محمد يوسف جويو
گوئٽيءَ جي ڪتاب ”فاسٽ“ جي سنڌي ترجمي جو تعارف
گوئٽي جڳ جي مشهور ۽ نالي وارن ڏاهن، ليکڪن ۽ فلاسافرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. سنڌ جي ادب۾ جڏهن به ٽئگور، ڪاليداس، رومي، شيڪسپيئر ۽ شاهه لطيف جو ذڪر ايندو تڏهن اتي گوئٽي جو ذڪر لازمي ايندو، گوئٽيءَ جو سنڌي ادب ۾ اچڻ، فاسٽ ناٽڪ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي ناليواري اديب ۽ وڏي ڏاهي، صوفي منش مانواري ڄيٺمل پرسرام گلراج 1922ع ۾ ڪيو ۽ پنهنجي ئي پريس بلوٽسڪي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي گوئٽيءَ جو سنڌي ادب ۾ ترجم جي ڪتابن ۾، شاندار ترجمي جو ڪتاب آهي.
مترجم جو تعارف: ڄيٺمل پرسرام گلراج، جنهن کي گلراجاڻي به چون ٿا سو هي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ 1885ع۾ جنم ورتو ۽ 1984ع۾ بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪئي. هي سنڌ جو صوفي منش، اديب، شاعر، محقق، فلاسافر، صحافي ۽ سماج سڌارڪ رهيو آهي. ڄيٺمل پرسرام گلراج جا چاليهن کان مٿي ڪتاب لکيل آهن جن ۾ ”صوفي مت“، ”شاهه جون آکاڻيون، شاهه جي زبان ۾“، ”سچل سرمست“، ”صوفي سڳورا“، ”صوفيز آف سنڌ (انگريزي)“، ”موت آهي ئي ڪونه“ ۽ ”آنند دربار“ وغيره شامل آهن. ان کان علاوهٰ هن جا ترجما جن ۾ ”شيڪسپيئر جي شعري ۽ سندس مشهور ڪتاب هئمليٽ يا گوئٽيءَ جي فاسٽ“ جو هي سنڌي ترجمو وغيره شامل آهن. هي بهترين اخبار نويس رهيو آهي، هي پهرين ”ڀارت واسي“ اخبار ڪڍندو هو، ان کان پوءِ ”سنڌ واسي“ اخبار جاري ڪيائين، ماهوار رسالو ”روح رهاڻ“، هفتيوار ” سنڌ هيرالڊ“ ۽ ” پرڪاش“ اخبار ڪڍيائين. ان کان علاوه هن ”سنڌي ساهتيه سوسائٽي“ ۽ نئين سنڌ لائبريري“ 1922ع ۾ قائم ڪيون ۽ حيدرآباد ۾ بلوٽسڪي پريس (Blavatsky Press)1911ع ۾ پڻ قائم ڪئي.۽ ان ذريعي چڱو وڏو ذخيرو ڪتابن جو ڇپائي پڌرو ڪيو. جن ۾ سنڌ جي وڏن ليکڪن جهڙوڪر مرزا قليچ بيگ، علامه علي خان ابڙو وغيره شامل آهن. هي زيرِ نظر ڪتاب ” فاسٽ“ اصل ۾ جرمنيءَ جي مشهور فلاسافر ۽ اديب گوئٽي جو ”ناٽڪ“ صنف ۾ لکيل آهي، جنهن جو ترجمو ڄيٺمل پرسرام گلراج پاڻ ڪيو ۽ پهرين پنهنجي ئي پريس بلوٽسڪي، حيدرآباد مان سڀ کان پهريون ڇاپو پڌرو ڪيو. هي ناٽڪ جو پهريون ڀاڱو، 23 بابن يا ايڪٽ تي مشتمل آهي، هي ڊيمي سائز ڪتاب 164 صفحن تي، صاف سٺي ڇپائي ۽ پڪي جلد بندي سان جوڙيل ڪتاب جي قيمت هڪ رپيو چار آنا آهي.
ليکڪ جو تعارف: گوئٽي جو پرو نالو جان وولوگئنگ گوئٽي (Johann Wolfgang Goethe) آهي. هي سال 1749ع ۾ جرمني ملڪ جي فرئنڪفورٽ (Frankfurt) شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات 1832ع ۾ 82 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. هي شاعر، ناولسٽ، ڊرامانگار، فلاسافر ۽ گهڻ طرفي علم رکندڙ دنيا جو ڏاهو انسان ٿي گذريو آهي. سندس مشهور ڪتابن ۾ سڀ کان اول نمبر تي هي ناٽڪ ”فاسٽ“ آهي. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ” گوئٽي جو من ننڍي هوندي کان ئي اڀياس ڏي مائل هو ۽ گهر جي ڪنڊن ۾ پيو گذاريندو هو. هو مٿي ماڙيءَ تي عمدي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويهندو هو ۽ پيو ڪتاب پڙهندو هو. فرئنڪفورٽ جو شهر مين نديءَ تي اڏيل آهي، هي نديءَ جي پل تي ويٺو فطرت جا نظارا پيو پسندو هو، هن علم به قسمي قسمي جا پڙهيا ۽ ان سان گڏو گڏ هي فطرتي علمن جو ڄاڻو ۽ اعليٰ حسن پرست هو.“
جرمن حڪومت پنهنجي هن فلاسافر جو قدر ڪندي هن جي نالي تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجا علمي ۽ ثقافتي ادارا گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي نالي تي قائم ڪيا آهن. اسان جي سنڌ ۾ پڻ هي ادارو 1965ع کان ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
فاسٽ (Faust) ناٽڪ جو تعارف: هي فاسٽ اصل ۾ ناٽڪ صنف ۾ لکيل آهي. جنهن جا ڪردار پاڻ ۾ ڳالهائن ٿا. جن ۾ هڪ وڏو ڪردار فاسٽ شخص جو ۽ ٻيو ميفسٽو شيطان جو آهي. فاسٽ نالي هڪ فلاسافر جنهن دنيا جي علمن جي ڄاڻ ورتي۽ ان سان گڏ هن جادوءَ جي علم تي به عبور حاصل ڪيو، جنهن جو هن ڪتاب ۾ مرڪزي طور ذڪر ڏنل آهي. ٻيو ڪردار آهي ميفسٽو هي وري شيطان جو ڪردار آهي جيڪو هر وقت انسان کي پيو ڀلائي ۽ ٿيڙي پيو، ائين سمجهو ته هن ناٽڪ ۾ حق ۽ ناحق جي هڪ وڏي ويڙهه آهي. هي ڪتاب پر مغز ويڙهه جو ميدان آهي پر آخري فتح نيڪ ماڻهن جي ٿئي ٿي. هن ناٽڪ جي ڪهاڻي عجيب آهي جنهن ۾ انسان جي اندر جي دل ۽ دماغ تي عجيب اثر ٿين ٿا ۽ ماڻهو کي پاڻ سڃاڻڻ جي سوچ پيدا ٿئي ٿي. هن کي پڙهڻ سان انسان جي اندر ۾ لڙائيءَ جو طوفان کڙو ٿئي ٿو، سچ ۽ ڪوڙ، حقيقت ۽ باطن جي پهچان ٿئي ٿي، هي اعليٰ انسان جنهن کي اشرفالمخلوق پڻ چون ٿا، جيڪو هر وقت جهادِ اڪبر ۾ مصروف رهي ٿو. اها حق ۽ ناحق جي جنگ جيڪا ازل کان جاري آهي ۽ جاري رهندي. ان جو خلاصو هن ناٽڪ ۾، بهتر نموني ۾ ڏنل آهي. هي فاسٽ ناٽڪ جو پهريون ڀاڱي جو ترجمو آهي جيڪو گوئٽي ويهن سالن ۾ مڪمل ڪري ڇپايو هو ۽ ٻيو ڀاڱو وري ٻاهٺ سالن جي ڄمار ۾ مڪمل ڪري ڇپايائين، سندس عمر ڪل 82 وريهه هئي ۽ هن ناٽڪ کي لکندي گوئٽي کي ڪل ٻاهٺ سال لڳا. ڄڻ هن پنهنجي سڄي حياتيءَ جو علم، تجربو،مطالعو ۽ مشاهدو بلڪ پنهنجي عمر جو سڄو نچوڙ هن ناٽڪ جي نظر ڪري ڇڏيو. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي هن ڪتاب جو نهايت عمدو ترجمو ڪيو آهي، پر جيئن ته وقت ۽ حالتن جي لحاظ سان ۽ علم سائنس جي ترقيءَ سان، ٻوليءَ ۾ نوان لفظ اصطلاح ۽ محاورا شامل ٿيندا ويا آهن، ٻولي ترقي ۽ ارتقا جي مرحلن ما گذرندي آسان فهم ٿيندي وئي آهي، تنهن ڪري منهنجي صلاح اها آهي ته هن ڪتاب فاسٽ ناٽڪ کي پڻ ٻيهر آسان فهم ۾ آڻي ڇپائجي ته بهتر ٿيندو ۽ اهو هن وقت جي ضرورت جي عين مطابق پڻ آهي.
حوالا:
1.ٻٽ،الهرکيو. سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي مختصر تاريخ. حيدرآباد. گلشن پبليڪيشن 1995ع. 148،142۽106 ص.
2. سيد، جي ايم. جنب گذاريم جن سين. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2004ع. 412۽418 ص
3. وڪي پيڊيا
4. فاسٽ 1922ع
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں