2.28.2017

صحبتي ڪچهري ؛ فطري رهنمائي

صحبتي ڪچهري

فطري رهنمائي
خدابخش جويو

قدرت “شام” جي پهر ۾ عجيب ڪيفيت رکي آهي. گرمين ۾ جتي سڄو ڏينهن گرم هوائون لڳن ٿيون، انسان وقتي طورپنهنجي بت مان بيزار ٿئي ٿو پر جڏهن سج لڙي ٿو ۽ گرم هوائن ۾ ڪجهه گرمائش گهٽ ٿئي ٿي ته وڻندڙ ماحول ٿيو پوي. ان ويل جڏهن پکي پنهنجن آکيرن ۾ واپس پئي ٿيا ۽ سج اولهه ۾ گروپ پئي ٿيو .ته حسب دستور دوستن هڪ ٻئي سان ڪچهريءَ لاءِ ٽيليفون تي رابظو ڪيو. اڄ اهڙو اتفاق ٿيو جو اسين سڀئي وڃي محمديوسف جي ٺڪاڻي تي پهتاسين. سندس گهر کي کڙڪايوسين سندس پٽ ٻاهر نڪري آيو چيائين ته بابا ته آهي ئي ڪونه . ڊاڪٽر اشوڪ کانئس پڇيو ته هن مهل ڪيڏانهن ويو هوندو. چيائين اها ته مون کي به خبر ناهي. اسين پاڻ ۾ چار ڄڻا هئاسين. ڊاڪٽر اشوڪ، محمد يوسف کي ٽيليفون لڳائي. پڇيائينس ته بادشاه ڪهڙي ملڪ ۾آهيو اسين ته اوهان جي تڏي تي آيا آهيون. هن جواب ۾ چيو ته مان ڄامشورو ڦاٽڪ تي ڪم سانگي آيو هئس، اوهان ڀلي ٻاهر ڪرسيون ڪڍرائي ويهو . بس ڄاڻ پهتس. سندس پٽ اسان کي ڪرسيون ڪڍي ڏنيون.

محمد ابراهيم جويو صاحب جو ڪتبخانو

محمد يوسف جويو



سنڌ جو عظيم ڏاهو ، دانشور ، فلاسفر ۽ اديب محمد ابراهيم جويو صاحب جي شخصيت ڪنهن کان به ڳجهي ڪانه آهي. هي هڪ کليل ڪتاب آهي، هن جي سڄي حياتي ڪتابن لکڻ، پڙهڻ، سيکارڻ ۽ راهه ڏسڻ ئي رهي آهي. هي بزرگ هستي، لطيف جي هن بيت جي اپٽار جيان آهي ته

هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ئي مرڪ

وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راهه ۾

هن شخصيت جي زندگي ڏک ڏاکڙا سهندي، برداشت ڪندي، اڳتي وڌندي رهي آهي. پر هن اڄ تائين ڪنهن کان به ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ نه وري ڪنهن کي ڪو ڏوراپو ڏنو آهي. هي ماڻهو پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ هميشه اڏول ۽ اٽل رهيو ۽ رهندو اچي ٿو. اهو به وقت هو،

ڏاهر ناول هڪ تاريخ جو اولڙو

محمد يوسف جويو

تاريخ هميشه قصن، ڪهاڻين، روايتن ۽ قديم آثارن مان ئي اسان کي معلوم ٿئي ٿي، ۽ خاص طور تي سنڌ جي سچي تاريخ ته ڪنهن به ڪتاب ۾ ملي ئي ڪونه ٿي، بس جيڪا به ملي ٿي سا ڪنهن نه ڪنهن درٻاريءَ جي ئي لکيل آهي. پر هي دور سجاڳيءَ جو آهي، تحقيق جو آهي ۽ اسان جو نوجوان ان کان باخبر آهي. ڇو جو اڄ جو لکيل پڙهيل ماڻهو سوچي ٿو ۽ ان تي وڏيءَ دليريءَ سان قلم کڻي ٿو. هي ناول به هڪ اهڙي ئي ڪوشش آهي. ڪليم ٻٽ اهو نوجوان ليکڪ آهي، جيڪو تاريخ کان واقف آهي ۽ ان تي قلم کڻي وڏي جرئت سان تاريخي حقيقت کي بيان ڪري ٿو.

شاهه حيدر سنائي ۽ بلاولي تحريڪ

محمد يوسف جويو


تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي سورمن ۽ ساڃانهوندن بزرگن سنڌ جي قومي تشخص ۽ الڳ سڃاڻپ لاءِ هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي ۽ ڪن خاص دورن ۾ ته ڊگهيون تحريڪون هليون آهن جئين عرب قبضاگيرن سنڌ تي سترنهن حملا ڪيا پر پوءِ به ڪامياب نه ٿيا ۽ آخر ۾ وڃي محمد بن قاسم جي آخري حملي ۾ سنڌ تي قبضو ڪيائون، ان کان علاوهٰ شهيد مخدوم بلاول جي اڳواڻيءَ ۾ بلاولي تحريڪ، صوفي شاهه عنايت جي اڳواڻيءَ ۾ مغل حڪمرانن ۽ سنڌ جي ذميدارن ۽ جاگيردارن جي خلاف ۽ سنڌ جي غريب پورهيت هارين جي حمايت ۾هڪ عالمي نعري “ جو کيڙي سو کائي” هيٺ تحريڪ هلائي، ۽ حر تحريڪ جيڪا پير پاڳارن جي اڳواڻيءَ هيٺ انگريز سامراج جي طرفان سنڌ تي قبضا گيريءَ خلاف هڪ ڊگهي گوريلا جنگ ڪئي ۽ تحريڪ هلائي.

2.26.2017

ذاتي يا نِجِي لائبريري جي اهميت

لائبريري يا ڪتبخانا عام طور چئن قسمن جا هوندا آهن، جن ۾ عوامي ڪتبخانو، تعليمي اداري جو ڪتب خانو، خاص يا مخصوص موضوع تي ڪتبخانو ۽ ملڪ جو قومي ڪتبخانو، ان کان علاوهٰ ڪي ٻيا به ڪتبخانا آهن، جيڪي سماج جي سڌاري ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جن ۾ ذاتي يا نجي ڪتبخانو پنهنجي هڪ خاص اهميت رکي ٿو.”ڪنهن شخص جي، گهر ۾، اوطاق ۾ يا الڳ ڪنهن جاءِ وغيره ۾ پنهنجِي ذاتي يا نِجِي لائبريري هجي، جنهن ۾ هن جا پنهنجا خريد ڪيل ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وغيره جو چڱو خاصو ذخيرو گڏ ڪيل هجي. جنهن مان هو پاڻ يا هن جا گهروارا مٽ مائٽ پڙهڻ جو فائدو وٺندا رهيا هجن تنهن کي ذاتي ڪتبخانو چئجي ٿو“.

دنيا ۾ موبائل فون ذريعي سنڌي ٻولي پاڙهڻ جو تعليمي طريقو

الائي ڪهڙي سمي ۽ الائي ڪهڙي نندوري قوم جي اسان جي قوم کي نظر لڳي وئي جو ورهاڱي کان پوءِ ته سنڌ ڏکن جو ڏول بنجي پئي آهي جو پئي ٿي ٽلڪي هاڻ ته وقت جي رسي سوڙهي ٿيندي پئي وڃي ۽ سنڌي قوم وڃي ٿي سسندي ۽ ختم ٿيندي ! سنڌي ٻوليءَ جي پٺيان ته ڏائڻون لڳيون پيون آهن، جو انهيءَ منهنجي مٺري ٻوليءَ کي وڌڻ ويجهڻ ئي نٿيون ڏين، بلڪ ان جي مارڻ لاءِ، ختم ڪرڻ لاءِ بنهه چئن ئي طرفن کان ڪات ڪهاڙا کنيون اسان جي ٻوليءَ جي پٺيان پٺيان پيون اچن. ان گهٽ ٻوسٽ ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ به پنهنجي قوم جي جياپي ، ترقي ۽ تعليم لاءِ ڪي جُنگ جوان آهن جيڪي ، پنهنجي منهن ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت، پنهنجي ڏات، صلاحيت ۽ اعتماد تي ڪم ڪن ٿا.