2.28.2017

ڏاهر ناول هڪ تاريخ جو اولڙو

محمد يوسف جويو

تاريخ هميشه قصن، ڪهاڻين، روايتن ۽ قديم آثارن مان ئي اسان کي معلوم ٿئي ٿي، ۽ خاص طور تي سنڌ جي سچي تاريخ ته ڪنهن به ڪتاب ۾ ملي ئي ڪونه ٿي، بس جيڪا به ملي ٿي سا ڪنهن نه ڪنهن درٻاريءَ جي ئي لکيل آهي. پر هي دور سجاڳيءَ جو آهي، تحقيق جو آهي ۽ اسان جو نوجوان ان کان باخبر آهي. ڇو جو اڄ جو لکيل پڙهيل ماڻهو سوچي ٿو ۽ ان تي وڏيءَ دليريءَ سان قلم کڻي ٿو. هي ناول به هڪ اهڙي ئي ڪوشش آهي. ڪليم ٻٽ اهو نوجوان ليکڪ آهي، جيڪو تاريخ کان واقف آهي ۽ ان تي قلم کڻي وڏي جرئت سان تاريخي حقيقت کي بيان ڪري ٿو.


ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ ڪنهن تقريب ۾ پنهنجي ڪتاب جو حوالو ڏيندي چيو هو ته “ اسان کي تاريخ ۾ اهو پڙهايو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي اچڻ سان هت سڀ کان پهرين اسلام آيو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان پهرين اسلام اچي چڪو هو، ۽ محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو صرف پنهنجي سلطنت کي وڌائڻ هو ۽ هتان جي دولت کي لٽڻ هو. بس ٻيو ڪجهه به نه هو. پر افسوس آهي جو اڄ تائين اسان کي تاريخ غلظ پڙهائي پئي وڃي.” ڪليم ٻٽ جو ناول “ڏاهر” به هڪ اهڙي حقيقت تان پردو کڻي ٿو، هي ناول هڪ منفرد انداز ۾ لکيل آهي. ناول 109 پيجن تي ڦهليل، هي جاسوسي اسٽائيل ۾ لکيل هڪ ننڍو ناوليٽ آهي. پر هن هڪ دور کي، هڪ تاريخ کي، پروفيسر جي ڪردار جي ذريعي جيڪو هڪ راز جي کوج ۾ هوندو آهي ته عرب دور ۾ سنڌ جي فتح ٿيڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ ۽ اهو سڀ راز هڪ عرب جي لکيل دستاويزن مان ان کي ملي ٿو. سو ليکڪ هن ناوليٽ اها سموري حقيقت اسان جي آڏو آڻي، اسان جي نئين نسل کي صحيح تاريخ کان واقف ڪري ٿو. راجه ڏاهر سنڌ جو اهو بادشاهه هو جنهن جي دور ۾ عربن سنڌ تي سترنهن حملا ڪيا، نيٺ هڪ حملو نوجوان عرب محمد بن قاسم جيڪو ڪوفي رياست جي گورنر حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو هو، تنهن آخري حملو ڪندي سنڌ تي قبضو ڪيو. راجه ڏاهر ان حملي ۾ مارجي ويو ۽ ان کان پوءِ عربن جو دور شروع ٿي ويو. چوندا آهن ته ليکڪ ڏاڍا حساس ٿيندا آهن ۽ هنن تي حالتن جو گهرو اثر ٿيندو آهي. جيئن هندستان جي وڏي ليکڪ ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ ورهاڱي جو گهڻو اثر محسوس ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ساحر لڌيانوي، مڪسيم گورڪي ۽ اهڙن ٻين کوڙ ليکڪ آهن جن تي اتان جي حالتن پنهنجا پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. ناوليٽ کي پڙهڻ سان اسان کي اهو صاف محسوس ٿيندو ته ڪليم ٻٽ تي پڻ تاريخ پنهنجا اثر ڇڏيا آهن ۽ ان جو نتيجو هي ناوليٽ آهي.

ناول جي ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي مهان راجه ڏاهر جي رنگين تصوير ڇپيل آهي ۽ هي نئون نياپواڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ مان هن سال يعني 2015ع جي پهرئين مهيني ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. ناول جي ارپنا ۾ ليکڪ لکي ٿو“ پنهنجي ابي ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ ۽ وڏي ڀاءُ محمد عثمان ٻٽ جي نانءُ جن مون کي ڪجهه نه منجهان اهو ڪجهه بڻايو، جيڪو آئون اڄ آهيان.” ها هن ليکڪ جي ارپنا به پنهنجي ناول جيان هڪ حقيقت آهي، ڪليم جو والد هڪ سنڌ جو مڃيل ڏاهو ۽ وڏو اسڪالر آهي، جنهن جا سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي لائبريرين جي تاريخ تي بهترين ڪتاب لکيل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سٺي لِکاري اعجاز منگيءَ لکيو آهي. هن ناول جي پڙهڻ کان پوءِ اسان هن نوجوان مان اميد ڪريون ٿا ته هاڻ اسان پنهنجي تاريخ صحيح پڙهنداسين.




کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں