محمد يوسف جويو
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي سورمن
۽ ساڃانهوندن بزرگن سنڌ جي قومي تشخص ۽ الڳ سڃاڻپ لاءِ هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي ۽
ڪن خاص دورن ۾ ته ڊگهيون تحريڪون هليون آهن جئين عرب قبضاگيرن سنڌ تي سترنهن حملا
ڪيا پر پوءِ به ڪامياب نه ٿيا ۽ آخر ۾ وڃي محمد بن قاسم جي آخري حملي ۾ سنڌ تي
قبضو ڪيائون، ان کان علاوهٰ شهيد مخدوم بلاول جي اڳواڻيءَ ۾ بلاولي تحريڪ، صوفي
شاهه عنايت جي اڳواڻيءَ ۾ مغل حڪمرانن ۽ سنڌ جي ذميدارن ۽ جاگيردارن جي خلاف ۽ سنڌ
جي غريب پورهيت هارين جي حمايت ۾هڪ عالمي نعري “ جو کيڙي سو کائي” هيٺ تحريڪ
هلائي، ۽ حر تحريڪ جيڪا پير پاڳارن جي اڳواڻيءَ هيٺ انگريز سامراج جي طرفان سنڌ تي
قبضا گيريءَ خلاف هڪ ڊگهي گوريلا جنگ ڪئي ۽ تحريڪ هلائي.
انهن تحريڪن جو بنياد جيڪڏهن ڳولجي ته اسان کي
پهرين ۽ بنيادي تحريڪ “بلاولي تحريڪ” نظر ايندي جيڪا سنڌ جي هڪ وڏي بزرگ ۽ عالم
مخدوم بلاول جي اڳواڻيءَ هيٺ هلي، جيڪا پوءِ اڳتي هلي تاريخ ۾ بلاولي تحريڪ جي
نالي سان مشهور ٿي.هن تحريڪ ۾ نه رڳوفرد هئا پر خاندانن به پنهنجون قربانيون
ڏنيون، انهن خاندانن ۾ سن جي سيدن جو خاندان پڻ هڪ آهي. هي سنائي خاندان هميشه
مزاحمتي رهيو آهي پر هن جي مزاحمت هميشه ڏاهپ سان ڀريل قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ
لاءِ رهي آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان شاعبداللطيف ڀٽائيءَ کان ويندي
مٽياري ساداتن جي نکُ مان نئين سنڌ جو مفڪر سائين جي ايم سيد جيڪو پڻ شاهه حيدر
سنائي ءَ جي ڪٽنمب مان آهي، تنهن به ڏاهپ سان ڀريل قوم ۽ وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ
لاءِ سياسي ۽ نظرياتي مزاحمت ڪندي قيد جي حالت ۾ ئي وفات ڪئي. هت باغي ۽ مزاحمت
ڪندڙن ۾ فرق آهي، باغي اهو هوندو آهي جيڪو ڪنهن ڌر سان يا ڪنهن فڪر سان لاڳاپيل
هجي ۽ پوءِ هو ان ڌر کان يا ان فڪر کان ڪو به سخت اختلاف ڪري ڌار ٿي وڃي ۽ ان جي
مخالفت ۾ هڪ زبردست محاذ کڙو ڪري يا پنهنجو الڳ ڪو گروپ يا جٿو ٺاهي، پنهنجو ڪو
نئون فڪر ڏئي ان کي ڦهلائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ته ان کي باغي چئبو آهي. پر مزاحمت اها
آهي جو جيڪڏهن ڪو ڌاريو ماڻهو يا ڪا ڌر ٻاهران ٻاهران ڪو نئون نظريو کڻي ان کي
طاقت جي ذريعي ماڻهن تي لاڳو ڪري يا طاقت جي بنياد تي اچي ماڻهن تي حڪمراني ڪن ته
پوءِ ڪو مرد مجاهد انهن جي سامهون اٿي کڙو ٿي انڪار ڪري ۽ ان جي طريقيڪار يا عمل کي
للڪاري ته ان کي مزاحمت چئبو آهي. سو مٽياري ساداتن جو هي بهادر سيدزادو شاهه حيدر
سنائي به هڪ اهڙو مزاحمتي ڪردار آهي، جيڪو ان وقت هلندڙ بلاولي تحريڪ جو هڪ سرگرم
اڳواڻ طور مخدوم ميران محمد جونپوري جي ڪوڙي“مهدوي ” هجڻ جي دعويٰ جي آڏو بيهي
انڪار ڪيو۽ مزاحمت ڪئي، پنهنجي وطن سنڌ کي مذهبي فرقيواريت جو اوندهه کان بچائي
ورتو. اهڙيءَ طرح هن بزرگ هستيءَ ارغونن۽ ترخانن جي حڪمرانيءَ جي خلاف به هن جو
مزاحمتي ڪردار رهيو آهي جيڪو تاريخ ۾ واضح طور بيان ڪيل آهي. سنڌ جو ڏاهو
عبدالواحد آريسر پنهنجي هڪ مضمون ۾ شاهه حيدر سنائيءَ لاءِ لکي ٿو ته “شاهه حيدر
سنائي، سن شهر جو رهندڙ هو، هو ٻارهن ورهين جي عمر ۾شهيد مخدوم بلاول جي خدمت
۾حاضر ٿي، کائن علم، ادب، حديث ۽ تفسير جو علم حاصل ڪندو رهيو، پاڻ عالم، فاضل
نهايت بهادر ۽ محبِ وطن انسان هو. سندس حب الوطنيءَ جو مشهور واقعو هن ريت آهي ته:
ميران محمد جونپوريءَ نالي هڪ عالم مهدي هجڻ جي دعويٰ ڪئي، جيڪو پنهنجي مريدن جي
وڏي لشڪر سان اچي سنڌ ۾ وارد ٿيو ۽ پنهنجي مسلڪ اسلامي اتحاد جي تبليغ شروع ڪئي.
ان وقت جي اسلامي اتحاد کي اڄ جي جديد اصطلاح ۾ پين اسلامزم چيو وڃي ٿو. سندس ان
دعويٰ جي مخدوم بلاول جهڙي جيد عالم ۽ سنڌ جي ٻين عالمن سخت مخالفت ڪئي ۽ سيد حيدر
شاهه سنائيءَ به سندس کلي مخالفت ڪئي. ان جي باوجود جڏهن ميران محمد جونپوري ساٿين
سان ٻيڙين جي قافلي ۾ سن شهر وٽان درياهه مان لانگهائو ٿيو ته سن جي حق پرست عالم
سيد حيدر شاهه سنائيءَ ساڻس سن وٽ درياهي جنگ ڪري سندس ٻيڙيون ٻوڙائي ڇڏيون ۽
ميران محمد جونپوري ڪجهه ساٿين سميت پنهنجو سر بچائي، سنڌ مان نڪري ڪابل افغانستان
ڀڄي ويو.”
. هن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ سيد ڇتن شاهه
جيڪو سائين حيدر شاهه سنائيءَ جو پڙپوٽو هيو انهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته انگريزن
جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ان وقت انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ لاءِ ۽ سندن آنڪي ڀريندي
موقعي پرست ۽ غدار پيرن، وڏيرن، سردارن ۽ ننڍن وڏن زميندارن انگريز درٻار جي حاضري
ڀريندا رهيا، پر هي درويش سيد ڇتن شاهه انگريزن جي درٻار ۾ وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ ان
جي نتيجي ۾ انگريزن جي طرفان هن کي ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيو
ويو. اهو به هڪ مزاحمت جو روپ آهي جو هن جو چوڻ هو ته “جي ڪڏهن وڙهي نه ٿا سگهون
ته ان ظالم انگريز سامراج جا ڀرجهلا به نه ٿيون بلڪ پنهنجي افاديت ۽ قومي سڃاڻپ
برقرار رکڻ لاءِ اٽل رهون ۽ پنهنجي اصل روايت کي قائم رکون” اهو بلاولي تحريڪ جو
اثر هو، جيڪو هن درويش پنهنجو ظاهر ڪيو.
شاهه حيدر سنائي جي ولادت 875هه بمطابق 1470ع ڌاري
مٽيارين ۾ ٿي. پاڻ عربي ۽ فارسي جا سند يافته عالم ۽ حفظِ قرآن هئا. سندس وفات 4
شعبان 936هجري بمطابق اپريل 1530ع تي ٿي. هرسال ان تاريخ تي ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس
ٿيندي آهي جنهن جو انتظام سندس پونيئر يعني سائين جي ايم سيد جي خاندان وارا ڪندا
آهن.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں