ئي شعبي ۾ ليڪچرار ٿي ويو ۽ ايسوسيئٽ پروفيسر جي عهدي تائين پهچندي  2005ع ۾ رٽائر ٿيو آهي. نوڪريءَ دوران پاڻ پڙهندو ۽ لکندو  رهيو اهڙيءَ طرح پاڻ  پڙهندي سنڌيءَ  ۾ ايم اي، قانون ۾ ايل ايل بي ۽ ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ جون ڊگريون پڻ  حاصل ڪيون. ان کان علاوهٰ پاڻ کوڙ سارا تحقيقي مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن۽ ڪجهه  ڪتاب پڻ  لکيا آهن جن جو مختصر احوال هيٺين ريت ڏجي ٿو
1.  گانگاڻي،گرڏنو:شيخ اياز شخصيت ۽ فن.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1998ع200ص
2. گانگاڻي،گرڏنو:انساني تهذيب ۽ ڪتب خانا.حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،1996ع 138ص
3. گانگاڻي،گرڏنو(مترجم):لائبريرين شپ جا سماجي بنياد.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگارپبليڪيش2000ع 136ص
4. گانگاڻي،گرڏنو:انٽرنيٽ.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار  پبليڪيشن،1999ع 200ص 
5. گانگاڻي،گرڏنو: ڪمپيوٽر سائنس.حيدرآباد.ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيش. 1999ع 208ص
6. گانگاڻي،گرڏنو:آئينه ڪتب خانا.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-----ع
7. گانگاڻي،گرڏنو:ڌرم ۽ مذهب.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،-------ع
8. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس ۽ ان  جا اصول.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،----ع
9. گانگاڻي،گرڏنو: ڪتب خانن جي اهميت.حيدرآباد. ڊاڪٽر محمد علي قاضي يادگار پبليڪيشن،---------ع
10. گانگاڻي،گرڏنو:لائبريري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٽيون).حيدرآباد.گلشن پبليڪيشن،-------ع
سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري  ۾ ڪئي شعبا پاڙهيا وڃن ٿا جن مان لائبريري سائنس شعبو به هڪ آهي، هي هاڻي ترقي ڪري لائبريري انفارميشن سائنس اينڊ آرڪاوئيز اسٽڊي ڊپارٽ بنجي ويو آهي. مادر علميءَ جي سوشل سائنس فيڪلٽيءَ  جي  ٻين شعبن هي هڪ نهايت مختلف ۽ پروفيشنل ڊگري ڏيندڙ ادارو آهي. سائين گرڏنو گانگاڻي  بحيثيت استاد جي ڏاڍو محنتي ، جفاڪش ۽ ساهه سريڪو شخص رهيو آهي. سدائين پنهنجي شاگردن کي همٿائيندو، اتساهه ڏياريندو رهندو، ۽ پاڻ جيئن 1995ع ۾ پاڪستان لائبريري ايسوسيئشن  سنڌبرانچ  جي  اگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو.  ۽  پنهنجي سرگرميءَ کي تيز ڪندي پنهنجي  شاگردن توڙي  هم-شعبي جي  ٻين ساٿين کي پي ايل اي سنڌ برانچ جو ميمبر ڪيائين. واندو ويهڻ هن کي اصل ڪين ايندو هو بس ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ جنبيو پيو هوندو آهي. ۽ نتيجي ۾ هيترا سارا ڪتاب لکي  پنهنجي شعبي جو مان مٿاهون ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ به اضافو ڪيائين ته اسان شاگردن جو به ڀلو ٿي پيو ڇو ته سنڌيءَ  ۾ لائبريري سائنس  جي موضوع تي  تمام ٿورڙن ماڻهن لکيو آهي تن کي به شابس هجي جن ۾ ؛ محترم  سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ، محترم شاهه محمد بلوچ  ۽  محترم دوست محمد ڀٽي  سرِ فهرست آهن. سائين گر ڏنو گانگاڻي جي شخصيت تي مختلف عالمن جا رايا ڪجهه هن ريت آهن.محترم سرڪش سنڌي چوي ٿو؛ ”گرڏنو گنگاڻي به ڄامشوري ۾ رهندي، ڄام شوري جي هوائن  جئين سدائين تحرڪ ۾ رهيو آهي. سندس روح ۾ هميشه لڇ پڇ رهي آهي. پاڻ جيڪي، جنهن محنت ۽ اکين کي اوجاڳا ڏيڻ سان حاصل ڪيو اٿس سو امانت با سلامت ساڳيءَ محنت سان اسان جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندي، پنهنجو انساني اخلاقي ۽ علمي فرض بنا ڪنهن غفلت يا بي پرواهيءَ جي ادا ڪندو رهي ٿو.“   وڌيڪ لکي ٿو ته ”تپندڙ ڏينهن جي اُس ۽ اُڃُ ۾ ٿڌي ڇانوري ۽ پاڻيءَ جهڙو معتبر ۽ محترم هيءُ استاد، لائبريري سائنس ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر جي حيثيت سان نه رڳو نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت سان شاهوڪار ڪندو رهي ٿو پر مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وسعتن جيئن وسيع دل، دماغ رکندڙ هيءُ شخص پنهنجي علم کي قلم جي زبان ڏيئي، اسان کي / اسن جي لائبريرين کي مختلف علمي تحفا به ڏيندو رهي ٿو.“محترم سائين ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ لکي ٿو؛ ” مسٽر گرڏنو، جو شاگري جي زماني کان ئي محنت  ۽ مشقت ڏانهن لاڙو هو. هن  پڙهڻ دوران پهرين سال ۾ ٽيون  ۽ ٻئين سال ۾ پهريون نمبر کڻي 1978ع ۾ ڊپاٽمينت ۾ استاد جي حيثيت سان شامل ٿيو. ان کان پوءِ هن لابريري ۽ انفارميشن سائنس جي مضمون ۾ ترجمي ۽ تحقيق ۾ پاڻ گهڻو موکيو  اٿائين. وقت جي تقاضائن جو به خوبي خيال رکيو اٿائين.“سائين گرڏنو صاحب  پنهنجي باري ۾ ۽ پنهجي لکيل مواد جي باري ۾ لکي ٿو ته؛  ”لائبريري سائنس هڪ پيشورانه علم هجڻ سان گڏوگڏ هڪ با قا عدهٰ سائنس  جي حيثيت به رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان هن جهڙي اهم شعبي ۾ اسان جي شاگردن کي پنهنجي  مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي ڪتاب مهيا ٿيل نه آهن.“سائين جا شاگرد سڄي سنڌ  جي مختلف ڪاليجن، پبلڪ لائبريرين  ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ وڏن وڏن گريڊن ۾ ڪم ڪري رهايا آهن، پر جڏهن ته  هي سچو ۽ کرو انسان  وقت ۽ سماج سان ڀيچي ٿي نه بيهي سگهيو آهي.  هن جي سادي، سٻاجهي ۽ ٻاجهاري طبيعت ئي اصل ڪمزوري بنجي وئي اهوئي سبب آهي جو هن عظيم استاد سان زماني وڏيون ٺڳيون ڪيون، دوکا ڏنا ته اتي پنهنجا به پراوا بنجي ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو، هاڻي  پاڻ تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي  پنهنجي  زندگي گمنام طور  گذاري رهيو آهي. 
(نوٽ: هي مضمون سائينءَ جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هو)

9.12.2019

Book review of Sindhi short story



                                               
 محمد يوسف جويو
روين جو چهرو/ راجن مڱريو:  (ڪتاب جو جائزو)

            سانگھڙ جتي  جي رستن تي سڄو ڏينهن چنگُچي (Qing Qi)  ڀنڀورين جيان ڀون ڀون ڪنديون ٿيون وتن، ها! اهو سانگھڙ آهي جتي شايد سنڌ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ وڻڪار نظر اچي ٿي. شهر جي سڀني رستن تي ، گھرن جي اڱڻن تي، سرڪاري آفيسن جي اڳيان، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ تمام گھڻي وڻڪار ٿيل آهي. وڏا واڏ وڻ جن ۾ نم، سرهه، پپر، ٽالهي ۽ نيو ڪلپٽس جي وڻن جي اڪثريت شامل آهي. وري شهر جي ٻاهر چوڌاري ٻنيون جن ۾ ڪپهه جو فصل، ڪمند ، جوئر، ٻاجھري، ڪيلن جا باغ، انبن جا باغ ، ليمن ۽ ڄمن جا باغ ان کان علاوهٰ ٻيا مُند آهر فصل ۽ ميوا  جام ٿين ٿا مطلب ته چوڌارين ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي  ٿي.اهڙي سدا آباد شهر ۾ وري سدا جوان رهندڙ سنڌي قوم جا قبيلا جن جي بهادريءَ انگريز سرڪار جا واڄٽَ وڄائي ڇڏيا ها، جنهن جو پڙاڏو اڄ به تاريخ ۾ واضع ٻُڌڻ ۾اچي رهيو آهي.
            مان ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتيءَ جو رهواسي سوچيان ٿو ته ڄامشوري جا اُهي ’شهيد‘ جن ’ڪارن‘ سان ويڙهه ڪندي پنهنجو رت ڏنو ۽ هِنَنِ ’سانگھڙ جي شهيدن‘ جن گورن سان ويڙهه ڪندي پنهنجو رت ڏنو . تنهن ٻنهي جي رت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟  آءُ اهو به سوچيان ٿو ته ڪالهه جي گورن ۽ اڄ جي ڪارن ۾ ڪهڙو فرق آهي!  اهي سنڌي  قوم جي مختلف ذاتين وارا قبيلا”حُرَ“ جي نالي سان مشهور آهن. جن پنهنجي رهبر، هادي ۽ مرشد جي حڪم تي ڌرتيءَ مٿان قبضي خور انگريزن سان ويڙهه ڪندي ساهه ڏنو پر پنهنجي مرشد مٿان ويساهه نه ڇڏيو.
سانگھڙ شهر ۾ سنڌ جي ڏاهن اديبن جي تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي پڻ شاخ قائم آهي. سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ دانشورن جي هي واحد تنظيم آهي، جنهن ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين ادب ۽ ٻولي جي واڌ ويجھ لاءِ هڪ اڻٿڪ ويڙهه ۽ ڪوشش ڪئي آهي. اهوئي سبب آ جو هتان جا سنگتي حر تاريخ تي “ جھونگار “۽ منصور“ جھڙا ميگزين منظر عام تي آڻي رهيا آهن ان کان علاوهَ سنگت جي ٻين ميمبرن جا پڻ تخليقي ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن جنهن مان اسان جي دوست “ راجن مڱريو“ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ روين جوچهرو“ پڻ هڪ نج ادبي ڪتاب طور ظاهر ٿيوآهي. سنڌي ادبي سنگت اهو پليٽفارم آهي جتان دوستين به جنم ورتو آهي ۽ اختلاف به پيدا ٿيا آهن. اهي دوستيون ادب ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي جڙنديون آهن. پر انهن ۾ هڪ فرق آهي، اهو   ته دوستيون صرف محبت جي بنياد تي پيدا ٿينديون آهن۽ دشمنيون وري مفاد جي ڪري جڙنديون آهن. اهو محبت ۽ مفاد جو تضاد ازل کان هلندڙ آهي. منهنجو به راجن مڱريو سان واسطو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽفارم تان محبت جي بنياد تي شروع ٿيو ۽ اسان جي محبت جو مرڪز سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌ آهي.
            راجن جي ڪتاب “روين جو چهرو“ جي نالي سان جنهن ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون ترتيب وار ڏنل آهن. ڪهاڻيون ڏاڍيون ساديون ۽ مقصد واريون آهن. اهي ڪهاڻيون مشاهداتي تاثراتي ۽ محسوساتي آهن. سڀني ۾ حقيقت تان پردو کنيو ويو آهي. مثال طور ” تتل لوهه ، ڪبوتري گلوبائيزيشن  ۽  جواري“ اهي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ليکڪ جيڪي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تنهن کي اُنهيءَ انداز۽ نموني سان لکي اسان سڀني آڏو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي. راجن جي ڪتاب ”روين جو چهرو“ تي جيڪڏهن تنقيدي نظر وجهي بي ته هي سڀ ڪهاڻين ڪي گهري مطلب واريون ڪونه آهن يا ادبي ٽيڪنيڪ جي لحاظ  کان به مڪمل خا مين کان خالي ڪو نه آهي. ڪن ڪهاڻين ۾ ڳالهه اڌوري ڇڏي وئي آهي.  جيئي ڪهاڻي “والي“ آهي. پر ان جي جاءِ تي ڪهاڻي “ تتل لوهه “ پُر ۽ پُر مطلب آهي. راجن جون ڪهاڻيون بلڪل ساديون آهن. هن جن مسئلن کي کنيو آهي. اهي نهايت  ننڍڙا پر اسان هيٺين طبقن جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا اهمُ آهن. اسان جي سماج ۾ اسان جي پنهنجن ڏانهن رويا آهن! انهن کي ڏاڍي سادي نموني پيش ڪيو آهي. ائين جيئن استاد بخاريءَ جي شاعري سادي ۽ سلوڻي آهي. خود  راجن  به سادو ۽ معصوم نوجوان آهي. سندس رويا پڻ سدا آهن. پوءِ  ڀلا! سندس لکڻيون ڇو نه ساديون هجن!. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي. ته ”دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پاپ (گناهه) لفظن جي هيراڦيري ڪرڻ آهي“ هن ڪتاب ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ڪتاب ۾ سڌي ڳالهه، نج ادبي انداز ۾ ڪيل آهي. جيڪا راجن مڱريو جي ڏاهپ ۽ سادگيءَ جو هڪ وڏو مثال آهي.

نوٽ: هي مضمون 20.12.2002ع جي شام جو ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيو ويو.



Book review


  



محمد يوسف جويو

                         جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو/امر لغاري:  ( ڪتاب جو مطالعو)

            ڪائنات جي سونهن رڳو انسان سان ڪا نه آهي. پر ان جي سونهن ۽ خوبصورتي پکين سان، گلن سان، وڻن ٽڻن سان، جيت جڻين سان ۽ جانورن سان پڻ ڳنڍيل آهي. بلڪ ڪائنات جي سونهن تڏهن ئي مڪمل ٿئي ٿي جڏهن اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ فطرتي آزاديءَ سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي گھمي ڦري سگھن ۽ پنهنجو نسل وڌائي سگھن. ڪائنات جي هن وايو منڊل ۾ عجيب منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سمنڊ درياهه، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٻيلا، بيابان، جھنگ ۽ جبل وري انهن ۾ رهندڙ قدرت جي عجيب وغريب مخلوق جنهن جو تعلق سڌي طرح يا اڻسڌي طرح جُڳن کان انسان سان رهندو اچي _ اهڙو فطرتي ماحول اسان جي مٺڙي سنڌ کي پڻ ميسر آهي. هتان جو درياسنڌو جنهن جي ٻنهي ڪنارن کان وڏا وڏا ٻيلا هوندا هئا (جيڪي هن وقت اسان جي محافظ ادارن طرفان وڍائي پٽ ڪيا ويا آهن) جنهن جي وچ مان سنڌو درياهه ڇوٽ وهندو هو. ڪتاب لکن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو جي ذريعي واپار ڪيو ويندو هو. پر افسوس جو اڄ اهو سڪي ٺوٺ ٿي  ويو آهي. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ درياهه جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ نتيجي ۾ سمنڊ مٿي پائيندو پيو اچي. ”جت سنڌو ۾ سمنڊ وهي ٿو“ ڪتاب ۾ ڪل يارنهن (11) مضمون24 ڦوٽو جيڪي مختلف ماڳن، جانورن ۽ پکين جا آهن. ان کان علاوهٰ نقشه جنهن ۾ هڪ سنڌو جو ۽ ٻيو هاڻوڪي مَکِي ۽ چوٽياريڊيم جنهن ۾ ڀرپاسي وارا ماڳ واضح طور ڏسيل آهن. مشاهداتي مطالعي تي ٻڌل ڪتاب امر لغاري جو ئِي آهي. ڪتاب جو نالو جنهن مضمون مان کنيو ويو آهي. اهو مضمون سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هنڌ سنڌو جو پاڻي هيٺ سمنڊ ۾ نه ڪِرڻ جي ڪري سمنڊ سنڌوءَ ۾ وهي رهيو آهي. ڪو وقت هو جو سنڌومَستُ ٿي وهندو هو، ٻوڏ ڪندو هو، ڪُن هڻندو هو ۽ اُن جي تِکِي سِير ۾ غورابا (ننڍا جھاز) هلندا هئا، انهن جي ذريعي واپار ٿيندو هو. لطيف جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳي سڄا اهڙن بيتن سان ڀريا پيا آهن لطيف چئي ٿو.
لُڙَ، لهريون، لَسَ ،ليٽ، جتي اُت نه آب جو،
  الله    اُتِ مَ   اوليين ،  ٻيڙا    مٿي   ٻيت،
    جوکو ٿئي مَ  جھاز کي ، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
     لڳي ڪا مَ لپيٽ ،   هن  غاريبي  غُرابَ  کي،

دريائي ڇوڙ جو ذڪر ڪندي امر لغاري چاچي عرس ملاح جي چواڻي لکي ٿو ته “ .... ۽ اڄ توهان ڏسو سمنڊ ڪيترو نه ڇُڙواڳُ  ٿي اڳتي وڌي آيو آهي.  جي دريا ۾ پاڻي هجي ها ته اڄ به سمنڊ ڏڪندو ڪنبندو پوئتي هليو وڃي ها ، درياهه جي دهشت اڳيان سمنڊ ڪجهه به نه آهي، سائين!“ اهو آ، اسان جي سنڌوءَ جو حال پوءِ ڇو نه سمنڊ سال به سال ٻنهي پاسي زمين پاڻيءَ هيٺ آڻي! درياءَ تي بئراج ۽ ڊيمن ٺهڻ سان هيٺ پڇڙي واري خطي ۾ پاڻي جي نه پچڻ جي صورت ۾ ’ٻا ٻيهو، آٿڙڪي، ٺوڙهي ۽ سڄڻ واري‘ دريائي ڇوڙن (ڊيلٽا) ۾ سمنڊ ، ”اندر“ وهي رهيو آهي.

  نه ڪا بوءِ بازار ۾ ، نه ڪا ڇلُر ڇَٽ،
جئي ڏُنڀرين جِي، اَڳي هُئي اُگھٽ،
  سي پِڙُ پسيو پَٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.

’ٽائيڊل لنڪ‘ جيڪو گذريل سامونڊي طوفان ۾ تباهه ٿي چڪو آهي، ۽ ات هاڻي سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. ان ڪناري جي پکين جو ذڪر ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته ٻَگھ ۽ سانهون، ڳاڙهيون سِرڻيون، بدڪ، ڪانيرو ۽ ڳاڙهي چنهب واري لاکي ڄاڃين پکين جا وَلرَ آهن. هت پيڻ پکي ٻن قسمن جا رهن ٿا، اُهي سڀ مڇي ۽ پاڻيءَ جي ٻين جانورن تي گذر ڪن ٿا. ٽائيڊل لنڪ  سان گڏ “مهرو ڍنڍ ۽ چولري ڍنڍ“ جيڪي ٻئي هاڻي سمنڊ سان ملي هڪ ٿي ويون آهن. اڳتي لکي ٿو ته هن علائقي کي پکين لاءِ پناهه گاهه  (Birds Sanctuary) قرار ڏنو وڃي ٿو“ هي اپيل فطرت سان پيار ڪندڙ ۽ حساس دل رکندڙ امر لغاري جي آهي. جنهن ماحوليات تي هي سنڌيءَ ۾ منفرد ڪتاب لکي اسان سڀني کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ڇاڇر ۾ ڇيرون“ مضمون بدين ضلع جي ان خطي جو نوحو بڻجي چڪو آهي.
سانگھڙ ضلع ۾ جيئن ته ڍنڍن جو چڱو خاصو تعداد موجود هئڻ ڪري مڇيءَ سان گڏ پاڻيءَ جي ٻي مخلوق جهڙوڪ واڳون ۽ سيسر واڳون پڻ هت جا رهواسي هئا، جيڪي هاڻ ريڊ انڊين جيان ختم ٿي چڪا آهن. هن مضمون ۾ رڳو ضلع نواب شاهه جي ديهه اڪرو-2 ۾ رڳو 46 ڍنڍن جو ذڪر ٿيل آهي، جن مان چند باقي وڃي بچيون آهن، باقي ٻيون سڀ ختم ٿي چڪيون آهن. سانگهڙ جي مکي جي ڍنڍ جوذڪر ڪندي پيهوڙي پکيءَ جو احوال اوري ٿو. هي پکي پاڻيءَ تي ترندڙ سائي گاهه جي مٿان پيهِي ٺاهي پوءِ ان پڌر تي آنا لاهي رکندو آهي ۽ اِهو ئِي اُن جو آکيرو ۽ ٻچن ڏيڻ جو هند آهي. چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي ڪري هي تاريخي ڍنڍ پڻ متاثر ٿي آهي. سائبيريا کان سانگراڙيءَ تائين جي مضمون ۾ پرديسي مهمان پکين ۽ ٻين مقامي پکين جا نالا کڻي اسان کي ڄاڻ ڏئي ٿو مثال طور ’چيڪلا، ڳيهڻو ، آڙي،  ٿوراندو،  ٻُهاڙ (ٻه قسم) ڦرائو(هي پکي سيٽيون هڻندڙ آهي) رونهارو، نيرڳ، هنج ، لاکي ڄاڃين،  پيڻ، کنڀو، هنجر، اڇڙو ۽ چيهه وغيره جنهن جو  هتان جا شڪاري شوقينَ شڪار ڪن ٿا،  جنهن جي ڪري هتي پکين جو اچڻ گھٽ ٿي ويو آهي.
            سانگھڙ شهر کان 11 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پڪسري نالي هڪ هنڌُ آهي. جنهن کي پڪسري ريگيوليٽر پڻ سڏيو ويندو آهي. هتان ٽي واهه نڪرن ٿا جيڪي بان واهه.کپرو واهه .۽ ڍوري واهه جي نالي سان مشهور آهن. هتان جو خوبصورت منظر ڏسڻ وٽان آهي. هتي ڪنهن وقت ۾ وڻن جا هُشام هوندا هئا. جيڪي هاڻ وڍي ڀڙڀانگ ڪيا ويا آهن. قدرتي سونهن کي داغدار ڪيو ويو آهي: ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو ته پڪسري تي جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي آهي ته اُها آهي ”وڻن جي وڍ جي وڃڻ جِي!“، اِهي وڻ جن ۾ سِرينهه، ٽالهيون، گدامڙي، ليسوڙا، پپر، نمون، آسري لوا، بَهڻ ۽ ڪنڊا جيڪي نه رڳو هن پڪسري جي سونهن هئا پر مکي ٻيلي جو حصو پڻ هئا. وڻ ماحولياتي زندگي آهي. ۽ جيڪڏهن توهان اندازو ڪريو  وڻ وڍ جي وڃي ته ڇا اها زندگي باقي رهندي! يا هن ڌرتيءَ جي سونهن باقي رهندي؟
چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي ڪري فائدو ته ٺهيو پر هن خطي جو جيڪو ٻيو نقصان ٿيو آهي. تهنهن جو اندازو، ”ڏوگريون ۽ ڪهڪارو“  ٻن تاريخي ڍنڍن جي سُڪِي وڃڻ مان لڳائي سگھجي ٿو. جنهن جي دامن ۾ انيڪ قسمن جا پکي ۽ ٻِي آبِي جيوت رهندا هئا. جيڪي هاڻ مشڪل سان ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
            اڇڙي ٿر جي معصوم جانور “سنڌي هرڻ“  تي مضمون لکي سچ پچ ته امر لغاريءَ انسانيت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته هي جانور اسان جي ڌرتيءَ  تان لاڏاڻو ڪري وڃي رهيو آهي يعني هن جانور گُگدام جا قصا هاڻ رڳو اسان جي ڪتابن ۾ ئي پڙهنداسين.  ڳالهه ٿر جي هلي ۽ ان ۾ اٺ جو ذڪر نه هجي ائين ٿي نه ٿو سگھي ڇاڪاڻ ته اٺ ٿر جو ڏاهو ۽ فيل مست جانور آهي. ٿر جي ميلن ۾ اٺ جي ڊوڙ مشهور آهي. ٿر ۾ اٺ خاص قسم جا پاليا ويندا آهن جن ۾ پارڪري ، ڍاٽي، جيسلمري ۽ عام ٿري اٺ اچِي وڃن ٿا. اٺ جي کاڌي بابت ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي امر لغاري اسان کي ٻڌائي ٿو ته اٺ ڄار(ڪالر) ڪنڊي، لاڻو ، ڪرڙ، کپ ۽ ڦوڳ  وڏي شوق سان کائي ٿو. اهڙيءَ طرح ٿر ۽ مهُراڻي جي اهم وڻ “ڪنڊيءَ“ جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪو پڻ تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي.
            اسان جي دين اسلام ۾ حق ٻن قسمن جا آهن، هڪڙو حقوق الله يعني پالڻهار جا حق. جيڪو ماڻهو نماز پڙهي ۽ ٻيون مختلف عبادتون ڪري مالڪ کي ريجھائيندو آهي. ۽ ٻيو حق حقوق العباد آهي يعني انسان جا انسان تي ۽ انسان تي قدرت جي ٻي ”بي زبان مخلوق جا حق “ آهن جيڪي اڄ جي انسان وساري ڇڏيا آهن _ ڪتاب “جتي سنڌو ۾سمنڊ وهي ٿو “ پڙهڻ سان اهو سڀ ڪجھ معلوم ٿي ويندو ته اسان الله تعالى جي مخلوق جا حق ادا ڪرڻ جي بجاءِ ڪيئن انهن جو زيان ڪري رهيا آهيون ۽ جنهن جو نتيجو نيٺ اسان کي ئي ڀوڳڻو آهي.

نوٽ: هي مضمون 25.04.2004ع جي شام جو هن ڪتاب جي مطاعلاتي ويهڪ ۾ پڙهيو ويو.

8.19.2019

Curriculum of Library Science


 محمد يوسف جويو

لائبريري سائنس جو نصاب

ڪنهن به شيءِ، هنر يا علم کي سکڻ لاءِ، ان کان اڳ ۾ ان  جي لاءِ  هڪ رٿابندي، ترتيب، منصوبابندي يا ڪي قاعدا قانون جوڙيا يا ٺاهيا ويندا آهن، ته جئين اهو ڪم هڪ خاص ترتيب ۽ معيار سان جڙي مڪمل ٿئي ۽ اهو  نتيجو پڻ ڏئي، ڇاڪاڻ ته جي ڪو ڪم ڪجي، ته ان جو مطلب آهي ته ان مان انسان ذات کي ڪو فائدو ملي تڏهن چئبو ته هي ڪم ڪنهن معيار جو آهي!  پر جيڪڏهن اهو ڪم ڪوبه فائدو نه ٿو ڏئي ته سمجهبو ته ان ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ جيڪو ارادو، رٿابندي، ترتيب يا قاعدا قانون جوڙيا ويا هئا سي غلط آهن يا بنهه غير معياري آهن، جنهن جي ڪري ڪم جي ڪا به رزلٽ يا نتيجو نه مليو آهي. هاڻ  ان جو مطلب ٿيو ته ڪنهن به شيءِ کي ٺاهڻ لاءِ يا ڪو به هنر سکڻ لاءِ يا علم حاصل ڪرڻ کان اڳ جيڪا رٿابندي،ترتيب،پاليسي، قاعدا قانون يا اصول جوڙيا وڃن سي هڪ اعليٰ معيار جا هجڻ کپن ۽  ان کي علمي  ٻوليءَ  ۾  نصاب يا ان  جي رٿابندي چئبو آهي.
لائبريريون تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جو اهڃاڻ هونديون آهن. انهن مان اسان کي هزارين سالن جي محفوظ پيل تاريخ ملي ٿي، هاڻ ته هن نئين دور ۾ لائبريري هڪ انفارميشن ريسورس سينٽر Information Resource Center   جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. جنهن جي ذريعي پڙهندڙن  کي نئين ۽ تازي معلومات دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ، ملڪ يا علائقي مان تمام ٿوري وقت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي. لائبريريءَ کي نظم و ضبط سان، ڪن قاعدن قانونن تحت هلائڻ ۽ وري  پڙهندڙن  کي صحيح، درست ۽ تڪڙي معلومات  ميسر ڪري ڏيڻ  به  هڪ علم ۽ اعليٰ فن جو طريقو آهي.  جنهن کي علم لائبريري  ۽  انفارميشن سائنس چئجي ٿو. اڳ ۾ هي علم صرف يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندو هو، هاڻ هن علم جي اهميت کي محسوس ڪندي هيٺين سطح جي ڪلاسن (اسڪولن ۽ ڪاليجن) ۾ پڻ هڪ ”اليڪٽو سبجيڪٽ Elective Subject   طور گذريل ڪجهه عرصي کان پڙهايو  پيو وڃي.

نصاب(Curriculum)  :
نصاب جنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪريڪيوليم چئجي ٿو ڪريڪيوليم کي ڊڪشنري آف ايجيوڪيشن ۾ هيٺيئن ريت واضح ڪيو ويو آهي:

-A systematic group of course or sequences of subject required for Graduation or certification in major field of study i.e Social Studies curriculum or Language Curriculum

-A general overall plan of the content or specific materials of instruction that the school should offer the student by way of qualifying him for graduation or certification or for entrance in to a professional or a vocational field.

Good, Carter V. (Editor): Dictionary of Education. Carter V.Good, Editor; New York, McGraw-Hill Book Company, III rd Edition.1973, P.157

نصاب جو لفظ تمام وسيع معنيٰ رکي ٿو، ان جي مفهوم ۾ سماج جو ڪل وهنوار، درسگاهه جو اندروني ۽ ٻاهريون ماحول، قومي ثقافت ۽ تمدن ، تاريخ ۽ دنيا جي  ارتقا  وغيره جا سڀ احوال  اچي وڃي ٿو.
دنيا ۾ نصاب ملڪ جي قومي تعليمي پاليسيءَ جي مطابق جوڙيو ويندو آهي، ڪنهن به ملڪ جي قومي تعليمي پاليسي ان جي سماج جي جديد گهرجن ۽ قومي نظرين جي مطابق هوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ مختلف  حڪومتي دورن  ۾ تعليمي پاليسيون اينديون رهيون آهن انهن جو ڪو خاص وقت يا عرصو مقرر نه آهي؛ انهن پاليسين جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

1.     پاڪستان ۾ پهرين تعليمي ڪانفرنس 27 نومبر 1947ع ۾ قائد آعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ٿي هئي، ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪيا ويا تن کي تعليمي پاليسيءَ جو درجو مليل آهي.
2.     1959ع قومي تعليمي پاليسي
3.     1970ع قومي تعليمي پاليسي
4.     1972ع قومي تعليمي پاليسي
5.     1979ع قومي تعليمي پاليسي
6.     1992ع قومي تعليمي پاليسي
7.     1988ع قومي تعليمي پاليسي
8.     9 سيپٽمبر 2009ع قومي تعليمي پاليسي، هيءَ موجود ه حڪومت جي وفاق جي، تعليم جي وزير محترم مير هزار خان بجارڻي پڌري ڪئي آهي.
       (نوٽ: مٿين پاليسين جو تفصيل انٽرنيٽ تان ورتو ويو آهي )

انهن تعليمي پاليسين کان علاوهٰ مختلف وقتن ۾ مختلف تعليمي پلان پڻ اچي چڪا آهن، پر انهن پاليسين ۽ پلانن جي مطابق به تعليمي ڪم ٿي نه سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته جلدي جلدي حڪومتن جو تبديل ٿيڻ ان جو وڏو سبب آهي.
   
علم لائبريري سائنس جو نصاب: اعليٰ ثانوي ڪلاسن ۾ پڙهايو ويندڙ لائبريري سائنس جو مضمون آپشنل آهي ۽ ان جو پڻ ڪريڪيوليم تيار ٿيل/ منظور ٿيل  آهي ۽ اهو هر سال  ريوائيزڊ ڪيو ويندو آهي پر هت گهڻي وقت کان اهو ڪريڪيوليم ريوائيزڊ نه ڪيو ويو آهي جنهن جو پڻ تفصيل هن ريت آهي:

·        پنجاب ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي طرفان پهريون ڀيرو لائبريري سائنس جي مضمون جي  نصاب کي جوڙڻ لاءِ نيشنل ڪريڪيوليم سب ڪاميٽي  (National Curriculum Sub Committee)  جوڙي وئي، جنهنجو ڪنوينر ڊاڪٽر محمد علي قاضيهيو ان سان گڏ ٻيا ست ميمبر پڻ کنيا ويا هئا. ڪريڪيوليم سب ڪاميٽيءَ پنهنجو فرض پورو ڪندي لائبريري سائنس جو پهريون ڀيرو ڪريڪيوليم ( نصاب ) جوڙي ڪري پڌرو ڪيو ويو. جيڪو ”ڪريڪيوليم ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ سينٽر لاهور، مئي 1977ع ۾ نيشنل ڪور ڪاميٽيءَ  طرفان شايع ڪيو ويو هو.
·        هن ڀيري لائبريري سائنس جو نصاب 1988ع ۾ پڌرو ٿيو، جيڪو اڳوڻي نصاب کان نئون ،  ان وقت جي  ۽ لائبريرينشپ جي گهرجن جي مطابق جوڙيل هو. هي يارهن سالن کان پوءِ  پڌرو  ڪيو ويو هو، ان نصاب مطابق ئي صوبن جي ٽيڪسٽ  بڪ بورڊن  ڪتاب تيار ڪرايا ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچيءَ ( پبلشر )  طرفان، لائبريري سائنس ڪلاس يارهين ۽ ٻارهين لاءِ، 2001ع ۾ ڇپي پڌرا ڪيا ويا. ان مطابق ”لائبريري سائنس“ جي تعليم صوبن جي اعليٰ ثانوي ڪلاسن ۾ شروع ڪئي وئي.
·        هاڻي  2009ع ۾  ٽيون ڀيرو 21 سالن کان پوءِ لائبريري سائنس جو نصاب نئين ۽ جديد تقاضائن مطابق، ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجي ۽ انهن جي جديد گهرجن مطابق ريوائيزڊ ڪيو پيو وڃي، جيڪو اميد آهي ته گذريل نصاب کان بهتر هوندو.
He is eminent Scholar, Teacher and Librarian as well as the founder and first Chairmen of the Deportment of Library Science, University of Sindh, Jam shoro and also Convener of the national Curriculum Sub Committee in Library Science for Class XI-XII, Lahore: May 1977

◘ National Bureau of Curriculum and Text Book, Government of Pakistan, Ministry of Education, Islamabad, 1988


A Introduction of Library and Information Science




محمد يوسف جويو                                                                                            
لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو تعارف
قومي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪتاب ۽ ڪتبخانن جو اهم ڪردار رهيو آهي، اڄ اسان جيڪا دنيا ۾ هيڏي وڏي ترقي ڏسي رهيا آهيون، اها انهن ڪتابن ۽ ڪتبخانن جي ئي بدولت نظر اچي رهي آهي. هن دور جديد ۾ ڪتابن ۽ ڪتبخانن جو خاص علم پڙهائي ڪري ان جي اهميت کي چار چنڊ لڳايا ويا آهن، جنهن جو نالو علم لائبريري سائنس آهي. هي اهڙو علم آهي جنهن جي وسيلي خبر پوي ٿي ته ڪتاب ۽ ڪتبخانا ڪئين وجود ۾ آيا ۽ پنهنجي ترقيءَ جي منزل طئه ڪري ڪهڙيءَ طرح اڄ هن منزل تي پهتا آهن. ويهين صدي جي آخري ڏهاڪي تائين هن علم جي  لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر آءُ هتي ڪوشش ڪري علم لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو مڪمل تعارف، لائبريريءَ جي معنيٰ، مفهوم  ۽ ان جي اهميت کي پڙهندڙن جي آڏو اجاڳر ڪندس.
ڪاغذ جي ايجاد کان اڳ ماڻهو وڻن جي ڇوڏن يا جانورن جي کلن تي لکندا هئا. لائبريري لاطيني ( Latin) ٻوليءَ جي لفظ لائبر مان نڪتل آهي  جنهن جون ٻه معنائون آهن، هڪ معنيٰ آهي ڪتاب ۽ ان جي ٻي معنيٰ  ڇوڏو آهي. جيڪو پوءِ ڪتاب جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو جنهن مان موجوده انگريزي لفظ لائبريري نڪتل آهي جنهن کي اسان ڪتبخانو پڻ چئون ٿا. قديم وقت ۾ انگريز پڻ ڪاٺ يا ڇوڏي تي لکندا هئا ۽ ان کي هو ”باڪ“ چوندا هئا، انگريزي لفظ بُڪ يعني ڪتاب ان مان نڪتل آهي.
اهو به چوڻ ۾ اچي ٿو ته لفظه ”لائبريري يوناني ٻوليءَ جي لفظه بائبلس (Bibles) مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ  پئپيرس   ( Papyrus )  آهي.هن لفظ مان وري بائبلينس  بوڪ (Biblions Book)  مان ٺهيو، جنهن سان  جيڪڏهن اسان ٿيڪ (Theke) ملايون ته ببليوٿيڪ ٺهي پوندو جنهن جي معنيٰ ٿيندي، ڪتابن جو مجموعو، لائبريري يا ڪتب خانو.“
هن سائنسي دور ۾ لائبريريءَ لاءِ اهو سمجهڻ ته هي فقطه ڪتابن رکڻ جي جاءِ آهي ته اهو ان جو پراڻو ۽ غير مروج استعمال ٿيندو، هينئر ان خيال جي ڪو به پوئواري نه ڪندو ته لائبريري فقطه ڪتابن  گڏ ڪرڻ جي جاءِ يا ڪو گدام/ اسٽور آهي. بهرحال تاريخ سان لاڳاپو قائم رکڻ خاطر ائين چئي سگهجي ٿو ته لائبريري ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد (Book and Non Book material) جو ذخيرو آهي. هن صديءَ جي سائنسي دور ۾ لائبريريءِ جي اها تاريخي حيثيت وقت جي تيز وهڪري ۽ بدلجندڙ تقاضائن سان هم ڪنار رهندي بدلجي وئي آهي، انهيءَ ڪري لفظه لائبريري ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد جي ذخيري سان گڏوگڏ انهن شين جو بهترين ۽ آسان استعمال سان ڪيل فائدن ۽ نتيجن جو نالو ليکيو وڃي ٿو.
هن موجوده وقت ۾ لائبريري جو وسطو ٻن خاص نقطن سان آهي، هڪ ته اتي موجود ذخيري جي خاطر خواهه سنڀال ڪرڻ ۽ ٻيو ته اتي موجود مواد مان پڙهندڙن کي لاڀ حصل ڪرڻ واسطي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهي ڪري ڏيڻ آهي ته جيئن پڙهندڙ جي قيمتي وقت جو صحيح استعمال ٿئي، انهيءَ ڪري هينئر لائبريري کي هڪ اطلاعاتي / رسائي ءَ جو مرڪز Information / Resource Centre)   ( چئجي ٿو.جتان زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي آسانيءَ سان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، اهڙيءَ طرح ڪتبخانن مان انسان ذات وڏو علمي فائدو حاصل ڪيو آهي، خاص ڪري سائنس ۽ ٻين علمن جي ترقياتي پاسن ما ته کيس وڏي روشني ملي آهي. انهن ڪتبخانن، تخليقي ۽ روحاني صلاحيتن سان گڏ پيشوراڻا قابليتن ۾ به وڏو اضافو آندو آهي ۽ ان جي ئي بدولت علم و هنر کي وڏو فروغ حاصل ٿيندو رهيو آهي. ڪتبخانن جا مختلف قسم ٿيندا آهن جن جو مثال هيٺين ريت  آهي.


1.قومي ڪتبخانو  (National Library)    
            هي ڪتبخانو هر ملڪ پنهنجي لاءِ  قومي  سطح تي  قائم ڪندو آهي، ته جيئن ملڪ ۾ هر ڇپجندڙ مواد (ڪتاب، اخبار  يا ٻيو  ڪو  تاريخي مواد  وغيرهه )  هن لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي.

2.عوامي ڪتبخانو(Public Library)                                 
هي گورنمينٽ جي طرفان وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ قئم ڪيا ويندا آهن جن کي ملڪ جو ثقافت سياحت کاتو/ايجيوڪيشن کاتو پهنهنجي نگرانيءَ ۾ هلائيندو اهي، هن ٻاراڻا ۽ موبائيل لائبريريز پڻ  هن لائبريريءَ جا حصا آهن.
3.تعليمي ڪتبخانو(Academic Library)                         
هي گورنمينٽ توڙي خانگي تعليمي ادارن جهڙوڪ يونيورسٽي، ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ قائم ڪيا ويندا آهن، جيڪي انهن جي مزاج مطابق ۽ انهن جي پڙهڻ جي ئي ڪورس مطابق سهولتون مهيا ڪندو آهي.
4.تحقيقي  ڪتبخانو(Research Library)                         
هي ملڪ ۾ هڪ مضبوط اداري جي حيثيت رکندا آهن ڇو ته هنن ڪتبخانن مان ئي  ماڻهو تحقيق ڪري وڏوا اسڪالر، اديب، سائنسدان ۽ سياستدان بنجندا آهن، هنئن ته هر ڪتبخانو به تحقيق جي ڪم لائق هوندا آهن پر هي ان جي نسبت ۾ وڌيڪ جامع هوندا آهن. هن جو مثال انسٽيٽيوٽ  آف سنڌالاجي جو تحقيقي ڪتبخانو آهي.
5.خاص/ اسپيشل ڪتبخانو(Special Library)                   
هي ڪنهن مخصوص ۽ خاص ادارن ۾ قائم ڪيا ويندا آهن، جيئن جيل، اسپتال، انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جي اسڪولن، بئنڪ جا ڪتبخانا ، تعليمي يا انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالائجيءَ جي ادارن جا ڪتبخانا وغيره، هنن جو ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو هوندو آهي.

اطلاعاتي سائنس: سماج کي دنيا ۾ نون رجحانن ۽ علمي ذوق جي طلب کان آگاهه ڪرڻ لاءِ لائبريري اهڙو قومي سرمايو آهي، جيڪو انفرادي، طبقاتي، قومي ۽ ارتقائي ڊوڙ ۾ ٻوٽي طور لڳايو وڃي ٿو.اڄوڪي وقت ۾ جتي عوام سان رابطي جو ذريعو ريڊيو، ٽي وي، ڊش سيٽلائيٽ، موبائيل فون، پريس ۽ انٽرنيٽ آهي ته ٻئي طرف ڪتاب جي استعمال ۽ ان جي وڌاري لاءِ لائبريري پڻ وڏي مددگار ثابت ٿي چڪي آهي.
اطلاعات (Information) جو تصور ويهن صديءَ جو جديد  رنگ روپ آهي، انفارميشن جو اهم اضافو ۽ تعلق ڪنهن ماجي ترقي ۽ واڌاري سان ٿئي ٿو انفارميشن ئي ترقي جي راهه تي تڪڙو هلڻ جي سگهه ڏئي ٿي،موقعو فراهم ڪري ٿي.علم لائبريري سائنس ۾ انفارميشن/ اطلاعات جي هڪ اهم خاصيت هي به آهي تهڪنهن به تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ خاص ميدان سان لاڳاپو رکندڙ مضمون بابت باخبر رکڻ  ۽ بلڪل جديد معلومات تڪڙي انداز ۾ مهيا ڪرڻ آهي.
اطلاعات (Information) ۽ حوالا (Reference) ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظه آهن، مکيه فرق ٻنهي ۾  صرف هي آهي ته حوالي واري خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ لفظه سڌو سنئون مواد ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي يا وري هن کي لائبريريءَ جي ذريعن استعمال ڪرڻ بابت ٻڌائيندو آهي. ان کان علاوه لائبريري ٿملو حوالي وارن ڪتابن يا سيڪشن طرف اشارو ڪري ٻڌائيندو آهي ۽ اطلاعاتي خدمت ۾ لائبريري عملو صحيح معلومات مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.اطلاعاتي خدمت جي هڪ اهم ڳالهه هي به آهي ته مطالعو ڪندڙ يا محقق ڪٿي ڪنهن ڳالهه ۾ منجهي ويو آهي  ۽ کيس معلومات جو به اندازو  آهي، مگر جنهن لائبريري ۾ هو مطالعو ڪري رهيو آهي، اها لائبريري تمام ننڍي آهي  ۽  هن جي مدد ڪرڻ کان  قاصر آهي  ڇو جو  ان  ۾  اهو  گهربل مواد  ڪونه  آهي ته اهڙي حالت  ۾ لائبريري  عملو   Inter Library Loan  جي بنياد تي ٻين ڀر وارن ڪتبخانن مان اهو گهربل ڪتاب يا مواد محقق کي پنهنجي لائبريريءَ ۾ گهرائ موجود ڪري ڏيندو آهي. ان کين علاوه اطلاعات جا بنيادي ذريعا ٻيا به آهن، جن جي ذريعي ڪتبخانو هڪ تحقيق ڪندڙ يا عام پڙهندڙ کي هر ممڪن معلومات پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن جن ۾

Periodicals, Newspapers, Guides, Serials, Pamphlets, Cuttings of newspapers, Bibliography, Indexes, Encyclopedias, Dictionaries, Maps, Atlases  etc                               اچي وڃن ٿا، ان کان سواءِ هن وقت سائنس جي حيرت انگيز ايجادن جهڙوڪ ٽي وي، ريڊيو، فلم، مائڪروفلم، ٽيپ ريڪارڊر، وڊيوز، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ وغيره پڻ معلومات پهچائڻ ۾ انقلابي تبديليون آنديو آهن.
سائنس (Science) : هي لاطيني زبان جي لفظه Seire مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي! ڄاڻڻ، علم رکڻ يا خبر رکڻ. هن اعتبار کان ڪنهن به شيءِ جي يا حقيقت جي ڄاڻ سائنس آهي. هتي سائنس لفظه علم رکڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.اهڙيءَ طرح لائبريري سائنس جو علم جيصڪو لائبريري جي جملي فني ۽ تنظيمي امورن تي بحث ڪري يا اهو علم جيڪو لائبريريءَ کي بحث هيٺ آڻي تنهن کي لائبريري سائنس چئجي ٿو. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾  سائنس جي هيئن تشريح ڪئي وئي آهي. ” حقيقت جي ڳولا ۾ ڪنهن مقرر گس سان، اڳيان وڌڻ جي وسيلن جو مطالعو ۽ ان نئين رستي جي ذريعي ڳولا ( تحقيق ) جي لاءِ عام اصولن جي مطابق پوري اعتماد سان اڳيان وڌڻ.
وبسٽرن ڊڪشنريءَ ۾ سائنس جون ٻه وضاحتون ٿيل آهن: هڪ. ” تجرباتي مطالعي جو سلسليوار علم جن جي اصولن کي مرتب ڪرڻ لاءِ تجربي جي ذريعي علم حاصل ڪيو ويو هجي.
ٻئي: ”مطالعي يا معلومات جي هڪ شاخ کي خاص طور حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي سلسليوار مرتب ڪرڻ.“
روز بروز ترقي ڪندڙ سماج لائبريريءَ جي ڪم جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري لائبريري يا علم لائبريري سائنس ٽن مکيه ڳالهين سان واسطو رکي ٿي.
·        ڪتاب اطلاعات جا ذريعا آهن
·        ڪتابي ۽ غير ڪتابي مواد جو صحيح ۽ ترت استعمال
·        انهن سڀني شين جي استعمال مان سماجي،تعليمي نتيجن ۽ فائدن جي حاصلات ٿئي
         انهن مٿين ڳالهين جي ڪري علم لائبريري آرٽ به آهي ته سائنس به آهي، ڇو ته سندس طريقڪار ٿيوريٽڪل ۽ پريڪٽيڪل آهي، سندس عملي پهلو هن علم جي بنيادي ڄاڻ ٽيڪنيڪ ۽ مهارت تي مشتمل آهي ۽ سندس ٿيوريٽڪل پهلو اطلاعاتي خدمتن جي سڌاري لاءِ رهبر بنجي هڪ موثر ڍانچو فراهم ڪري ٿو.
لائبريري سائنس کي دور حاضر ۾ لائبريري ۽ انفارميشن سائنس Library & Information Science
سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو حاصل مطلب مطالعي ڪندڙ جي رهنمائي ڪرڻ آهي بلڪ ڪنهن حد تائين اهو ناممڪن پڻ آهي ڇو ته هن مقصد ۾ علم جي پوري ڄاڻ، حفاظت، ترتيب ۽ تنظيم کي علم جي رسائيءَ جي لائق / قابل بنائڻ آهي، انهيءَ ڪري هن کي مڪمل علم سائنس جي هڪ شاخ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪتابن، ڪتبخانن جي تاريخ، طباعت و اشاعت ، درجا بندي، ڪئٽالاگ، تنظيم،تحقيق ۽ ايجاد جو طريقو، دستاويز، معلومات ۽ حوالي جي خدمتن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوهٰ هن ۾ ڪتابي مواد جي انتخاب جو طريقو، ان جي حفاظت، ان جي استعمال جو طريقو، ڇپائيءَ جو فن ۽ ڪتابيات مرتب ڪرڻ جا طريقا ۽ اصول هن علم ۾ شامل آهن.
مٿين سڀني  ڳالهين کي سمجهندي ۽ محسوس ڪندي هندستان ۾ لائبريري سائنس جي ابي پروفيسر ڊاڪٽر رنگاناٿن  ان تعليم/ علم جا هڪڙا پنج اصول مرتب ڪيا آهن جيڪي هيٺين ريت آهن.

1.     ڪتاب استعمال جي لاءِ             Book are for use(not for preservation)                           
2.     هر پڙهڻ واري لاءِ ان جو ڪتاب مليEvery reader his book                    
3.     هر ڪتاب کي ان جو پڙهڻ وارو مليEver book it’s reader                      
4.     پڙهندڙ جي وقت جي بچت ٿئيSave the time of reader                       
5.     ڪتب خانو هڪ ترقي پذير/وڌندڙ ادارو آهيLibrary is a growing organism
    
  اهڙيءَ  طرح ڪتب خانن ۾ ويهي پڙهڻ سان ذهني قوت وڌندي آهي، صلاحيتون زندگي پائينديون آهن، تخليقي قوتون اڀري جوان ٿي ڪري قومي ترقي ۽ تعمير ۾ ڀرپور حصو وٺنديون آهن. هتي عام ماڻهن جو ذاتي ڪردار ۾ سڌار اچي ٿو ۽ پورو سماج سنوار جي، سينگار جي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين علمن سان گڏ اسان وٽ ان جي اهميت کي محسوس ڪندي سنڌ جي مهان اداري  سنڌ يونيورسٽي،ڪراچي يونيورسٽي ۽ ملڪ جي ٻين ادارن ۾ ان جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ائين هي علم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو.      

8.07.2019

My poetry


محمد يوسف جويو
10.6.2015
(1) لڪيءَ جي پهاڙن ۾ (نظم)
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
جبل جي پاڙن ۾
ڦٽي نڪرندڙ پاڻي
هيٺ ڌارا ڪري وهي ٿو
جو ڦٽ ڦرڙين لاءِ اڪسير آ
ماڻهن جي تقديرآ
ڇوٽڪاري جي ڪا تدبير آ
هت ”شِو مندر“*1
هت ”تيرٿ بندر“*2
هت سهڻو ” شاهه صدر“*3
هي ڌرتي پاڪ پوتر
هت جبل ۾
 ڪي راز آهن،
ڇپيل ڪي ساز آهن
هن جبل چوٽيءَ تي
ڪي مڙس مٿير هئا
جن چوٽون کاڌيون
 ۽ سينو ساهي
ڌرتيءَ کي موٽ ڏني
غارن مان نڪري
وڏا وار ڪيا
۽ وارن مٿان وار ڪيا
جو اڻ موٽ هئا
پر!
تاريخ ۾ ڪي خار به ٿيا
پنهنجن مٿان مار  ٿيا
پر هي به مڙس مٿير هئا
۽ رکِي هئي جنگ جاري
هنن وڙهندي ڇپندي
ڇپندي وڙهندي
جبلن جي مٿان ڪي داستان لکيا
۽ پنهنجا ڪي آستان ڇڏيا
”بزڻ جا غار“*4
۽ ڪي ڪوٽ قلعا*5 ڇڏيا
ميدان ۽ سنڌو ڪنارا ڇڏيا
لڪيءَ جي لڪن ۾
 اڻ مٽ نشان ڇڏيا
جبل جي پاڙن ۾
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
----------------------------
*1  جبل ۾ وهندڙ چشمي يا ڌارڻ ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ ننڍو شِو مندر ٺهيل آهي، جيڪو هاڻ اجڙيل آهي.
*2  لڪي ڳوٺ جيڪو ان وقت هڪ ننڍو شهر هوندو هئو سو ان کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي وهندڙ سنڌو دريا تي هڪ پتڻ ٻيڙين جو بندر هو، جيڪو ماڻهن کي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچائڻ جو ڪم ڏيندو هئو.
*3  لڪياري سيدن جو وڏو بزرگ هستي شاهه صدر جي درگاهه آهي. جنهن  جي پٺيان هي سيد لڪياري سڏجن ٿا.
*4  لڪي  کان ڏکڻ طرف چار يا پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جبل جي بلڪل پاڙن ۾ ڪجهه غار آهن جن ۾ هڪ کي بزڻ جو غار ڪري سڏجي ٿو.تاريخ ۾ آهي ته هتان سنڌ دشمن ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين ڦورو لٽيرن جي قافلن تي ڇاپا مار جنگ جي وسيلي، انهن جي ٺٽي کا سيوهڻ اچڻ وڃڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي حملا ڪندا هئا ۽ پوءِ وري انهن غارن ۾ سنڌي گوريلا لِڪِي وڃي پناهه وٺندا هئا. نوٽ  هاڻي اتي ڇاوڻي ٺهي رهي آهي.
*5  چيو وڃي ٿو ته هت لڪي شهر وٽ ڪو ڪنهن وقت چوڪيءَ خاطر هڪ ننڍو قلعو جوڙيل هوندو هو، رني ڪوٽ پڻ ان جو سلسلو ئي آهي.

(2)  محمد يوسف جويو
10-6-2015
ڌاريو آواز.....(نظم)
رني ڪوٽ جي ڪور تي
ڪو بگهڙ اوناڙ ڪري ٿو
۽ اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾
ڀڙڪو ڏئي چٻرو چرڙاٽ ڪري ٿو
تڏهن وري
چوڏينهن جِي چانڊوڪيءَ ۾
ڪو چڪور اڀ ڏي اڏري ٿو
هيٺ واڙ ۾
ستل ناريءَ سان
ٻار ڇرڪ ڀري روئي ٿو
۽ڪتن جي باهوڙ تي
پوڙهي لٺ کڻي هڪل ڏني!
ڪهڙو آهين؟
ٺا ٺا ٺا ٺا .......
سچو ڪوٽ ٻري ٿو
۽ تاريخ جو پڙاڏو وري موٽ کائي
رڙ ڪري چوي ٿو
نه ويو آهين...
ڪهاڙيءَ جو چمڪاٽ
گولين جو مينهن
۽ پوءِ
ڌاريو آواز
ٺا ٺا ٺا ........
  

(3)  محمد يوسف جويو
16-5-2015
او قاتل
او قتل
تو مارين ڇو ٿو
تون چاهين ڇا ٿو
هي ڪير
هو ڪير
اهي سڀ انسان آهن
تون به ته انسان آهين
او قاتل... تون مارين ڇوٿو
هن کي گولي
هن کي گولي
هي سڀ مقتل جا راهي
تون به مقتل جو راهي
او قاتل...تون مارين ڇو ٿو
مري انسان
ماري انسان
تون ڪهڙو آن انسان
مارين پيو هر انسان
او قاتل...
تون چاهين ڇا ٿو
تون مارين ڇو ٿو